سرمد چانڊيو

سرمد چانڊيو

سرمد چانڊيو

سرمد چانڊيو: مشھور شاعر محقق، نقاد ۽ شاھه لطيف جي راڳ جو پارکو. سرمد چانڊيي جو اصل نالو سونو خان ولد جمـعـو خـان چـانـڊيـو آهـي. 20 جـولاءِ 1950ع تي ڳوٺ جمال چانڊيي، ضلعي قـنبـر شـھدادڪـوٽ ۾ جـنـم ورتـو. هن فقط پرائمري تائين تعليم حاصل ڪئي، پر باصلاحيت هئڻ ڪري نہ رڳو سنڌي پر اردو، سرائڪي، بلوچي، فارسي ۽ عربي زبانن جي بہ سٺي ڄاڻ هئس. موسيقيءَ ۽ شاھہ جي راڳ سان شغف هئس. سندس شاعريءَ جي ڇپيل ڪتابن ۾: (1) ’ڪارا ڪڻڇي ريٽا گيت‘، (2) ’مون کي سڏ اروڙ جا‘، (3) ’سانوڻ پھرين بوند‘، (4) ’چانڊوڻا چمڪن‘ ۽ (5) ’وايون، لوڪ گيت ۽ گيت‘ شامل آهن. هن شھيد جمھوريت محترمہ بينظير ڀٽو ۽ شھيد ذوالفقار علي ڀٽي جي شھادت تي ٻہ سنڌي ۽ هڪ اردو ڪتاب: (1) ’جمھوريت جو چنڊ‘، (2) ’جمھوريت جي راڻي‘ ۽ (3) ’جمھوريت ڪي نويد‘ (اردو) لکيا. ان کان سواءِ شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي راڳ تي مشتمل سندس ڪتاب ’سنڌي ڪلاسيڪل راڳ ويراڳ‘ (2017ع) بہ ڇپيل آهي. سرمد چانڊيو سنڌي ادبي سنگت قنبر جو سيڪريٽري ۽ لاڙڪاڻي ضلعي جو رابطہ سيڪريٽري پڻ رهيو. بھترين شاعر طور کيس ’سچل اوارڊ‘ سان نوازيو ويو. هفتيوار اخبار ’چانڊڪا‘ جو ايڊيٽر بہ رهيو. 18 جولاءِ 2022ع تي لاڙڪاڻي ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1950.07.20  عيسوي

مشھور شاعر محقق، نقاد ۽ شاھه لطيف جي راڳ جو پارکو. سرمد چانڊيي جو اصل نالو سونو خان ولد جمـعـو خـان چـانـڊيـو آهـي. 20 جـولاءِ 1950ع تي ڳوٺ جمال چانڊيي، ضلعي قـنبـر شـھدادڪـوٽ ۾ جـنـم ورتـو.


2022.07.18  عيسوي

سرمد چانڊيي 18 جولاءِ 2022ع تي لاڙڪاڻي ۾ وفات ڪئي.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

انور شعور
محبوب سنڌي
اسد بيگ اسد مرزا
سڪندر خان کوسو
ٺٽوي رضي الدين فدائي
خالدي علي محمد
خطائي ٿيٻو
سيد نادر علي شاھہ فراق
عالي ميمڻ حافظ
حاجي غلام نبي مهيسر
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون