سنڌ جي تاريخ

سنڌ جي تاريخ

نقشو ’پيرائتي سنڌ ڪٿا‘(ايم.ايڇ.پنهور) ڪتاب تان ورتل

نقشو ’پيرائتي سنڌ ڪٿا‘(ايم.ايڇ.پنهور) ڪتاب تان ورتل

سنڌ جي تاريخ

سنڌ جي تاريخ :سنڌ جي تاريخ دنيا جي تاريخ وانگر ستن هزارن سالن کان مٿي جو تاريخي، تهذيبي، تمدني، سياسي ۽ اقتصادي پسمنظر رکي ٿي. لکين هزارين سالن جي ارتقائي سفر کانپوءِ انسان حيواني دور مان گذري، ماڻهپي جي زندگيءَ طرف قدم وڌايو. ابتدا ۾ اسين انسان کي پٿر جي دور ۾ ڏسون ٿا. ان کي به ٽن زمانن: پراڻي پٿر جي دور، وچئين پٿر جي دور ۽ نئين پٿر جي دور ۾ تقسيم ڪيو ويو آهي. نئين پٿر جي زماني ۾ ماڻهو جبل جا پاسا ڇڏي، درياهن ۽ ندين جي ڪنارن سان آباد ٿيڻ شروع ٿيا. ان ريت ڳوٺاڻي زندگيءَ جنم ورتو. ترقيءَ ڏانهن گامزن ٿيندي، ماڻهن ڳوٺن بجاءِ شهر تعمير ڪرڻ شروع ڪيا. اهڙي پسمنظر ۾ سنڌو ماٿريءَ (Indus Valley) ۾ هڙاپا ۽ موهن جي دڙي جهڙا مهذب شهري مرڪز وجود ۾ آيا. ان ريت موجوده سنڌ جي تاريخ کي چئن مکيه زمانن ۾ تقسيم ڪري، اڀياس هيٺ آندو ويو آهي: (1) سنڌو ماٿريءَ جي تهذيبن جو دور (قبل از تاريخ) (2) قديم سنڌ جي تاريخ وارو دور (3) وچيون دور يا مسلمان گهراڻن جي حڪومتن جو زمانو (4) جديد سنڌ جي تاريخ هي آخري دور 1843ع ۾ چارلس نيپئر جي سنڌ جي فتح سان شروع ٿئي ٿو. (1) لکيل تاريخ کان اڳ وارو سنڌوماٿريءَ جي تهذيبن جو دور: اربين سالن جي حياتياتي (Biological) ڪهاڻي، ڪروڙن سالن جي حيواناتي (Zoological) ۽ نوع بشر نمائي (Hominoid) ڪهاڻي، لکين سالن جي بشري نوع (Hominid) دور جي وارتا، هزارين سالن جي نسلياتي (Anthropological) ڪٿا جي پوريل ۽ پٿرايل آثارن (پنڊپهڻن: Fossils) جي تلاش، هي سڀ ماڻهوءَ جي ارتقائي زندگيءَ جي داستان جا باب آهن، جن کي قديم آثارن جي ماهرن ۽ ڀون وديا (جاگرافيءَ) جي ڄاڻو سائنسدانن، سمجهڻ ۽ سمجهائڻ جون ڪوششون پئي ڪيون آهن. سماجيات (Sociology) جي هڪڙن ماهرن وري انسان جي زندگيءَ جي اوکي ۽ اڙانگي اڀياس کي ٽن دورن ۾ ورهائي بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. مثال طور: (1) وحشانيت وارو دور (Savagery)، (2) جاهليت/ بربريت جو دور (Barbaric) ۽ (3) مهذب (Civilized) دور. ثقافتي (Cultural) حوالي سان قديم آثارن جي ماهرن ماڻهوءَ جي اٽڪل 25 لک سالن جي ٽيڪنيڪي (Technical)، فني (Artistic)، ذهني (Mental)، سماجي (Social) ۽ اقتصادي (Economical) زندگيءَ جو گڏيل اڀياس، پراڻي پٿر جي دور (Palaeolithic period)، وچئين پٿر جي دور (Mesolithic period) ۽ نئين پٿر جي دور (Neolithic period) جي حوالي سان بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. انهن دورن کانسواءِ پٿر جي پراڻي دور کي به ٽن ذيلي دورن ۾ ورهائي تفصيل سان بيان ڪيو ويو آهي. نئين ۽ پراڻي پٿر جي دَور جي وچ ۾ اٽڪل ٽن هزارن سالن جي وچئين بدلجندڙ دور (Transitory)، جنهن کي پراڻي پٿر جي دَور کانپوءِ وارو دور ’Epipalaeolithic‘ چيو وڃي ٿو، گذريو آهي، جيڪو ارتقائي لحاظ کان انقلابي تبديلين جو ڪارڻ سمجهيو وڃي ٿو. هي عرصو ڀون وديا جي ٻوليءَ ۾ Holocene ۽ قديم آثارن جي اصطلاح ۾ لڳ ڀڳ ’وچئين پٿر‘ (Mesolithic) جي دور ۽ پٿر جي پراڻي دور جي وچ ۾ ٿيو ۽ ان کي عالمن وڌيڪ تفصيل سان بيان ڪيو آهي. هنن دورن جا آثار سنڌ جي سرزمين تي روهڙيءَ کان ڪراچيءَ تائين پکڙيل مليا آهن. ڊاڪٽر برجيٽ ايلچنس (Bridget Alchins) پنهنجي جڳ مشهور ڪتاب Palaeolithic Sites in the Plains of Sindh and their Geographical Implications ۾ ڄاڻايو آهي ته سنڌ ۾ حيدرآباد کان ڪراچيءَ واري رستي تي 101 ميلن جي پٿر واري نشان وٽ هڪ ماڳ آهي، جيڪو پٿر جي قديم، وچ واري ۽ پوئين دور ۾ پٿر جي اوزارن جي وڏي صنعت رهيو هوندو، جنهن جا اهڃاڻ ان جي قبل از تاريخ تي روشني وجهن ٿا. ساڳيءَ طرح روهڙيءَ جي ٽڪرين لاءِ پڻ قديم آثارن جي ماهرن جو چوڻ آهي ته ’روهڙي فلنٽ ٽول فيڪٽري‘ (Rohri Flint tool factory) وارا اوزار اتي انسان جي موجودگيءَ 50000 کان 10000 سال اڳ ثابت ڪن ٿا، جيڪو عرصو آخري پٿر واري زماني تائين ٿئي ٿو. اهڙيءَ ريت ڪراچيءَ ويجهو ’واڳودر‘ وٽ پڻ اهڙا پٿر جي اوزارن جا ڪارخانا ملن ٿا، جن جو ذڪر ماڻڪ پٿاوالا ڪيو آهي، ڇاڪاڻ ته ان عرصي جا واقعا تهذيب ڏانهن سفر جي سانباهن جي برابر آهن. هن کان اڳئين دور جو ماڻهو ننڍن جانورن جي شڪار ۽ ٻوٽن يا گاهن جي ميون، ٻجن، پنن، ڏانڊين وغيره کي گذاري لاءِ ڪم آڻيندو هو، پر هن دور ۾ ماڻهوءَ مال/ ساهوارا پالڻ ۽ ڪي ٻوٽا پوکڻ جي شروعات ڪئي ۽ اهڙيءَ ريت ماڻهو مارو ۽ راهڪ ٿيو ۽ پنهنجي رولڙي واري زندگي ترڪ ڪري ڳوٺاڻي يا Sedentic زندگي گذارڻ شروع ڪئي. اها هڪ سادي سماج جي ابتدا هئي. اهڙيءَ ريت اٽڪل هزار ڏيڍ سالن جي مختصر عرصي ’وچئين پٿر (Mesolithic) جي دَور‘ گذرڻ سان نئين پٿر جو دَور شروع ٿيو، جنهن ۾ ڳوٺ آباد ٿيا. ڪنهن ڪنهن هنڌ ٺڪر جا ٿانو ٺهڻ لڳا ۽ انهيءَ دور جي آخر ۾ ڌاتوءَ جو استعمال به شروع ٿي ويو. ’ڌاتو- پٿر دور‘ (Chalcolothic era) ۾ هر شعبي ۾ وڌيڪ ترقي ٿي ۽ مهذب زندگيءَ ڏانهن تڪڙو قدم کڄڻ لڳو. ارتقا ۽ ترقيءَ جو عمل هر هنڌ لازمي طور، نه ته هڪ وقت ٿيندو ڀاسي ٿو ۽ نه هر هنڌ هڪجهڙو يا برابر. ڪن هنڌن تي اهو ڍرو، ڪن هنڌن تي تڪڙو ۽ وري ڪٿي هن جون وصفون هڪڙيون آهن ته ڪن هنڌن تي ٻيون آهن. هونئن ته ’تهذيب‘ بابت عام طرح سان ڳالهايو وڃي ٿو، پر اڄ تائين ان جي وصف چٽي نه ٿي سگهي آهي. ’تهذيب‘ شايد سماجي زندگيءَ جو اهو معيار يا درجو ڀانئجي ٿي، جيڪا وقت پٽاندر ڪنهن خطي تي ڪن عام فڪري، فني، اخلاقي، عملي، ثقافتي ۽ اقتصادي صورتن ۾ اتان جي ماڻهن لاءِ معاشري/ معاشرتي زندگي گذارڻ لاءِ مناسب هجي. ’تهذيب‘ کي ڪي ’ثقافت‘ جي هڪ صورت ۽ ڪي ’ثقافت جي سڌريل ۽ جامع صورت‘ سمجهن ٿا. دنيا جي قديم تهذيبن جو دور لڳ ڀڳ 3500 ق. م کان شروع ٿيو ۽ ان جا آخري اهڃاڻ 500 ق. م تائين هليا. مکيه تهذيبن جا نالا هي آهن: (1) Mesopotamean/ Sumerian (عراقي) (2) Egyptian (مصري) (3) Sindhu (سنڌو) (4) Chinese (چيني) هر تهذيب جون پنهنجون وصفون آهن ۽ انهن جي اوسر ۽ اوج جي ڪهاڻي به مختلف آهي. سنڌو تهذيب يا سنڌو روايت بابت پيش ڪيل هڪ نقشو هيٺ ڏجي ٿو. ڪن عالمن وٽ ان جي مختلف صورت به ٿي سگهي ٿي. (1) خوراڪ پيدا ڪرڻ واري عمل جي شروعات (نئين پٿر ۽ ڌاتو - پٿر دور ۾) (Food Producing Era-6500 BC-5000 BC) (2) ڳوٺاڻي سماج ۽ مختلف ثقافتن جو اسرڻ (Regionalization Era- 5000 BC - 2600 BC) (3) سنڌو تهذيب يا روايت جو اوج (Integration Era-2600 BC - 1900 BC) (4) سنڌو تهذيب يا روايت جو بگاڙ (Localization Era- 1900 BC- 1300 BC) (5) سنڌو تهذيب يا روايت کانپوءِ (Post Indus Tradition-1200 BC-500 BC) (6) اوائلي تاريخي دور (Historical Era Around- 600 BC) ’جوناٿن مارڪ ڪناير‘ (Jonathin Mark Kenoyr) موجب هن وقت تائين ٿيل تحقيق مطابق سنڌو تهذيب جو بنياد مهرڳڙهه (بلوچستان) جي آثارن جي کوٽاين موجب 7000 ق. م کان اڳ ڌاري نئين پٿر جي دور ۾ پيو هو، جڏهن اڃا ٺڪر جي شروعات نه ٿي هئي. مهرڳڙهه قديم سنڌو روايت جي دور ۾ سنڌو درياهه جي سيلابي دائري تي آباد هو، ان کانپوءِ سنڌو تهذيب جي اوسر بابت لڳاتار ڪهاڻي آسـپـاس ۽ نـنڍي کـنڊ بلڪ ان کان ٻاهـر جي آثـارن جي کـوٽايـن مـان ملي ٿي. سـنڌو تهـذيـب جـي مڪـمل ٿيـڻ ۾ جن ’ثـقافتـي ميـلاپـن‘ (Regionalization Integrators) حصو ورتو آهي، تن ۾ مکيه هي آهن: (1) شهري رٿابنديءَ جو مثالي نمونو (2) پاڻيءَ جي گهرن لاءِ رسد ۽ نيڪال جو طريقو (3) غير معمولي پکيڙ، طبعي جاگرافيءَ کان به ٻاهر (4) وقت جا وڏا ۽ گهڻيءَ/ گهاٽيءَ آباديءَ وارا شهر (5) ڏاتاريت (ٻين تهذيبن کي ڏيندڙ) (6) افاديت پسندي (7) انوکي لکت (8) گهڻو وقت جٽاءُ سنڌو تهذيب جي، اُن جي طبعي حدن کان وڌيڪ پکيڙ ۽ ست اٺ سؤ سالن تائين روايتي جٽاءَ جي ڪري، ڪن عالمن هن کي ’سنڌو مملڪت يا شهنشاهيت‘ (Empire) لکيو آهي. هن تهذيب جا هن وقت تائين لڳ ڀڳ 2500 آثار ملي چڪا آهن. ان کان سواءِ ڪيترا آثار اڃا نظر مان نه نڪتا آهن، يا ڪن قدرتي آفتن ۾ ختم ٿي ويا هوندا. بهرحال ڪن ڄاتل اهم آثارن جي فهرست هيٺ ڏجي ٿي. (جڏهن ته تفصيل اڳ آيل آهي) مشهور آرڪيالاجسٽ گريگوري ايل. پوسيهل، پنهنجي ڪتابن: ’ســنـڌو تـهـذيـب جـي اوسـر‘ (Evolution of Indus Civilization) ۽ ’A Contemporary Perspective‘ ۾ بيٺڪي دور، ۽ ڳوٺاڻي زندگيءَ جي شروعات کي مختلف مرحلن ۾ هن ريت ورهايو آهي: (1) ڳوٺن جي اوسر ۽ وقتي بيٺڪن جو مرحلو: ڪلي (ڪِڙي) گل محمد فيز، 7000 ق. م (2) توگو مرحلو، برج ڇلي مارڪ مرحلو (4300 ق. م کان 3800 ق. م) (3) اوائلي سنڌو تهذيب جي اوسر اُن کي هن چئن مرحلن ۾ ورهايو آهي: (الف) آمري- نال فيز (مرحلو)، 3200 ق. م کان 2600 ق. م (ب) ڪوٽڏيجي فيز (مرحلو)، 3200 ق. م کان 2600 ق. م (ت) سوٿي- سِسوال فيز (مرحلو)، 3200 ق. م کان 2600 ق. م (ٿ) دمب سادات فيز (مرحلو)، 3200 ق. م کان 2600 ق. م (4) آڳاٽي پختي سنڌو تهذيب جو دور Early Harappan (Indus)-Mature Tradition): 2600 ق. م کان 2500 ق. م) (5) (Mature Harappan) پختي هڙپائي/ سنڌو تهذيب: اُن جا هن پنج مرحلا لکيا آهن: (الف) سنڌي- هڙپائي مرحلو (Sindhi Harappan Phase) 2500 ق. م کان 1900 ق. م (ب) ڪلي- هڙپائي مرحلو (Kulli Harappan Phase) 2500 ق. م کان 1900 ق. م (ت) سورٺ- هڙپائي مرحلو (Sorath Harappan Hpase) 2500 ق. م کان 1900 ق. م (ث) پنجاب- هڙپائي مرحلو (Punjab Harappan Phase) 2500 ق. م کان 1900 ق. م (پ) اڀرندو- هڙپائي مرحلو (Eastern Harappan Phase) 2500 ق. م کان 1900 ق. م هن صاحب ٻن ٻين مرحلن (phases) جو به ذڪر ڪيو آهي، جيڪي ساڳئي دور ۾ سرجي/ ڪم ڪري هئا: (1) ڪوئيٽا مرحلو (Quetta Phase): 2500 ق. م کان 1900 ق. م (2) پويون ڪوٽڏيجي مرحلو (Late Kotidiji Phase): 2500 ق. م کان 1900 ق. م (6) هن صاحب، پوئين ڪوٽڏيجيءَ واري مرحلي (Late Kotdijian Phase) جا ڇهه دور ڏنا آهن، جي هي آهن: (الف) جهڪر مرحلو (Jhukar Phase) 1900 ق. م کان 1700 ق. م (ب) اوائلي پيرڪ فيز (Early Pirak Phase) 1800 ق. م کان 1000 ق. م (ٻ) پويون سورٺ هڙپائي مرحلو (Late Sorath Harappan Phase) 1900 ق. م کان 1600 ق. م (پ) اجري ڳاڙهي ٺڪر وارو مرحلو (Lubtoroas Redware Phase) 1600 ق. م کان 1300 ق. م (ت) سيمٽري ايڇ مرحلو (Cemetery H. Phase) 1900 ق. م کان 1500 ق. م (هڙپا ۾ قبرستان وارو هنڌ) (ٿ) سوات ماٿري 1650 ق. م کان 1300 ق. م (ٺ) اوائلي گنڌاري ڪلچر 1700 ق. م کان 1000 ق. م (7) هي دور شروعاتي لوهه واري زماني جو آهي، جيڪو اتر هندستان ۽ پاڪستان ۾ شروع ٿيو، جنهن جا هيٺيان مرحلا مقرر ڪيل آهن: (الف) پويون پيرڪ مرحلو، 1000 ق. م کان 700 ق. م (ب) خاڪي ٺڪر وارو مرحلو، 1000 ق. م کان 700 ق. م (ٻ) پوئين گنڌاري ثقافت وارو مرحلو، 1000 ق. م کان 700 ق. م
وڌيڪ ڏِسو : سنڌو تهذيب جي مختصر پچار


لفظ سنڌ جي تاريخھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو