
شيرازي، زهره
زھرہ شيرازي : ‘مس پاڪستان ورلڊ’ جو ٽائيٽل کٽيندڙ زهرا شيرازي، 1983ع ۾ ڪراچيءَ ۾ ڄائي. اهو اعزاز کيس 2003ع ۾ ڏنو ويو. ان کان سواءِ کيس ‘مس ڪئناڊا پاڪستان’ جو اوارڊ 2003ع تي ڪئناڊا ۾ ڏنو ويو. هيءَ پاڪستان جي پهرين عورت هئي، جنهن کي خوبصورتيءَ تي ‘دوشيزہ پاڪستان’ جو اوارڊ مليو، هن کي جڏهن اهو تاج پهرايو ويو، تڏهن سندس عمر اوڻيھہ سال هئي. ان کان پوءِ هوءَ 2004ع ۾ خوبصورتيءَ جي مقابلي لاءِ ڪوريا وئي هئي، پر اتان کيس حسن جو اوارڊ نہ مليو، پر انهيءَ مقابلي ۾ هو ڇهون نمبر آئي ۽ کيس امن جي سفير جو خطاب مليو. زھرہ شيرازيءَ کي پاڪستان ۽ ڪئناڊا جي ٻٽي شھريت حاصل آهي. هوءَ هن وقت ڪئناڊا ۾ شراڪتي واپار ۾ وڏو نالو رکي ٿي. هن قسم جي حسن جا مقابلا مردن ۽ عورتن لاءِ 2002ع کان شروع ٿيا هئا، جن ۾ اهي پاڪستاني حصو وٺندا هئا، جيڪي پاڪستان کان ٻاهر رهن ٿا.