دائم الدين انڍڙ مفتي

دائم الدين انڍڙ، مفتي: مشھور عالم دين ۽ جماعت اسلاميءَ جو مرڪزي اڳواڻ مفتي دائم الدين انڍڙ 21 آگسٽ 1938ع تي ڳوٺ ستابي انڍڙ، تعلقي پني عاقل ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم پنھنجي ڳوٺ ۾، سنڌي فائنل قبي جامي لڳ رستم ضلعي شڪارپور مان پاس ڪيائين. ديني ۽ عربي تعليم دارالهدى ٺيڙهيءَ ۾ پڙهيو، جتان فارغ التحصيل ٿيڻ بعد ٺيڙهيءَ ۾ ئي مفتي رشيد احمد لڌيانويءَ سان گڏ نائب مفتي ٿي رهيو، بعد ۾ اتي ئي مفتيءَ جي منصب تي وڃي رسيو. 1961ع ۾ ’مدرسي اشاعة العلوم ڪنڊياري‘ ۽ 1963ع ۾ منصوره ۾ مدرس ٿيو. منصوره ۾ قيام دوران جماعت اسلاميءَ ۾ شامل ٿيو، 1970ع ۾ ضلعي سکر جو امير، 1980ع ۾ سنڌ صوبي جو نائب امير ۽ جنرل سيڪريٽري مقرر ٿيو. اهڙيءَ طرح کيس جماعت اسلاميءَ جي مرڪزي مجلس شورى جو تاحيات ميمبر مقرر ڪيو ويو. مفتي دائم الدين انڍڙ ڪجهه وقت جميعت علماءِ سنڌ ۾ بہ رهيو، رابطہ المدارس، العربيه جو 15 سالن تائين صدر بہ ٿي رهيو. هن 1985ع ۾ پني عاقل ريلوي اسٽيشن لڳ ڊاڪ بنگلي ويجهو درسگاھہ دارالعلوم قائم ڪئي، جنهن ۾ ديني ۽ دنياوي تعليم ڏني وڃي ٿي. مفتي دائم الدين انڍڙ کي جماعت اسلاميءَ پاران پني عاقل ۽ لکيءَ جي صوبائي اسيمبليءَ جي نشتن لاءِ اميدوار طور پڻ بيهاريو ويو هو. هن پنھنجي زندگيءَ ۾ ڪيترائي ڪتاب تحرير ڪيا. مفتي دائم الدين انڍڙ پهرين جنوري 2004ع تي وفات ڪئي، سندس مزار بگي شير ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1938.08.21  عيسوي

مشهور عالم دين ۽ جماعت اسلاميءَ جو مرڪزي اڳواڻ مفتي دائم الدين انڍڙ 21 آگسٽ 1938ع تي ڳوٺ ستابي انڍڙ، تعلقي پني عاقل ۾ ڄائو.


2004.01.01  عيسوي

مفتي دائم الدين انڍڙ پهرين جنوري 2004ع تي وفات ڪئي، سندس مزار بگي شير ۾ آهي.



عالم - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

علي گوهر صديقي مخدوم
احمد مولوي
مخدوم عبداللطيف ٺٽوي
چوهڙ شيخ عبدالجليل
تاج محمود امروٽي
احمد بن محمد المنصوري
عبدالله قاضي
شيخ محمد اچي قاضي
امام مسعود سنڌي
بگائي مخدوم غلام محمد
عالم ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون