دارالسلام: دارالسلام کي سواحلي زبان ۾ مززمھ (Mzizima) سڏيو ويو آهي، جنهن جي معنيٰ صحت افزا ۽ خوشگوار شھر آهي. سڀ کان اڳ 17هين صدي عيسويءَ ۾ وبروه (wabarawa) آباد ڪيو، جيڪو موگادشو (Mogadishu) جي ڏکڻ ۾ بروه جي عرب سواحلي نسل مان هو. موجودہ نالو، دارالسلام، جيڪو بندر الاسلام (سلامتيءَ جي لنگر گاھہ) جو مخفف آهي. ان جي ابتدا گهٽ ۾ گهٽ 1862ع ۾ ٿي، جڏهن زنجبار جي سلطان سيد مجيد اُتي هڪ محل ۽ ٻيون عمارتون جوڙايون، جن مان وڃي ڪي باقي رهيون آهن. ان جي وڏي گهٽي ’بره رسته‘ (وڏو رستو)، جيڪا هاڻي ’خيابان ببول‘ (Acacia Avenue) سڏجي ٿي، ان جي بہ ساڳي تاريخ آهي. ان جي موجودہ خوشحاليءَ جي شروعات 1888ع کان ٿئي ٿي، جڏهن هيءَ جرمن ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي هڪ ڪوٺي (station) ۽ 1891ع ۾ جرمن شاهي حڪومت (Imperial Government) جي گاديءَ جو هنڌ بڻي. 1916ع ۾ پهرين مهاڀاري لڙائيءَ دوران دارالسلام تي برطانوي فوج جو قبضو ٿي ويو. 1957ع ۾ ان جي آبادي 93363 آفريڪين، 2545 عرب، 4479 يورپين، 2460 گـوئـا جـي رهـواسـيــن، 23263 هـنـدستـانيـن، 1718 پاڪـسـتانيـن، 11 صومالين ۽ 903 ٻين قومن جي ماڻهن تي مشتمل هئي. انهن مان آفريڪي، هندستاني، پاڪستاني ۽ عربن جي گهڻائي ۽ سمورا صومالي مسلمان آهن.
دارالسلام ابتدا ۾ جيتوڻيڪ شاندار پر سانتيڪو گاديءَ جو هنڌ هو، پر اڄ هڪ رونقدار واپاري بندرگاھہ آهي. هڪ ريلوي لائين، جيڪا تابوره(Tabora) واري هنڌ ٻن حصن ۾ ورهائجي وڃي ٿي، ان کي ٽانگانيگا ڍنڍ ۽ وڪٽوريا ڍنڍ سان ملائي ٿي. ان کان سواءِ ملڪ جي سمورن ڀاڱن ڏانهن رستا وڃن ٿا، جن مان اڪثر پڪا آهن. اڪثر عمارتون جديد طرز جون تعمير ٿيل آهن ۽ اتي جيتوڻيڪ آفريڪي آباديءَ جو روايتي نمونو قائم آهي، پوءِ بہ اجتماعي طرح هي شھر مغربي ڏسڻ ۾ اچي ٿو.
باقي ساحلي علائقن ۽ اندرئين ملڪ جي اڪثر شهرن جي اڪثريت مسلمان آهي. ’سواحلي‘ جيڪا بنتو (Bantu) زبان آهي، ان ۾ 25 سيڪڙو عربي لفظ موجود آهن. سواحلي زبان ۾ قرآن پاڪ جو ترجمو بہ ڪيو ويو آهي. اڀرندي آفريڪا جا مسلمان شافعي مسلڪ جا آهن. هتي قادياني بہ آهن. شافعين جا شرعي فيصلا دارالسلام ۾ هڪ Liwali ذريعي ٿيندا آهن، جن جي اپيل ديواني عدالتن ۾ ٿي سگهندي آهي. هتي اسلام ستين صديءَ ۾ پهچي چڪو هو. جڏهن ابن بطوطه 1331ع ۾ ساحلي علائقن جو سفر ڪيو هو تہ هتي شافعي مسلڪ جا ماڻهو موجود هئا. موجودہ عرب شِحر، حضر موت ۽ مسقط مان آيل آهن. دارالسلام جا دولتمند رهواسي پاڪستاني ۽ هندستاني آهن، جن مان اڌو اڌ مسلمان آهن، جن ۾ نزاري شاخ جي اسماعيلي خواجن جي اڪثريت آهي. سندن امام آغا خان چوٿين جي هتي 1957ع ۾ وڏي شان شوڪت سان مسند نشيني ٿي هئي. ٻيا شيعا اثناعشري ۽ بوهره آهن. پاڪستاني ميمڻن جي هڪ مختصر جماعت، جيڪا سني مسلمان آهي. هتي ڪافي مسجدون آهن. آفريڪي مسلمانن جا ٽيهارو مدرسا آهن. آغا خان جا پيروڪار خيراتي ادارا هلائين ٿا، جتي تعليم عام آهي. (حوالو: دائره معارف اسلاميه، اردو)