رڻ جا رنگ

رڻ جا رنگ

رڻ جا رنگ

رڻ جا رنگ (ناول): هي ناول ٻنيءَ (ڪڇ) جي رهاڪو نوجوان سنڌي ليکڪ قربان ڪلاڌر متوا جو لکيل آهي. هن جا وڏا اصل سنڌ جا هئا، جن جو واسطو مِتون جي مسلمان خاندان آهي. هن ٿوري ئي عرصي ۾ گجرات جي سنڌي اديبن ۾ پنهنجو مقام مڃائي ورتو آهي. سندس ڪهاڻين جي ڪتاب ’موتي داڻا‘ تي سنڌي ساهتيہ اڪيڊمي پاران انعام بہ مليل آهي. سندس هي ناول گجرات سنڌي ساهتيہ اڪيڊمي، گانڌي نگر جي مالي مدد سان نعيم پبليڪيشن گهوريواري (ٻني) تعلقي ڀُڄ، ضلعي ڪڇ مان ڇپيو آهي. هن ڪتاب تي نامور ليکڪ جينت ريلواڻيءَ تفصيلي مهاڳ لکيو آهي. 160 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 20 رپيا آهي ۽ ڪتاب 2002ع ۾ ڇپيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو