رمضان دلدار چڍڙ

رمضان دلدار چڍڙ

رمضان دلدار چڍڙ

رمضان دلدار چڍڙ: ڪھاڻيڪار ۽ محقق محمد رمضان ولد محمد قاسم چڍڙ، 1961ع ڌاري ماتليءَ ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم ماتليءَ مان حاصل ڪئي. ننڍپڻ کان ئي ڪھاڻين، مضمون ۽ تحقيق سان سندس دلچسپي رهي. هي ادبي سنگت ماتليءَ جو سيڪريٽري ۽ صوفي سنگت ماتليءَ جو باني سيڪريٽري جنرل به رهيو. هن ماتلي تعلقي جي تاريخ، جاگرافي ۽ اهم شخصيتن تي ڪافي ڪم ڪيو. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ’جديد نانيءَ جي جديد ڪھاڻي‘ (ڪھاڻيون)، ’ٻه واٽي تي بيٺل ڇوڪري‘ (ڪھاڻيون)، ’چڍڙ- تاريخ جي روشنيءَ ۾‘ (تحقيق)، ’ماتلي جي تاريخ‘ (تحقيق)، ’چڍڙ برادري جي تاريخ‘، ’جنگ جاري رهندي‘ ۽ ’جيئڻ جو حق‘ سميت ٻيا ڪتاب لکيا. 10 مارچ 2025ع تي نامعلوم هٿياربندن هٿان گولي لڳڻ سبب ماتليءَ ۾ وفات ڪري ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو