انڍڙ، رشيد احمد، ڪامريڊ

انڍڙ، رشيد احمد، ڪامريڊ

رشيد احمد انڍڙ ڪامريڊ

رشيد احمد انڍڙ، ڪامريڊ: مشھور هاري اڳواڻ ۽ ترقي پسند تحريڪ جو ڪارڪن ڪامريڊ رشيد احمد انڍڙ هاليجي شريف تعلقي پني عاقل ۾ استاد عبدالغفور انڍڙ جي گهر 17 اپريل 1947ع تي جنم ورتو. مشھور هاري اڳواڻ ۽ کاٻي ڌر جو اهم سياسي رهنما ڪامريڊ عبدالقادر انڍڙ سندس چاچو هو. هن ڪامريڊ عبدالقادر جي وفات بعد سندس نقش قدم تي هلندي هارين جي حقن لاءِ جدوجھد ڪئي. هن جابر قوتن سان مهاڏو اٽڪايو ۽ انهن خلاف للڪاريو. سنڌ جي سڀني روشن خيال شخصيتن سان سندس ويجها ناتا هئا. ڪامريڊ رشيد احمد انڍڙ ايم. آر. ڊي تحريڪ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ جيل جون سختيون پڻ ڀوڳيائين. هن هاري ڪاميٽيءَ جو مرڪزي اڳواڻ هجڻ جي ناتي ڪيتريون ئي هاري ڪانفرنسون ڪوٺايون. مسلسل جدوجھد ڪري سندس صحت خراب ٿي پئي، آخرڪار 17 اپريل 2004ع تي وفات ڪيائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو