184-187 ق-م باختري يونانين (ديميتِريَس ۽ منيدر) جا سنڌ فتح ڪرڻ جا گس

184-187 ق-م باختري يونانين (ديميتِريَس ۽ منيدر) جا سنڌ فتح ڪرڻ جا گس

74 ق-م پارٿي ۽ سٿي سلطنتون(سنڌ سميت)

74 ق-م پارٿي ۽ سٿي سلطنتون(سنڌ سميت)

138ع ڪُشان، پاٿي ۽ رومي سلطنتون

138ع ڪُشان، پاٿي ۽ رومي سلطنتون

750-100ع سنڌ جا شهر

750-100ع سنڌ جا شهر

برهمڻ دور حڪومت

برهمڻ دور حڪومت

662-641ع چچ جي سنڌ ۽ ان جا پرڳڻا جيئن هِيُون سانگ ڏٺا

662-641ع چچ جي سنڌ ۽ ان جا پرڳڻا جيئن هِيُون سانگ ڏٺا

برهمڻ گھراڻو(هڪ چارٽ)

برهمڻ گھراڻو(هڪ چارٽ)

محمد بن قاسم ۽ حجاج جي تعلق تي ’چچ نامه‘ (سنڌي) ۾ هڪ چارٽ

محمد بن قاسم ۽ حجاج جي تعلق تي ’چچ نامه‘ (سنڌي) ۾ هڪ چارٽ

714-711ع سنڌ جو عربن هٿان فتح ٿيڻ

714-711ع سنڌ جو عربن هٿان فتح ٿيڻ

سنڌ ۾ اسلامي دور جي تاريخ يا وچئين (Medieval) دور جو اتهاس

سنڌ ۾ اسلامي دور جي تاريخ يا وچئين (Medieval) دور جو اتهاس: محمد بن قاسم 93هه/ 712ع ۾ سنڌ کي فتح ڪيو، ان طرح سان سنڌ ملڪ تاريخ جي هڪ نئين مرحلي ۾ داخل ٿي ويو. عرب فتوحات سان گڏ سنڌ جي ڪيترن ماڻهن اسلام ڪيو. عربن هٿان سنڌ جي فتح:جيتوڻيڪ حضرت عمر رضه جي دور ۾ 21هه/ 642ع ۾، جنگ نهاوند کان پوءِ خليفي هند ۽ ايران جي حد مڪران مقرر ڪئي هئي ۽ عربن کي ان طرف پيش قدمي نه ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا، ليڪن واقعن ۽ حادثن جو جاري رهڻ هڪ فطري عمل هو. 31هه/652ع ۾ ايران، عرب خلافت جو حصو بنجي ويو. ان کان سواءِ عرب ۽ سنڌي هڪ ٻئي جا پاڙيسري (دنگئي) ملڪ بنجي ويا. ٻن پاڙيسرين ۾ يا ته دوستي هجي ٿي يا وري هڪ ٻئي جي مخالفت وارو ماحول. ان پس منظر ۾ ئي ’سنڌ- عرب لاڳاپن‘ کي پرکڻ گهرجي. عام طرح چيو وڃي ٿو ته (جيئن مٿي ذڪر ٿي چڪو آهي) سيلون (سريلنڪا) ملڪ کان ڪي عرب واپاري، عربستان ڏي واپس موٽي رهيا هئا. ان وقت کين ديبل بندر وٽ ڦريو لٽيو ويو ۽ ٻار توڙي عورتون قيد پڻ ڪيا ويا. اهي اطلاع دارالخلافه پهتا، تڏهن داهوڙ ٿي وئي. محمد علافيءَ واري واقعي کانپوءِ پيدا ٿيل ناراضگيءَ جي پسمنظر سبب خليفي وليد ۽ حجاج بن يوسف، راجا ڏاهر کي خط لکي نقصان جي ازالي جي گهر ڪئي ۽ ديبل ۾ قيد ٿيل عربن جي واپسيءَ جو مطالبو به ڪيو ويو. ڏاهر خط جو جواب هيءَ ڏنو ته اهي ’بحري ڦورو‘ آهن، جن تي سندس حڪومت جو ڪو به ضابطو ڪونهي. هي جواب ملڻ تي عربن پاران سنڌ تي حملي ۽ فتح جو پروگرام ٺهڻ شروع ٿي ويو. (چچ نامو) هتي هن ڳالهه کي نظر انداز نه ڪرڻ کپي ته اڄ جي طاقتور اطلاعاتي ۽ خطرناڪ هٿيارن جي هوندي به اسان روز پڙهون ٿا ته افريقا جا بحري ڦورو فلاڻي فلاڻي ملڪ جي جهاز کي يرغمال ڪري، پنهنجا گهربل مقصد حاصل ڪري ويا. ان ڪري سيلون جي واقعي ۽ سنڌ جي فتح کي ٻيهر غور سان سمجهڻ جي ڪوشش ڪرڻ جي ضرورت آهي. ٻيو سبب هي ڄاڻايو وڃي ٿو ته ايراني ۽ سنڌي پاڙيسري هئا. ساساني بادشاهن سان سنڌ جا خاص واسطا هئا. ايراني شهنشاهه نوشيروان عادل (531ع-579ع)، خود سنڌ ڏسڻ ۽ هتان جي ماڻهن سان ملڻ لاءِ به آيو هو. ان پس منظر ۾ عرب- ايراني جنگين ۾، سنڌي لشڪر ايران ويا هئا، ۽ اهل ايران جي مدد ڪئي هئائون. خاص ڪري جنگ قادسيه ۾ سنڌي فوج پاڙيسري ملڪ ايران جي مدد لاءِ موجود هئي. (اعجاز الحق قدوسي تاريخ سنڌ، اردو، جلد اول، ص 59) ظاهر آهي ته دنيا جي اڀرندي سپرپاور (بنو اميه) کي هيءَ ڳالهه راس نه آئي ته سنڌي فوجي، عربن جي خلاف ٿيندڙ معرڪن ۾، ايرانين جو ساٿ ڏين ۽ سندن فوجي يا اخلاقي مدد ڪن. حقيقي طرح مٿي ڄاڻايل ٻئي سبب، اصل ۾ سنڌ جي فتح جي باري ۾ پيشقدميءَ جو ڪارڻ هئا. دنيا جي پوري تاريخ ۾ جڏهن به ۽ جتي به ڪو ملڪ يا قوم، سپرپاور طور اڀرڻ لڳندي آهي، تڏهن ملڪ فتح ڪرڻ، علائقا وڌائڻ ۽ سياسي بالادستي قائم رکڻ سان گڏ، اقتصادي مفادن کي حاصل ڪرڻ ان جي خاص ترجيح رهندي آهي. عربن، ايران کان پوءِ ’سنڌ‘ تي حملو ڪيو هو ۽ ان کي فتح ڪري، پنهنجي ملڪ ۾ شامل ڪري ڇڏيو هو. ان پس منظر ۾ ذڪر ڪيل معرڪن کي سامهون رکڻو پوندو. ان ڏس ۾ فلپ ڪي هِٽي (هسٽري آف دي عربس، ص 139-146 تي) تمام بهتر طريقي سان حالتن کي اسان جي آڏو رکيو آهي. پير حسام الدين راشدي (وفات: 1982ع) همعصر دور جو هڪ اهم محقق ۽ تاريخدان ٿي گذريو آهي. هن تاريخي ڪتاب ’تحفة الڪرام‘ (فارسي، سنڌي ادبي بورڊ 1971ع) کي ايڊٽ ڪندي تمام گهڻي محنت ڪئي هئي. ڪتاب جي حاشين ۾ فاضل ايڊيٽر: عرب حملي آورن، مڪران کان ديبل تائين ٿيندڙ فوجي ڪاهُن، ويڙهه ۾ مارجي ويندڙن ۽ حضرت عمر رضه جي دور کان وٺي ’سنڌ جي فتح‘ (93هه/712ع) تائين جي سموريءَ صورتحال کي، احسن طريقي تاريخي ترتيب سان پيش ڪيو آهي. ان سموري مواد کي ڏسندي، خبر پوي ٿي ته عربن وڏي رٿابنديءَ ۽ مهارت سان، ’سنڌ‘ جهڙي ڏکئي ۽ پرانهين ملڪ کي ڪيئن فتح ڪيو هو؟ جيتوڻيڪ حضرت عمر رضه ابتدا ۾ ايران جي فتح وقت حڪم ڏنو هو ته، عربن جي ايران ۾ آخري حد ’مڪران‘ هئڻ کپي، پر پوءِ عربن مڪران جي سرحد تي پهچي، ’هند ۽ سنڌ‘ ڏي وڌڻ جي سلسلي کي جاري رکيو. خلافت راشده (632ع-661ع) جي دور ۾، سنڌ جي سرحد (مڪران) ۽ هند جي حالتن کان باخبر رهڻ لاءِ ابتدائي تجرباتي حملن کي جاري رکيو ويو. پير حسام الدين راشدي ان ڏس ۾ عربي ماخذن جي مدد سان، سنڌ تي عرب حملن ۽ فتحن کي سمجهڻ لاءِ، نهايت ذميداريءَ سان ڄاڻ فراهم ڪئي آهي. (تحفة الڪرام، فارسي، ص 619، سال 1971ع) افسوس ته سندس شاگرد ۽ ادبي ساٿي اعجاز الحق قدوسيءَ، پنهنجي ڪتاب مان اهڙي معلومات خارج ڪري ڇڏي آهي. (تاريخ سنڌ، اردو، جلد اول، اردو سائنس بورڊ لاهور 2004ع) خلافت راشده جي دور ۾، ايران- سنڌ سرحد تي هي نائب مقرر ٿيا:
(1) المغيرة ثقفيءَ، سامونڊي حملو، ديبل طرف، 15هه، حضرت عمر رضه جو دور. مغيره ديبل تي برابر حملا ڪندو رهيو.
(2) الحڪم تغلبي، زميني حملو، مڪران کان، 23هه، حضرت عمر رضه جو دور، مڪران تي وڌيڪ قبضو.
(3) عبيدالله تميميءَ، 29هه ۾، مڪران ذريعي زميني حملو ڪيو. هيءَ ڪالهه حضرت عثمان رضه جي زماني ۾ ٿي.
(4) حارث بن عبديءَ، مڪران ذريعي زميني حملو، 39هه ۾، حضرت علي عليه السلام جي دور ۾ ڪيو. هي مڪران تي عربن جو وڌيڪ سگهارو حملو هو. حضرت علي عليه السلام جي شهادت (661ع) کانپوءِ امير معاويهرضه دمشق مان پنهنجي خلافت جو اعلان ڪيو، ۽ شام جو شهر اسلامي دنيا جو دارالخلافه بنجي ويو. اهڙيءَ ريت بني اميه جي خلافت ملوڪيت ۾ تبديل ٿي ۽ امير معاويه رضه وفات کان اڳ پٽ يزيد لاءِ بيعت ورتي ۽ هو 680ع ۾ بنو اميه جو ٽيون حاڪم ٿيو ۽ سندس حڪمراني 3 سال (683ع) تائين هلي. هن جي دور ۾ ئي امام حسين عه شهيد ٿيو ۽ ڪربلا وارو واقعو جنم پذير ٿيو. عربن جي مشهور مؤرخ عربي فتوحات کي ٻن حصن ۾ تقسيم ڪيو آهي. هن موجب ٻئين ۽ ٽئين خليفي جي دور ۾، عربن: شام، عراق، مصر ۽ ايران کي فتح ڪيو. هي ’اسلامي فتحن جو پهريون دور‘ سڏجي ٿو. (هٽي، ص 207) ان کانپوءِ اسلامي دنيا ۾ هلندڙ لڳاتار بحرانن سبب، فتوحات جو سلسلو ڪجهه وقت لاءِ رُڪجي ويو. عرب فتوحات جو ٻيو دور عبدالملڪ ۽ وليد جو دور هو، جڏهن عرب، اتر آفريقا، اسپين، چين جي حدن، سنڌ ملڪ ۽ ايٽلانٽڪ جي حدن تائين پهتا. اوڀر ۾ حجاج بن يوسف ۽ اولهه ۾ موسيٰ بن نصير جي روپ ۾، بنو اميه کي بهترين منتظم ۽ فاتح ملي ويا. ان صورتحال ۾، سنڌ ملڪ سندن نشاني تي هو، کين صرف موقعي جي تلاش هئي. پير حسام الدين راشديءَ جو هيٺ ڏنل چارٽ، سنڌ ۾ عربن جي مفاد ۽ دلچسپيءَ کي ظاهر ڪري ٿو. بنو اميه جي دور ۾ (41 هه/ 661ع-92 هه/ 712) سنڌ تي ٿيل حملا: (1) مهلب، 44-46هه، امير معاويه جو دور، سنڌ ۾ نائب ٿي آيو. (2) عبدالله العبدي، 45-49هه، امير معاويه جو دور، قيقان/ڪيڪان ۾ سنڌين سان جنگ ڪندي، مارجي ويو. (3) سنان الهذلي، 49-51هه، امير معاويه جو دور، معزول ٿيو. (4) راشد الجديدي، 51-53هه، امير معاويه جو دور، قيقان/ڪيڪانان ۾ جنگ دوران مارجي ويو. (5) سنان الهذلي، 53-56هه، امير معاويه جو دور، سنڌ ۾ ٻوڌيه/ٻُڌيه علائقي ۾ جنگ دوران ۾ مارجي ويو. (6) عباد بن زياد، 57-59هه، امير معاويه جو دور، نائب ٿي آيو. (7) ابو الاشعت العبدي، 57-62هه، امير معاويه جو دور، مڪران ۾ فوت ٿيو. (8) الحڪم العبدي، 63هه، يزيد جو دور، نائب ٿي آيو. (9) حري بن الباهلي، 64-68هه، بن مروان'>عبدالملڪ بن مروان جو دور، نائب ٿي آيو. (10) 68-75هه، عبدالملڪ جو دور، سنڌين جي حملن ۾ مارجي ويو. (11) سعيد الڪلابي، 75-78هه، عبدالملڪ جو دور، مڪران ۾ مارجي ويو. (12) محمد علافي، 80-85هه، عبدالملڪ جو دور، ڏاهر جي درٻار ۾ پناهه ورتائين. (13) مجاعة التميمي، 85-86هه، عبدالملڪ جو دور، مڪران ۾ مري ويو. (14) محمد انمري، 89-92هه، وليد بن عبدالملڪ جو دور، مڪران ۾ فوت ٿيو. (15) عبيدالله بن بنهان، 90هه، وليد بن عبدالملڪ جو دور، ديبل تي حملي جو اڳواڻ، ۽ ان حملي ۾ مارجي ويو. (16) بديل بن طهفة البجلي، وليد بن عهد الملڪ جو دور، ديبل ۾ وڙهندي مارجي ويو. ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽي جي تحقيق موجب، ڪلفٽن (ڪراچيءَ) وارو عبدالله شاهه اصحابي، اصل ۾ عبيدالله بن نبهان آهي، جيڪو مقامي سنڌي لشڪر سان وڙهندي شهيد ٿي ويو. (چچ نامه، فارسي، ص 255) عرب فاتحن جڏهن عبدالملڪ ۽ وليد جي دور ۾، عربستان ۽ ٻين فتح ڪيل علائقن تي مڪمل ضابطو حاصل ڪري ورتو، تڏهن هنن سنڌ ملڪ جي فتح طرف خاص ڌيان ڏنو. جڏهن ديبل وارو مبينه واقعو پيش آيو، تڏهن ڀرپور تياريءَ سان سنڌ تي حملي جو فيصلو ڪيو ويو. فتح جي پس منظر ۽ سببن متعلق تفصيل بيان ٿي چڪا آهن. عربن هٿان سنڌ جي فتح جو اڪيلو ۽ هتي سنڌ ۾ لکيل هڪ ئي مقامي ماخذ ’چچ نامو‘ آهي. ان ۾ ڪافي نقص آهن، پر ان مان ئي سنڌ تي عربن جي تاريخ جو داستان مختصر نموني پيش ڪيو ويو آهي. امڪان آهي ته ’چچ‘ نامي جي ڄاڻ ۾ ڪي غلط ڳالهيون به اچي ويون هجن. جڏهن ديبل جي ڦرلٽ جي واقعي بابت، ڏاهر جو جواب حجاج بن يوسف کي پهتو ته هن خليفي وليد کي خط لکي، سنڌ ملڪ جي فتح جي اجازت گهُري، پر کيس اهڙي اجازت نه ملي. ٻيو ڀيرو خط لکڻ تي کيس اهڙي اجازت ملي ۽ تاڪيد ڪيو ويو ته پوريءَ طرح تياري ڪئي وڃي. حجاج، عبيدالله بن نبهان کي مڪران جي جنگ لاءِ مقرر ڪيو. بديل بن طهفة بجليءَ کي محمد بن هارون وٽ پهچڻ جو حڪم مليو ته مڪران پهچي کيس لشڪر جي رواني ٿيڻ جو اطلاع ڏنو وڃي ته پوءِ هو به ساڻس گڏ ٽي هزار ماڻهو موڪليندو. عبيدالله ساڻس گڏ عربي سمنڊ ٽپي، اچي ديبل جي قلعي وٽ پهتو. محمد بن هارون کي طهفة جي ذريعي حجاج جو خط مليو، ۽ ساڻس هڪ جماعت گڏي رواني ڪئي وئي ۽ اچي ديبل وٽ پهتو. ديبل جي عوام هيءَ خبر هڪ شخص هٿان ڏاهر کي اروڙ موڪلي جيئن ته رستي ۾ نيرون (نئن رنيڪوٽ جو علائقو) آيو ٿي، سو ڏاهر جي پٽ جيسينھ کي به اطلاع ڏنو ويو. ڏاهر جي حڪم سان جيسينھ کي چار هزار سوار، اٺ ۽ هاٿي ڏئي، جلد کان جلد ديبل پهچڻ جو چيو ويو. بُديل ابتدا ۾ مقامي لشڪر کي شڪست ڏئي چڪو هو، پر جيسينھ جي پهچڻ ۽ عربن سان جنگ ڪرڻ دوران، سنڌي لشڪر کي سوڀ ٿي ۽ بديل لڙائيءَ ۾ ڪتب اچي ويو (مري ويو). بديل جي موت جي خبر حجاج کي سخت پريشان ڪيو ۽ هن سندس انتقام وٺڻ جو قسم کنيو. روايتن موجب نيرون (ڪوٽ) جا ڪيترا ماڻهو خوف ۾ وٺجي ويا ته عرب پڪ سان، هاڻي سنڌ کي فتح ڪندا، سو لِڪ ڇِپَ ۾ هنن عربن سان صلح ڪرڻ ۽ پنهنجي لاءِ امان وٺڻ لاءِ وفد عربستان موڪلي ڏنو. امير حجاج بن يوسف سندن ان ڳالهه کي قبول ڪيو، بديل جي مارجڻ جو اطلاع دمشق پهتو ته، خليفي سنڌ جي مهم کي روڪڻ جو حڪم ڏنو، پر پوءِ حجاج بن يوسف جي بار بار اصرار تي، ٻيهر هن مهم ۽ سنڌ جي فتح جي اجازت ڏني وئي. (چچ نامو، سنڌي، ص 126-133) پوءِ وري حجاج لکيو ته، شام جي سردارن مان ڇهن هزارن کي حڪم فرمايو وڃي ته جنگ جي هٿيارن ۽ ٻئي مڪمل ساز سامان سميت لشڪر ڏانهن روانا ٿين: اهي ماڻهو اهڙا نالي وارا هجن، جن مان، لڙائيءَ وقت، هر هڪ جو نالو کيس معلوم هجي ۽ هو ساڻس موافق ٿي رهن ۽ لڙائيءَ کان منهن نه موڙين. مطلب ته ڇهه هزار شامي اچي حجاج بن يوسف وٽ پيش پيا. اهڙي بندوبست کانپوءِ حجاج، محمد بن قاسم کي هند ۽ سنڌ جي فتح لاءِ روانو ڪيو. محمد بن قاسم، شيراز پهتو. پوءِ عراق ۽ شام وارا به پهچي ويا. حجاج، جنگ لاءِ منجنيقون، رَنبا، تبرون ۽ چلتهو ٻيڙيءَ ۾ رکائي، ٻن ماڻهن کي انهن جو نگران مقرر ڪيو ۽ اهڙو اطلاع محمد بن قاسم کي به ڏنو ويو. وڌيڪ کيس چيو ويو ته اهڙو ساز سامان ۽ ماڻهو کيس ديبل وٽ ملندا، تيسين هو صبر ڪري. حجاج، اٺن ۽ ڏاچين جي لشڪر کي به ابن قاسم جي لشڪر لاءِ موڪليو. حجاج جا خط ڇهن هزارن سوارن ۽ ٽن هزارن سوارن ۽ ٽن هزارن باربردار بختي اٺن سميت شيراز پهتا. اهو 92هه/711ع جو سال هو.محمد بن قاسم مڪران پهچي، محمد بن هارون سان ملاقات ڪئي ۽ پوءِ گڏجي هلڻ لڳا. اتان کان ارمابيل (لس ٻيلي) لاءِ روانا ٿيا. محمد بن هارون بيمار هو، جيڪو ارمابيل پهچي وفات ڪري ويو. هن کي اتي دفن ڪيو ويو. (چچ نامو، سنڌي، ص 140) ڏاهر جي پٽ جيسينھ، راجا ڏاهر کي عربن جي ديبل پهچڻ جو اطلاع ڏنو ۽ اجازت گهري ته لشڪر ساڻ ڪري، هو عربن جو مقابلو ڪري. ليڪن محمد علافيءَ، ڏاهر کي عربن جي طاقت کان واقف ڪيو. محمد بن قاسم ارمابيل ڇڏي محرم 93هه جي هڪ جمعي جي ڏينهن، ديبل پهتو. جنگ جو سمورو گهربل سامان ۽ منظم لشڪر به ديبل پهچي چڪو هو. فاتح حملي جي پوري تياري ڪئي ۽ پڻ صف بندي ڪئي. حجاج، ابن قاسم کي لاڳيتو خط لکي، حملي، جنگ ۽ فوج بابت هدايتون ڏيندو رهيو ۽ هو ديبل جي پسگردائيءَ ۾ اچي لٿو. کاهي کوٽي، جهنڊا کولي، نوبت وڄرايائين. جيڪو لشڪر جنهن جاءِ تي مقرر هو، سو اتي رهيو ۽ منحنيقون ٻاهر ڪڍي سڌيون ڪرايائين. هڪ خاص منجنيق ’عروسڪ‘ نالي هئي، جنهن کي پنج سؤ ماڻهو ڇڪيندا هئا، ته پوءِ ان مان پٿر نڪري نشانو ڪندو هو. ديبل جي وچ ۾ هڪ بلند ۽ وڏو بتخانو هو، جنهن جي مٿان هڪ گنبذ هو، جنهن تي پٽ جو سائو جهنڊو ٻڌل هو وغيره وغيره. (چچ نامو، سنڌي، ص 146) ائين سَتَ ڏينهن گُذري ويا. اٺين ڏينهن حجاج پاران ديبل تي حملي ۽ فتح جو حڪم پهتو. حملي ٿيڻ شرط قلعي وارن گهرن ۾ وڃي پناهه ورتي. هڪ (غدار) برهمڻ ڪنهن ريت ٻاهر آيو ۽ عربن کي اچي چيائين ته بتخاني جو جهنڊو طلسم آهي. جيسين جهنڊو برقرار آهي، ايسين قلعو فتح ڪرڻ ممڪن نه ٿيندو، ان ڪري جهنڊي کي ذرا ذرا ڪريو، ته قلعو فتح ٿي ويندو. حجاج جي هدايت پهتي ته سنڌ جو ڪو به ماڻهو پناهه گهري ته کيس پناهه ڏني وڃي، پر ديبل جي ڪنهن به ماڻهوءَ کي پناهه نه ملڻ کپي. نائين ڏينهن ’عروسڪ‘ کي حملي لاءِ استعمال ڪيو ويو، جنهن ڪاميابيءَ سان مندر جي جهنڊي ۽ قلعي کي ڪيرايو. ان حالت ۾ ڦڙڦوٽ پيدا ٿي، مختلف پاسن کان عرب فوجي قلعي کي گهيري ويا. ديبل واسين ٻيو چارو نه ڏسي دروازا کولي مسلمان لشڪر کان امان طلبي. محمد بن قاسم چيو کيس امان جو حڪم ناهي. پوءِ ديبل جي رهاڪن جو ٽن ڏينهن تائين ڪوس جاري رهيو. ڏاهرکي اطلاع مليو ته هڪدم لشڪر موڪلي حفاطتي اپائن لاءِ حڪم ڏنائين، پر اهي بيسود نڪتا. محمد بن قاسم بتخاني ۾ آيو، در تي جيڪي به ماڻهو ڏٺائين، تن کي قتل ڪيو ويو. علي بن حامد ڪوفي وڌيڪ لکي ٿو ته: ست سؤ سهڻيون ٻانهيون جيڪي بُت (مندر) جي خدمت ۾ رهنديون هيون، تن سڀني کي جڙادار زيورن ۽ زرين لباسن سميت گرفتار ڪيو ويو ۽ چئن هزارن ماڻهن ۽ ڪي چون ٿا ته چئن سون ماڻهن (قلعي) ۾ اندر اچي سندن زيور لاٿا. (چچ نامو، سنڌي، ص 152) پوءِ ديبل جي عرب قيدين کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ٿيو. انهن مٿان مقرر عملدار مهترائج پٽ ڪبله لاءِ حڪم ٿيو ته کيس سزا ڏني وڃي، ان تي قيدين شاهدي ڏني ته مهترائج سندن دلجوئي ۽ خدمت ۾ وڏي دلچسپي ورتي آهي، ان ڪري کيس معافي ملي. مهترائج هڪ ذهين انسان هو. هن اسلام قبول ڪيو. کيس مقامي گورنر جي مدد لاءِ مقرر ڪيو ويو. حميد بن وَداع نجديءَ کي ديبل جو گورنر مقرر ڪري اختيار سندس حوالي ڪيا ويا. ان کانپوءِ ديبل جي غنيمتن، غلامن خواه روڪڙ جي تقسيم ڪئي وئي. ديبل جي لٽجڻ جي خبر ڏاهر کي پئي ته، هن جيسينه کي نيرون ڪوٽ (رنيڪوٽ جي قلعي؟) جي حفاظتي قدمن لاءِ حڪم ڏنو. محمد بن قاسم ديبل کان موٽي ارمابيل پهتو، ڇو ته کيس رستو صاف ڪري ڪوٽ نيرون پهچڻو هو. ان وچ ۾ ڏاهر، محمد بن قاسم ۽ حجاج جي وچ ۾ خط و ڪتابت جاري رهي. حَنظلھ ڪلابيءَ موجب: ديبل جي فتح ۽ بي شمار غنيمتن حاصل ڪرڻ کانپوءِ، فاتح سنڌ جي حڪم تي فوجي منجنيقون ٻيڙن ۾ رکي، نيرون جي قلعي ڏانهن روانا ٿيا. ٻيڙا ساڪري جي نار ذريعي ۽ پاڻ سيسم کان ٿيندا، نيرون روانا ٿيا. ارمابيل يا لسٻيلي کان ڪوٽ نيرون ڏانهن وڃڻ واريءَ خبر تي، ڪجهه محققن جو خيال آهي ته نيرون اصل ۾ اڄ جو رني ڪوٽ آهي. جنهن جو اشتقاق: نئن رني ڪوٽ ۽ نيرن ڪوٽ آهي. ٻيءَ صورت ۾ ديبل کان لسٻيلي موٽڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي؟ لسٻيلي کان عرب لشڪر نيرون ڪوٽ پهتو. سندن سردار شمني، ڏاهر ڏانهن ويل هو، ان ڪري قلعي وارن ڪوٽ جا دروازا بند ڪري ڇڏيا. شمني (ٻوڌي) موٽيو ته حالتن جو اندازو ڪري عربن ڏانهن ٺاهه جو پيغام موڪليائين. هيءَ خبر حجاج ڏي موڪلي وئي، جنهن جواب ڏنو ته کين معاف ڪري مٿن مهربانيون ڪريو. محمد بن قاسم خاص ماڻهو موڪلي قلعي جا دروازا بند ڪرڻ جو سبب معلوم ڪيو. عرب مطمئن ٿي آيا، تڏهن شمنيءَ ڀنڊر کي امير قاسم سان ملاقات جي اجازت ڏني. ٻنهي اڳواڻن جي ملاقات ٿي. قلعي تي هڪ گورنر مقرر ڪيو ويو. ٻڌ جي بت/ مندر واري جاءِ تي مسجد ٺهرائي، امام مقرر ڪري، اتي ٻانگ ۽ نماز جو بندوبست ڪيو ويو. هتان کان فاتح سنڌ، سيوستان (سيوهڻ) وڃڻ جو فيصلو ڪيو. نيرون کان سيوستان ٽيهه فرسنگ پنڌ پري هو. شمني ۽ امير قاسم ساڻس گڏ سيوستان آيا. اتي ڏاهر جو سوٽ بجهراءِ پٽ چندر حاڪم هو. عام ماڻهو جنگ جي خلاف هئا، پر بجهراءِ جنگ جو فيصلو ڪيو. هيءُ اطلاع ملندي ئي محمد بن قاسم شهر جي پناهگاهه جي ريگستاني قلعي طرف وڌيو. منجنيقون ۽ ٻيا هٿيار ڪتب آڻيندي، محمد بن قاسم جنگ شروع ڪئي. قلعي وارا جنگ جا مخالف هئا. هفتو جنگ جاري رهي. ماڻهن پيغام موڪلي محمد بن قاسم کي قلعي جي رهاڪن جي نفسيات کان واقف ڪيو. رات جي اوندهه ۾ بجهراءِ ٻوڌيه (ٻڌيه) جي راجا ڪاڪاپٽ ڪوتل ڏانهن ڀڄي ويو. ڪاڪا جو قلعو ڪنڀ نهر جي ڪناري تي سيسم نالي هو. عام ماڻهن بجهراءِ جو استقبال ڪيو. شمنين اطاعت ڪئي ۽ ابن قاسم سيوهڻ جي قلعي ۾ داخل ٿيو. اتي جو انتظامي بندوبست ڪري، مال غنيمت تي ڌيان ڏنائين. وفادار شمنين کي ڇڏي، ٻين کان سون ۽ چاندي کسڻ جو چيائين. سمورو چاندي، زيور ۽ روڪڙ ضبط ڪري، لشڪر جو حصو لشڪر کي ڏئي، باقي پنجون حصو حجاج بن يوسف جي خزانچيءَ جي حوالي ڪيائين. پوءِ ٻوڌيه ۽ سيسم جو رخ رکيائين. اتي جي ماڻهن عربن سان جنگ جو فيصلو ڪيو، پر اتي جي ٻڌ اڳواڻ کين منع ڪئي. جيتوڻيڪ هڪ هزار هٿياربند چنا ويڙهه لاءِ تيار ڪيا ويا هئا، پر کين ناڪامي ٿي. بعد ۾ علائقي جا مکي ڪاڪي پٽ ڪوتل وٽ آيا، جو نباته بن حَنظله سان گڏجي محمد بن قاسم جي بيعت لاءِ پهتو. ڪاڪي جي عزت ڪئي وئي ۽ هن کي سروپاءِ به پهرائي وئي. عام ماڻهن کي هن جي اڳڀرائي لاءِ حڪم به ڏنو ويو. اتي امير قاسم پنههنجو نائب مقرر ڪيو، جنهن مخالفن کي سخت سيکت ڏني. مقامي ماڻهن سان ڦرلٽ واري مامري ۾ ڪاڪا پٽ ڪوتل به شامل ٿيو. ان ڪري ڏاڍا ڏوڪڙ، ڪپڙا، وهٽ، غلام ۽ اناج هٿ ڪري، عربن جي حوالي ڪري سرخرو ٿيو. اتان منزل کڻي سيسم جي قلعي تي آيو. ٻه ڏينهن لڙائي هلي. عرب سوڀارا ٿيا. انهن ننڍن وڏن واقعن کان پوءِ، حجاج پاران محمد بن قاسم کي حڪم مليو ته، مهراڻ (سنڌو درياهه) ٽپي ڏاهر سان جنگ جوٽي وڃي. حڪم پهتو ته سيسم کي ڇڏي نيرون ۾ موٽي اچ، ۽ مهراڻ ٽپڻ جي تجويز ڪري ڏاهر سان جنگ جي تياري ڪئي وڃي. هي خط ملڻ تي ابن قاسم نيرون ٽڪر ڏانهن موٽي آيو. تڏهن راجا ڏاهر کي خبر ملي ته محمد بن قاسم نيرون ڪوٽ ۾ پهتو آهي. ڏاهر نجومين کان معلوم ڪيو ته اصل حالات ڪيڏانهن پيا وڃن. انهن نجومين چيو ته اسان جي علم موجب 92هه/ 711ع ۾ نيرون جو قلعو اسلامي لشڪر ۽ سمورو ملڪ 93هه/ 712ع ۾ محمد بن قاسم جي تابع ٿي ويندو. اهو ٻڌي ڏاهر نيرون جي سربراهه، ڀنڊرکي شمنيءَ کي چيو ته تـون اُتي پهـچ (نيرون) ۽ اُتي جي حـالـتن کان اسان کي واقـف ڪـر. محمد بن قاسم سان شمنيءَ ملاقات ڪئي ۽ کيس حالتن کان واقف ڪيو. ابن قاسم، شمنيءَ کي معاف ڪيو ۽ ان جي عزت افزائي ڪئي. شمني قلعي ۾ موٽي آيو. شهر کُلي ويو ۽ عام ماڻهن ۾ چرپر شروع ٿي. پوءِ محمد بن قاسم خود نيرون قلعي ۾ آيو ۽ پنهنجا ماڻهو مقرر ڪري منزل کڻي، مهراڻ ندي ٽپڻ جي تياري ڪرڻ لڳو. ڀٽين جي سردارن ۽ شمني راسل رسنيءَ جي وڏن به امان گهري. پوءِ محمد بن قاسم اشبهار جي قلعي ۾ داخل ٿيو. هي هڪ مضبوط قلعو هو. حفاظت خاطر کاهي به کوٽي وئي هئي. هڪ هفتو زبردست جنگ لڳي، جنهن ۾ جَت قبيلي اهم ڪردار ادا ڪيو. اشبهار جي قلعي جي فتح کانپوءِ، ويڙهه ڪندڙ قبيلن جو قتل عام ڪيو ويو. محمد بن قاسم مهراڻ جي پتڻ تي اچي لٿو ته ٻيٽ جي حاڪم جاهين ساڻس جنگ جوٽي. محمد بن قاسم راوڙ ۽ جيور جي حد ۾ پهتو ته، ڏاهر کي گهڻي پريشاني ٿي. ان پسمنظر ۾ هن موڪي پٽ وسايي کي گهڻيون رعايتون ڏنيون. تاريخي ڪتاب ’چچ نامه‘ موجب، موڪي جي عربن سان ٺاهه، پوءِ گرفتاري ۽ ان کي ڊرامائي رنگ به ڏنو ويو ته، جيئن ڏاهر کي اصل حالتن جي خبر نه پوي. امير قاسم، راجا ڏاهر ڏانهن ڪي قاصد به موڪليا. قاصدن پيغام ڏنو ته فاتح سنڌ چوي ٿو ته، ”تون مختيار آهين، جيڪڏهن [درياهه] لنگهي اچين ته رستو کليل آهي ۽ ڪا به روڪ نه آهي، نه ته ٻيءَ صورت ۾ رستو کُلـيـل رکـو ته عـرب جـو لـشڪـر درياهه ٽپـي تـوهان جي سامهون ٿئي.“ (چچ نامو، سنڌي، ص: 197) ان ماجرا ۾ وزير سياڪر سان مشورو ڪيو ويو ته هاڻي ڇا ڪجي؟ وزير راجا ڏاهر کي چيو ته اسان اڳ ۾ صلاح ڏني هئي ته، عربن کي ’مهراڻ‘ جي اوڀر ۾ اچڻ نه ڏجي ۽ اڳتي ’سنڌو درياهه‘ جي ٻيءَ ڀر ۾ کين للڪاريو وڃي، پر اسان جي مشوري تي عمل نه ڪيو ويو. جڏهن ته پناهه ۾ آيل علافيءَ (عرب) مختلف صلاحون ڏنيون. بعد ۾ ڏاهر شامي قاصد ذريعي پيغام موڪليو ته، ”موٽي وڃي، پنهنجي امير کي چئو ته (درياهه) ٽپڻ ۾ توکي چونڊ ڇڏيو ٿو وڃي. اسان تنهنجي جنگ لاءِ تيار ويٺا آهيون. تون لنگهي اچ، نه ته اسين ٿا لنگهي اچون.“ (چچ نامو، سنڌي، ص: 201) محمد بن قاسم ۽ حجاج بن يوسف، مهراڻ ندي ٽپي ڏاهر سان جنگ ڪرڻ جي باري ۾، خطن ذريعي صلاح مصلحت جاري رکي. راجا ڏاهر راوڙ پهتو. ان وقت حملي آور جيور جي سامهون وڏي فوج سان موجود ڏٺو ويو. ان وقت هڪ شامي، جيڪو تيراندازيءَ ۾ ماهر هو، سو درياهه ٽپندي ڏاهر جي تير سان مارجي ويو. جاهين نالي هڪ بهادر کي عربن تي نظر رکڻ لاءِ مقرر ڪيو ويو. ٻئي طرف خبر پهتي ته چنديرام هالو، جيڪو اڳ ۾ سيوستان جو حاڪم رهيو هو، ان وري ٺڪرن جي مدد سان عربن کي بي دخل ڪري قلعي تي قبضو ڪري ورتو آهي. محمد بن مصعب کي سيوستان جي ٻيهر حاصل ڪرڻ لاءِ موڪليو ويو. چنديرام ملڪ ڇڏي ’جِهم‘ ڏانهن ڀڄي ويو. شهر ۽ قلعي جي رهاڪن معافي وٺي سيوستان محمد بن مصعب جي حوالي ڪري عام شهرين کي معافي ڏني. معافيءَ جي معاملي تي امير قاسم خَفي ٿيو. البت کيس حڪم ٿيو ته جنگ لاءِ سيوستان مان چار هزار معتبر ۽ ڀروسي جوڳا ماڻهو وٺي اچ ۽ شهر جو به جوڳو بندوبست ڪيو وڃي. عرب امير فاتح سنڌ جي حڪم جي پيروي ڪئي. ان ڏينهن موڪو پٽ وسايو به ٻيٽ جي قلعي جي ڀرسان اچي محمد بن قاسم سان مليو. هي اطلاع ملڻ تي راجا ڏاهر، پنهنجي پٽ جيسينه کي عربن تي نگاهه رکڻ لاءِ، ٻيٽ جي قلعي طرف موڪلي ڇڏيو. جيسينه ڪوتڪه نديءَ ذريعي ماڳ تي پهتو. محمد بن قاسم، ڏاهر جي لشڪر تي اک رکڻ لاءِ، جِهم ۽ ڪـرهـل جي پرڳـڻن ۾ اچـي لـٿـو، جتي پنجاهه ڏينهن رهڻو پيس. ان پسمنظر ۾ عربن کي ۽ سندن جانورن کي کاڌي پيتي جي ڏاڍي تڪليف پهتي. ان عرصي ۾ محمد بن قاسم ۽ حجاج بن يوسف جي وچ ۾ مهراڻ عـبـور ڪرڻ ۽ ڏاهـر سـان جنگ ڪرڻ لاءِ خـط و ڪـتابت جـاري رهـي. فاتح سنڌ جِهم جي علائقي ۾ ساڪري جي سرزمين تي پهتو ۽ درياهه ٽپڻ جي تياري ڪرڻ لڳو. ڏاهر معاملي جي اهميت کي نظر انداز ڪندي، حملي آورن کي جهڙوڪر وساري ڇڏيو. ان حالت ۾ ڀنڊ وير کي شمني ڏاهر کي خبردار ڪيو. ان کانپوءِ راجا وزير سان صلاحون ڪيون. محمد بن قاسم درياهه ٽپڻ لاءِ مختلف پاسن تي پنهنجا برجستا ماڻهو مقرر ڪيا ۽ ان لاءِ عملي قدم کڻڻ لڳو. موڪو پٽ وسايو عرب فاتح جي مدد ۽ درياهه کي ٽپڻ ۾ مدد ڏيڻ لاءِ، ٻيڙيون ڪاهي آيو. جيسينه کي ٻيٽ جي قلعي جي حفاظت ڏيندي، تاقيد ڪيو ويو ته وسايو پٽ سربند ڀروسي جوڳو ڪونهي. ان کان بچڻ گهرجي. البت راسل (موڪي جو ڀاءُ) ڏاهر وٽ پهتو، راجا ڏاهر پٽ جي جاءِ تي ٻيٽ جي قلعي تي راسل کي مقرر ڪيو ۽ جيسينه کي طلب ڪري ورتو. پل جي تعمير ۽ لشڪر جي ٻئي طرف اچڻ وقت، اهي سنڌي، جيڪي عربن سان گڏ هئا ۽ اهي سنڌي جيڪي راجا ڏاهر سان گڏ هئا، تن جي وچ ۾ معرڪي جي جنگ ٿي. ڏاهر جي طرفدار لشڪر شڪست کاڌي ۽ عرب پنهنجي مقصد ۾ سرخرو رهيا. بچي ويل لشڪر ڪنهن طرح سان ڏاهر تائين هيءَ خبر پهچائي. پل تيار ٿيڻ کانپوءِ محمد بن قاسم درياهه جو اولهه ڇڏي اوڀر پاسي پهچي ويو. لشڪر کي به ٻئي طرف اچڻ جو حڪم مليو ته، جتي ڏاهر آهي، اتي وڃي ساڻس مقابلو ڪج، ڇاڪاڻ ته فتح تنهنجي ٿيندي ۽ مخالف خوار خراب ٿي ڀڄي ويندا. (چچ نامو، سنڌي، ص: 237) محمد بن قاسم ۽ ڏاهر جي لشڪر جي وچ ۾ پهرين جنگ، ڏاهر جي پٽ جيسينه ڪئي، جنهن ۾ عربن کي سوڀ ٿي. ان کان سواءِ راسل به عربن جي بيعت ڪئي. راسل اصل ۾ سنڌي لشڪر سان ٺڳي ڪئي. ڏاهر جي سڄي چرپر تي نظر رکڻ جو ڪم راسل جي حوالي ٿيو. پوءِ ابن قاسم عرب فوج سان جيور پهتو. وزير سياڪر خبر ٻڌي چيو ته، هاءِ برو سوڻ ٿيو. انهيءَ جاءِ کي جيور چون ٿا يعني ’فتح جي جاءِ‘، ۽ جڏهن لشڪر وڃي انهيءَ جاءِ تي پهتو ته فتح ۽ ڪاميابي ساڻن همراهه ٿيندي.‘
ڏاهر جيور ڇڏي اچي راوڙ جي قلعي ۾ داخل ٿيو. نجوميءَ کي طلب ڪري معلوم ڪيائين ته، مون کي اڄ مخالفن سان جنگ ڪرڻ گهرجي يا نه؟ نجوميءَ حساب ڪتاب ڪري هن کي منع ڪئي. ٻئي ڏينهن منزل پٽي عربن کي ويجهو ٿيو. پنهنجي هڪ مکيه سالار ’جهاپو اڳواڻ‘ کي عربن سان جنگ لاءِ موڪليائين. ٻنهي ڌرين ۾ سڄو ڏينهن جنگ ٿي. آخرڪار لشڪر ٿڪجي ماڳن ڏي موٽي ويو. ٽئين ڏينهن لڙائيءَ لاءِ جاهين کي موڪليائين، اهو جنگ ڪندي مارجي ويو. ڪو به لشڪر سرخرو نه پئي ٿي سگهيو. ان تي وزير سياڪر، راجا ڏاهر کي اصل حقيقت کان ۽ سندس غلطين کان آگاهه ڪيو. راجا کي چيائين ته ائين ماڻهو نه ماراءِ. سموري طاقت کي يڪجاءِ ڪر ۽ اٿي عربن جي سامهون ٿيءُ. ان نصيحت کان پوءِ ڏاهر جي حڪم تي جنگ جو نغارو وڄائي، جهنڊو کڙو ڪيو ويو ۽ اٽڪل پنج هزار ناليرا سوار ۽ چالاڪ جنگي جوان ۽ شهزادا، سٺ مست هاٿي- ڪي چون ٿا ته جنگي هاٿي هڪ سؤ هئا- ۽ ويهه هزار زرهن ۽ ڍالن سميت پيادا جنگ لاءِ سندس اڳيان روانا ٿيا. راجا پاڻ هڪ مست هاٿيءَ تي پالڪي ٻڌي، لوهو برگستوان وجهي، زره ڍڪي، ۽ ڪمان تي زره چاڙهي ويٺو. پالڪيءَ ۾ هن سان گڏ ٻه ٻانهيون هيون. هڪ کيس تير ٿي ڏنا ۽ ٻيءَ پان ٿي پهچايو. [جيتوڻيڪ هتي وري ’چچ نامه‘ جي مصنف محمد علافي ۽ ڏاهر کي گڏ ڏيکاريو آهي، پر هيءَ ڳالهه سمجهه کان مٿي آهي.] ان پس منظر ۾ عربن به پوريءَ طاقت سان تياري ڪئي. چوٿين ڏينهن گهمسان جي جنگ ٿي. ان ۾ عربن جو گهڻو نقصان ٿيو. ان ڏينهن محمد بن قاسم انديشي طور پنهنجو جاءِ نشين به مقرر ڪرڻ جو اعلان ڪيو. (چچ نامو، سنڌي، ص: 248) مرزا قليچ بيگ جنهن ڪتاب ’چچ نامه‘ جو انگريزي ترجمو ڇپرايو هو، 10 رمضان 93 هه، خميس جي ڏينهن تي ٿيل جنگ کي، محمد بن قاسم ۽ راجا ڏاهر ۾ ٿيندڙ جنگين ۾ هن جنگ کي پنجين (05) جنگ شمار ڪيو آهي. مرزا صاحب موجب ان ڏينهن 16 جون 711ع جي تاريخ هئي. (دي چچ نامه، ص: 137، ۽ پڻ حاشيا) جڏهن ته درست عيسوي تاريخ 20 جون 712ع بيهي ٿي. ڊاڪٽر ممتاز حسين پٺاڻ به ان راءِ جو آهي. جڏهن ته رائج الوقت ’چچ نامه‘ کي ڪي قدر منجهايو ويو آهي. ظاهر ٿئي ٿو ته محمد بن قاسم ۽ راجا ڏاهر جي وچ ۾، راوڙ وٽ جملي پنج جنگيون ٿيون. راوڙ، جيڪو غير معروف شهر ۽ قلعو موجوده بدين ضلعي ۾ چيو وڃي ٿو. ٻيءَ راءِ موجب اسلامي دور جي ’فتح باغ‘ ۽ ’جوڻ‘ شهرن جي ارد گرد ڪٿي راوڙ جو قلعو ڳولڻ کپي. (جڏهن ته عبدالواحد آريسر راوڙ جو محل وقوع ٽنڊي الهيار ڀرسان ڄاڻائي ٿو) راجا ڏاهر، پٽ جيسينه کي ڏهن هزارن لوهه (جي زرهن) ۾ غرق جنگي سوارن سان، جن مان ڪن جا وار کليل ۽ تراريون اگهاڙيون ۽ ڪن جا وار ٻَڌل ۽ تراريون ۽ ڍالون هٿن ۾، وچ ۾ بيهاري اچي مسلمانن جي صف جي سامهون بيٺو. ڏاهر سفيد هاٿيءَ تي ويٺل هو، ۽ سندس چوڌاري ٻيا هاٿي پويان بيٺل هئا. (چچ نامو، سنڌي، ص: 249) ان ريت فيصلي ڪن معرڪي لاءِ، محمد بن قاسم به ڀرپور تياري ڪئي. سنڌ جي فاتح عرب لشڪر کي خطاب به ڪيو ۽ انهن جي همت افزائي ڪئي. ان عرصي ۾ ڏاهر جي فوج کي ٽوڙڻ لاءِ رٿابندي ٿي، جو ڪي سنڌ جا رهواسي امان وٺڻ لاءِ عربن جي ڪيمپ ۾ پهچي ويا. خود راجا ڏاهر نهايت بهادري، همت ۽ بي جگريءَ سان جنگ ۾ حصو ورتو، جنهن جي خود عرب مؤرخن به تائيد ڪئي آهي. جنگ هلندي مسلمانن جو هڪ بهادر سپاهي شجاع حبشي راجا ڏاهر جي تير سان فوت ٿيو. هن آخري فيصلي ڪن جنگ ۾ خود سنڌي لشڪر جي غلطين به کين مارايو. راجا ڏاهر، خميس جي ڏينهن، ڏهين رمضان المبارڪ، سن 93 هه ۾، راوڙ جي قلعي وٽ سج لهڻ مهل قتل ٿيو. (چچ نامو، سنڌي، ص: 261) ڏاهر جي قتل کانپوءِ جيسينه، راوڙ جي قلعي ۾ مضبوط ٿي جنگ جي تياري ڪئي. جيسينه ۽ راڻي مايين ڪيترن ئي شهزادن سان وڃي قلعي بند ٿيا. جيسينه پنهنجي مردانگي، طاقت ۽ دٻدٻي تي مست هو، ۽ پورو ڀروسو هوس، سو جنگ لاءِ بيهي رهيو. ڏاهر جي مارجڻ ۽ سفيد هاٿيءَ جي زخمي ٿيڻ جو اطلاع پهتو، تڏهن جيسينه چيو، دشمن سان سامهون ٿي، ننگ ناموس خاطر ترار هڻنداسون، پوءِ جيڪڏهن ڪُسي وياسين ته به ضايع نه ٿياسون. وزير سياڪر سندس ڳالهه سان اتفاق نه ڪيو ۽ راءِ ڏني ته راوڙ کي ڇڏي برهمڻ آباد هلجي. جيتوڻيڪ جيسينه برهمڻ آباد طرف ڪوچ ڪرڻ جو حڪم ڏنو، پر مايين راوڙ ۾ جنگ جي تياري ڪئي. ان وقت پندرهن هزار جنگي جوان راوڙ ۾ موجود موجود هئا. صبح جو راوڙ ۾ ڏاهر جي قتل جو به اطلاع پهتو. سنڌي لشڪر ويڙهه لاءِ تيار هو. عربن به قلعي ۽ برجن مٿان دهل ۽ شرنايون وڄائي، منجنيقن ۽ مشينن مان پٿر، تير ۽ نيمچا وسائڻ شروع ڪيا. عربن رات ڏينهن لڙائي جاري رکي. مايين ڏٺو ته (چچ نامي، سنڌي، ص: 282، مايين کي ڏاهر جي ڀيڻ لکيو آهي) عرب قابض ٿيڻ وارا آهن، تڏهن چيائين، ”جيسينه اسان کان جدا ٿي ويو. جنهن کي امان وٺڻي آهي، ان کي اجازت آهي. باقي عورتون چکيا تي چڙهي پنهنجي عزت بچائين.“ پوءِ سڀ گهر ۾ ويون ۽ باهه ٻاري پاڻ کي ساڙيائون، بچي ويلن سان فاتح سنڌ هن ريت حشر ڪيو، محمد بن قاسم قلعو پنهنجي قبضي ۾ آڻي، ٽي ڏينهن اتي رهيو ۽ انهن ڇهن هزارن جنگي مردن کي مارايائين، جيڪي قلعي ۾ لڙي رهيا هئا ۽ ڪن کي تيرن جو نشان ڪيائون. تنهن کان پوءِ (باقي) جيڪي به ٻيا تابعدار ۽ لاڳاپيدار، جهڙوڪ زالون ۽ ٻار رهيا، تن کي قيد ڪيائون. (چچ نامو، سنڌي، ص: 283) راوڙ ۾ ابن قاسم کي ٽيهه هزار ٻانهان هٿ آيا، جن مان ٽيهه ته راجائن جون ڌيئرون هيون. ڏاهر جي ڀاڻيجي ’حسنه‘ [سنڌي نالي سُهڻي جو عربي روپ] به انهن ۾ هئي، جي سڀ حجاج ڏانهن موڪليائون. ڏاهر جو سر ۽ ٻانَهن جو پنجون حصو ڪعب جي هٿان عراق موڪليائين. حجاج اهي سڀ ڏسي شڪراني جو سجدو ادا ڪيو. پوءِ غنيمت جو اهو سمورو مال خليفي وليد ڏانهن شام (دمشق) موڪليائين. ڏاهر جي ڀاڻيجي حسنه سان شاديءَ جي خواهش ڪيائين، پر ان کي پوءِ عبدالله بن عباس جي حوالي ڪيو ويو. حسب دستور حجاج ۽ محمد بن قاسم، راوڙ جي فتح ۽ ڏاهر جي مارجڻ تي هڪ ٻئي کي خط لکيا. برهمڻ آباد کان اڳ فاتح کي بهرور ۽ دهليله (دليل ديري؟) جا قلعا فتح ڪرڻا پيا. اتي سورهن هزار جنگي جوان رهندا هئا. بهرور ۾ ٻه مهينا جنگ هلي. اڪثر جوڌا ڪسي ويا. قلعو تباهه ٿي ويو. عربن کي بي شمار مال غنيمت هٿ آيو. دهليله تي قبضو ٿيو ته اتي به ساڳي حالت رهي. افراتفري، خوف ۽ بي ترتيبيءَ جو ماحول سنڌ ملڪ تي ڇانئجي ويو. ڪيئي جوڌا ۽ ننڍا ننڍا راجائون پاڙيسري ملڪ هندستان ڏانهن فرار ٿي ويا. ان پسمنظر ۾ خود سياڪر وزير به ڀاڙيو ٿي مسلمانن جي ڪيمپ ۾ وڃي پناهه ورتي. محمد بن قاسم کيس عزت ڏني ۽ وزير جو درجو به ڏنو. محمد بن قاسم هنن فتوحات کان پوءِ، برهمڻ آباد فتح ڪرڻ لاءِ ’جلوالي‘ نهر جي ڪناري تي منزل ڪئي. جيسينه برهمڻ آباد قلعي جي چئن مکيه دروازن تي بهادر مقرر ڪيا ۽ جنگ جي تياريءَ ۾ لڳي ويو. 01 رجب 93هه تي لڙائي شروع ٿي. جنگ ۾ چاليهه هزار جنگي جوان هئا. صبح کان شام تائين جنگ ٿيندي هئي، جيڪا پورا ڇهه مهينا جاري رهي. هڪ وقت تي محمد بن قاسم بِنهه مايوس ٿي ويو. هي ذوالحج مهيني جي پڇاڙي سن 93 هجري ڏينهن آچر جو هو. جيسينه قلعو ڇڏي رمل/ ڀاٽيه جي حاڪم ڏانهن ويو ۽ واپس ٿيندي مسلمانن جي لشڪر لاءِ مسئلا پيدا ڪندو رهيو. جيسينه مختلف طرفن ڏانهن مدد لاءِ ويو، پر خاطر خواه جواب نه مليو. آخرڪار قلعي جي ماڻهن امن يا جنگ لاءِ ويهي صلاح ڪئي. انجام اقرار کانپوءِ قلعي کي عربن لاءِ کوليو ويو. امان گهرندڙن کي ڇڏي باقي سڀني کي قتل ڪيو ويو. ٽيهه هزار غلام قيد ۽ قبضي ۾ آيا. ليڪن جيسينه ۽ راڻي لاڏي اڃا به جنگ لاءِ تيار هئا. اوچتو قلعو فتح ٿي ويو. راڻي لاڏي ٻن ڌيئن سميت گرفتار ٿي. ويهه هزار ٻانها به گرفتار ٿيا. ڇهه هزار جنگي جوان قتل ڪيا ويا ۽ سورهن هزار مرد ڪُٺا ويا. (چچ نامو، سنڌي، ص: 291-302) ڪاريگرن، مزدورن، واپارين ۽ سکين ستابن تي ڍل مقرر ڪئي وئي. ان جو تفصيل چچ نامو، سنڌي، ص: 304 تي ملي ٿو. لوهاڻي خطي ۾ حاڪمن (برهمڻن) پاران عوام تي مڙهيل سخت قاعدن کي محمد بن قاسم به جاري رهڻ ڏنو. پوءِ ننڍا ننڍا شهر فتح ڪندو محمد بن قاسم، 03 محرم 94 هجري خميس ڏينهن تي ’ساوندي سمه‘ پهتو. ساوندي اصل ۾ سن ساوڙي (موجوده ضلعي نوابشاهه) ۾ آهي. اتي ڍنڍ وڪر بهار (ٺُل مير رڪڻ) جي ڪناري تي منزل ڪيائين. سمن ۽ سهتن جي ماڻهن ويڙهه بجاءِ ابن قاسم جو استقبال ڪيو. مختلف ماڳن تي دلجاءِ ڪري فاتحن جو لشڪر سنڌ جي تختگاهه اروڙ ڏانهن وڌيو، جتي ڏاهر جو پٽ گوپي وڏي لشڪر سان موجود هو. اروڙ واسي جنگ لاءِ تيار هئا، پر کين ڏاهر جي موت جي پڪي خبر ملي ته معاملو انتشار ۾ بدلجي ويو. راڻي لاڏي به اڳتي وڌي اروڙ وارن کي جنگ کان منع ڪئي ۽ کين ڪي صلاحون ڏنيون. [چچنامي ۾ راڻي لاڏيءَ جو محمد بن قاسم سان نڪاح ڏيکاريو ويو آهي، جيڪا ڳالهه غلط آهي. هندستان مان سنسڪرت زبان ۾ ترجمو ٿي ڇپيل ڪتاب ’سنڌو ڪنيا‘] گوپي هيءَ حالت ڏسي شهر ڇڏي ڀڄي ويو. جيسينه به مختلف علائقن ۾ مدد لاءِ ڦرندو رهيو. محمد بن قاسم اروڙ ۾ آيو ته قتل عام جو حڪم ڏنائين، جو راڻي لاڏيءَ جي سمجهائڻ تي روڪيو ويو. اروڙ تي مڪمل قبضي کان پوءِ ابن قاسم احنف بن قيس جي ڏوهٽي کي اروڙ جو گورنر مقرر ڪيو. ڀاٽيه جي قلعي تي ڪڪسو پٽ چندر حاڪم هو، محمد بن قاسم اُچ/ اسڪلنده فتح ڪرڻ لاءِ، اڳتي وڌڻ کان اڳ ڀاٽيه جي حاڪم سان معاملا نبيري ورتا. هو هر وقت کيس (ڪڪسو) پاڻ سان رکندو هو. بياس نديءَ جي ڪناري تي موجود اسڪلنده جي قلعي تي ڪاهه ڪيائين. جنگ ٿي ته ٻنهي طرفن کان رت جون نديون وهي هليون. هيءَ جنگ ست ڏينهن هلي. آخرڪار قلعي جو حاڪم سيهرا ڪوٽ ڇڏي سڪه جي قلعي ۾ پهتو. راويءَ جي ڏاکڻي ڪناري تي سڪه هڪ عاليشان قلعو هو. حاڪم جي ڀڄي وڃڻ تي اسڪلنده جي عوام فاتح سنڌ کان امان گهري. هن حڪم ڏنو ته چئن هزارن هٿياربند مردن کي قتل ڪري، انهن جي پوئلڳن کي غلام بنايو وڃي. (چچ نامو، سنڌي، ص: 350-351) ان بعد محمد بن قاسم سڪه ۽ ملتان ڏانهن رخ رکيو. سڪه شهر حاصل ڪرڻ لاءِ سترهن ڏينهن جنگ هلي. هن جنگ ۾ ٻه سؤ پندرهن شامي سپاهي مارجي ويا. محمد بن قاسم بدلي ۾ سڄي شهر کي ڊهرائي ڍير ڪري پوءِ ملتان طرف وڌيو، جتي راجا ’ڪندا‘ حاڪم هو ۽ مشهور ڪردار بجهراءِ به اتي موجود هو. ملتان جي فتح ۽ قبضي لاءِ عربن ۽ سنڌين ۾ ٻه مهينا جنگ جاري رهي. ان صورت ۾ ٻنهي ڌرين جو تمام گهڻو خون خرابو ٿيو. آخر هڪ مقامي ماڻهوءَ جي ڏس تي قلعي تي قبضو ڪيو ويو. ڪتابن لکيو آهي ته عربن، ملتان ۾ ڇهه هزار جنگي سپاهين کي قتل ڪيو. ملتان ۾ عربن کي بيشمار مال غنيمت هٿ آيو، جو ڪجهه پاڻ کنيائون، پر گهڻو حصو عراق ۽ شام ڏانهن موڪلي ڏنائون. (چچ نامو، سنڌي، ص: 352-354) جنگ ڳچ مهينا جاري رهي، اُن ڪري ڏڪار جهڙي حالت پيدا ٿي. ان ڏس ۾ خاص ڪري عرب لشڪر کي گهڻي تڪليف پهتي. ملتان جي فتح ۽ علائقي جي ٻين ننڍن ننڍن شهرن ۽ ڪوٽن جي فتح مقامي ماڻهن به عربن جي وڏي مدد ڪئي، جن کي سنڌ جي راجائن کان ڦيرائي پنهنجي پاسي ڪيو ويو هو. هونئن ته سڄيءَ سنڌ مان، پر خاص ڪري ملتان مان عربن کي سون، چاندي ۽ مال ملڪيت بي انداز مليو. مثال طور خود ’چچ نامه‘ جو عرب مصنف لکي ٿو، ”پوءِ محمد بن قاسم (ملتان ۾) انهيءَ بت کڻڻ جو حڪم ڏنو، جنهن جي هيٺان ٻه سؤ ٽيهه مڻ سون ۽ چاليهه مٽ سون جي ڪاتر سان ڀريل نڪتا. جملي تيرهن هزار ٻه سؤ مڻ تورَ سونُ دفن ٿيل نڪتو. اهو سون ۽ بت خزاني ۾ آندو ويو. ان کان سواءِ جواهر ۽ موتي، جيڪي ملتان جي شهر جي لٽ مار مان هٿ آيا، سي ۽ ٻيا خزانا ۽ دفينا به هٿ ڪيائون. (چچ نامو، سنڌي، ص: 357) هن مرحلي تي امير قاسم کي ياد ڪرايو ويو ته، دارالخلافه جي خزاني مان حقيقت حال جي جاچ ڪئي وئي ته معلوم ٿيو ته محمد بن قاسم جي تياريءَ ۾ سٺ هزار درهم تور خالص چاندي خرچ ٿي آهي ۽ سنڌ پاران جيڪا روڪڙ، جنس ۽ ڪپڙا واپس ڪيا ويا آهن، تن جو تاريخوار مجمل ۽ مفصل حساب ڪيو ويو ته، اڃا کيس هڪ سؤ ويهه درهم تور چاندي موڪلڻي آهي. (چچ نامو، سنڌي، ص: 357-358) ان وقت مٿي ڄاڻايل ڪروڙن روپين جو سون کين حاصل ٿيو. محمد بن قاسم جو لشڪر ملتان جي آسپاس جنگين ۾ مصروف هو، جو سنڌ جي فتح واري مهم کي دارالخلافت مان بند ڪرڻ جو حڪم پهتو. سنڌ تي مڙهيل جنگ ختم ٿي. ان کي عرب خلافت جي هڪ ماتحت صوبي جو درجو ڏنو ويو. محمد بن قاسم جي آخري ڏينهن، قيد ۽ موت بابت ’چچ نامه‘ ۾ ڏنل مواد [پڻ ماين ۽ ڏاهر واري شاديءَ جي مفروضي وانگر] افساني کان وڌيڪ ڪونهي. محمد بن قاسم جو عتاب ۾ اچڻ خود هڪ سياسيي پسمنظر رکي ٿو. حجاج بن يوسف 95هه/ 714ع ۾ فوت ٿي ويو. هڪ سال پوءِ وليد بن عبدالملڪ 96هه/ 715ع ۾ جهان ڇڏي ويو. ان کان پوءِ سندس ڀاءُ سليمان بن عبدالملڪ اسلامي دنيا جو خليفو ٿيو. سليمان، ثقفي (حجاج بن يوسف جي) خاندان جو ڪٽر مخالف هو. ان پسمنظر ۾ پوءِ ثقفي خاندان جي جدا جدا فردن کي تڪليفون آيون، پر فاتح سنڌ محمد بن قاسم جو برو حشر ڪيو ويو. ڊاڪٽر بلوچ لکي ٿو ته محمد بن قاسم کي واسط جي جيل ۾ اذيتون ڏئي ماريو ويو. اٽڪل روءِ هن 96هه/ 715ع ۾ وفات ڪئي. محمد بن قاسم جي اها دردناڪ پڄاڻي مرڪزي سياست ۾ آيل ڦيري ۽ نون حڪمرانن جي بي انتها انتقامي جذبي سان ٿي. (چچ نامو، سنڌي، ص: 553) ان کان سواءِ آفريقا جي فاتح موسيٰ بن نصير ۽ چين جي فاتح قتيبھ بن مسلم جو به ساڳيو حشر ٿيو. هڪ عرب ليکڪ ڊاڪٽر نافع عبدالله مٿي ڏنل سال سان اختلاف ڪندي لکي ٿو ته، محمد بن قاسم کي خليفي جي حڪم تي 98هه/ 717ع ۾ واسط جي جيل ۾ قتل ڪيو ويو. (محمد بن قاسم ثقفي، اردو، ڊاڪٽر عطيه خليل انصاري، ص: 165) سن ۽ سال ڪهڙو به درست آهي، پر اها هڪ حقيقت آهي ته محمد بن قاسم جو انجام ڏاڍو عبرتناڪ ٿيو. هتي سوال ٿو اڀري ته سنڌ جهڙي وسيع عريض ملڪ کي، محمد بن قاسم ٻن اڍائي سالن جي مختصر عرصي ۾ فتح ڪيئن ڪيو؟ هن سوال جا مختلف جواب ٿي سگهن ٿا. راجا ڏاهر يا مجموعي طور تي برهمڻ حاڪميت جون پيدا ڪيل حالتون، سنڌ جون سماجي ۽ مذهبي حالتون، عربن جو نئون جنگي طور طريقو خاص ڪري منجنيقن جو استعمال ۽ محمد بن قاسم جي چال چلت ۽ رويو. راجا ڏاهر برهمڻ خاندان سان تعلق رکندڙ سنڌ جو حاڪم هو. ان کان اڳ سنڌ تي هڪ صدي راءِ خاندان راڄ ڪيو هو. هتي جي عوام جي اڪثريت جو ٻڌ ڌرم سان تعلق هو. خود راءِ گهراڻو به ٻڌ ڌرم جو مڃيندڙ هو. ان پس منظر ۾ ايڇ. ٽي. ليمبرڪ هن خاندان کي ’سنڌ جو ٻڌ ڌرم وارو راءِ گهراڻو‘ سڏيو آهي. هن دور ۾ عوام پنهنجن حاڪمن مان خوش هو. انهن کي مذهبي، سماجي ۽ اقتصادي خوشحالي حاصل هئي. راجا چچ برهمڻ حاڪم خاندان جو پهريون بادشاهه هو. جيتوڻيڪ سنڌ جي درٻار ۾ پهچڻ وقت، اهو ٻڌايو ويو آهي ته چچ، سندس پيءُ ۽ ڀاءُ اروڙ جي هڪ مندر ۾ عبادت ۾ مشغول هئا، پر انهن (چچ خاندان) کي اڪثر ڪشميري برهمڻ سڏيو وڃي ٿو. چچ آخري راءِ ساهسي (ٻئي) جي زال سان، جنهن طريقي سان شادي ڪئي هئي. سنڌي عوام ان کي به بلڪل پسند نه ڪيو هو. راءِ ساهسيءَ کي اولاد نه هو. هي شادي هڪ ته محبت جي شادي هئي. ٻيو لڳي ائين ٿو ته ان دور ۾ سنڌ ۽ ان جي آسپاس وارين رياستن ۾، جيڪي به حاڪم يا راجائون حڪومت ڪندا هئا، سي يا ته راءِ خاندان جا عزيز هئا يا وري انهن جا پاڻ ۾ بهترين لاڳاپا هئا. انڪري چچ جو راجا ٿيڻ ۽ ساهسي (راءِ) خاندان کان، سنڌ جو اقتدار کسجڻ نه رڳو سنڌ ۾ پر اردگرد ۾ به وڏي پريشاني ۽ پشيمانيءَ جو سبب بنيو. ان ڪري چچ خاندان جو پاڙيسري راجائن ڪو گهڻو آڌرڀاءُ نه ڪيو، بلڪ اقتدار جي مسئلي تي ڪجهه جنگيون به ٿيون. ان سموري پس منظر ۾ سنڌ اندر حالتون وڏي حد تائين تبديل ٿي ويو. راجا چچ جڏهن برهمڻ آباد صوبي جي دوري تي آيو ۽ لوهاڻن جي علائقي ۾ پهتو، تڏهن هن ڪجهه مقامي قبيلن تي ڪي سخت قانون مڙهيا هئا، جي يقين سان انسان دشمن هئا. تعجب آهي ته جڏهن محمد بن قاسم مذڪوره علائقي کي فتح ڪيو، تڏهن فاتح به انهن ڪارن قاعدن ۽ قانونن کي جاري رهڻ ڏنو ۽ ختم نه ڪيو. سماجي ۽ مذهبي تفريق قومن کي ۽ معاشرن کي تقسيم ڪري ٿي. نفرت جو ٻج پوکجي ٿو. اڻ برابري جنم وٺي ٿي. تڏهن بادشاهن، حاڪمن ۽ قومن جو زوال اڻٽر ٿيو وڃي. چچ، چندر ۽ ڏاهر برهمڻ هئا. ان ريت سنڌي سماج ۾ تفاوت پيدا ٿيو، جنهن عربن کي سنڌ فتح ڪرڻ ۾ آساني پيدا ڪري ڏني. جڏهن فاتح سنڌ نيرون ڪوٽ تي حملو ڪيو، تڏهن بغير ڪنهن مزاحمت جي شهر ۽ قلعو محمد بن قاسم کي ملي ويو. اهڙا ڪي ٻيا مثال به موجود آهن. سنڌ جي فتح ۾ عربن کي ان ڪري به آساني ٿي جو اهل سنڌ لاءِ ايرانين جي ڀيٽ ۾ هي (عرب) هڪ نئين مخلوق هئي. رسم رواج، ٻولي، تمدن تهذيب ۽ وڏي ڳالهه ته جنگ جا نوان طريقا، جي سڀ اهل سنڌ لاءِ اجنبي هئا. ڊاڪٽر ممتاز حسين پٺاڻ عرب فتوحات تي پنهنجي راءِ رکي ٿو، جنهن موجب عربن جي سوڀ جو هڪ وڏو سبب هي به هو، جو عربي فوجن کي رسد جي سامان جي لڳاتار مدد ملندي پئي رهي، جنهن سان هٿيار، گهوڙا، ۽ نوان فوجي جٿا به ايندا رهيا. ان ڪري سندن تعداد ۽ طاقت ۾ واڌارو ٿيندو رهيو. راوڙ جي شڪست کان پوءِ راجا جي فوج کليل ميدان ۾ جنگ ڪرڻ کان نٽائي رهي هئي، جو آخر ۾ عوام وٽ سندن لاءِ ڪا به محبت يا همدرديءَ جو جذبو ڪونه رهيو هو. (تاريخ سنڌ، عرب دور، سنڌي، ص: 258). هٿيارن جي حوالي سان ’منجنيق‘ جو ذڪر لازمي آهي، جنهن کي عربن پهريون ڀيرو ديبل تي حملي وقت استعمال ڪيو ۽ مندر جي جهنڊي يا گنبذ کي ان وسيلي ڪيرايو هو. بعد ۾ ٻين موقعن تي به هي هٿيار استعمال ٿيندو رهيو. حقيقت ۾ منجنيق ننڍي کنڊ ۾ پهريون ڀيرو عربن آندي ۽ استعمال ڪئي. عرب حملي کان اڳ محمد علافيءَ بغاوت ڪري، مڪران کي ڇڏي سنڌ جي درٻار ۾ پناهه اچي ورتي هئي، جنگ جي موقعي تي راجا ڏاهر، محمد علافيءَ جي عرب هئڻ ڪري سندس ڄاڻ مان فائدو حاصل ڪرڻ چاهيو، پر ويچار اهو آهي ته ائين نه ٿي سگهيو. علافين پنهنجن سنڌي ميزبانن سان دوکو ڪيو ۽ کين وڏي نقصان ۾ وجهي ڇڏيو. انهن عربن سان ناتو قائم رکيو. جڏهن عرب سنڌ ۾ داخل ٿي چڪا، تڏهن اهي علافي کين هتان جي فوجي طاقت، سنڌ جي اهم مرڪزن، سنڌين جي جنگ جي نموني، سنڌ جي مختلف طبقن ۽ راجا ڏاهر جي فوجي چرپر بابت سڄي خبرچار عربن کي پهچائيندا رهيا. (عرب دور، سنڌي، ص: 257) ان کان سواءِ سنڌ جي عرب فتح ۾ محمد بن قاسم جي وچٿري ڪردار جي به ڳالهه ڪئي وڃي ٿي. اصل ۾ محمد بن قاسم جي سنڌ جي فتح لاءِ چونڊ حجاج بن يوسف ڪئي هئي. خرچ پکي، آمدني ۽ خزاني لاءِ رقم جو بار به هن پاڻ تي کنيو هو. محمد بن قاسم ۽ حجاج بن يوسف پاڻ ۾ مائٽ هئا، ان ڪري مڪران کان ارمابيل، ۽ پوءِ ديبل کان ملتان جي فتح تائين، حجاج لاڳيتو محمد بن قاسم جي رهبري، همت افزائي ۽ مدد ڪندو رهيو. ڪتاب ’چچ نامه‘ ۾ ڳچ اهڙا خط ملن ٿا، جيڪي حجاج رهبري ۽ همت افزائيءَ واسطي محمد بن قاسم کي لکيا هئا. انهن مان خبر پوي ٿي ته سنڌ جي فتح جي پٺيان اصل ڪردار حجاج بن يوسف جو آهي. سرزمين سنڌ تي محمد بن قاسم جي ڪردار جي جيتوڻيڪ عام طرح تعريف ڪئي وڃي ٿي. پر سنڌ جي فتح وقت هن جا ٻه ڪردار (روپ) ڏسڻ ۾ اچن ٿا. اڪثر علائقن ۾ ٻڌ ڌرم جا پوئلڳ رهندڙ هئا، جيڪي عربن جي اچڻ ۽ سنڌ فتح ڪرڻ وقت سندن سهڪاري بنجي ويا هئا، ڇو ته ٻڌ هئڻ سبب خون خرابي جا قائل نه هئا. انهن عربن جي حملي وقت ڳچ شهرن ۾ جنگ ٿيڻ نه ڏني ۽ سنڌ حڪومت خلاف ڪوٽن يا قلعن جا در عربن لاءِ کولي ٿي ڇڏيا. عرب فاتح ان ڪري ٻڌ ڌرم وارن سان سٺو برتاءُ ڪيو، کين عام معافي ڏني. شهرن جون حڪومتون ۽ عهدا به کين ڏنا. ان ريت ٻڌ آباديءَ جي اڪثريت ڏاهر جي خلاف عرب فاتح جي مدد ڪئي، جڏهن ته باقي هندو آبادي راجا ڏاهر سان گڏ رهي، جن ڪافي شهرن ۾ سخت مقابلا ڪيا ۽ ڪيئي مهينا جنگ جاري رکندي، ڪوٽن ۽ قلعن کي بند رکيو. ان پسمنظر ۾ عربن کي گهڻي تڪليف پهتي هئي. انهن حالتن ۾ جڏهن ڪو شهر يا ڪوٽ قلعو فتح ٿيندو هو، تڏهن عرب مخالف ڌر يعني هندن جي قتل عام جو حڪم ڏيندا هئا. اهڙو قتل بلڪل بي رحم ٿي ڪيو ويندو هو. هڪ ئي ماڳ تي هڪ ئي ڏينهن تي هزارين ماڻهو قتل ڪيا ويندا هئا. بچي ويلن کي غلام بنائي عراق ۽ شام موڪليو ويندو هو. ان ڏس ۾ مرد ته ڇڏيو عورتن ۽ ٻارن کي به معاف نه ڪيو ويندو هو. اهڙيءَ حالت ۾ سنڌ ۾ دهشت ۽ وحشت عام ٿي ۽ ماڻهو عربن کان مايوس ٿيڻ شروع ٿي ويا. جن قبيلن کي موقعو مليو، اهي ڀرپاسي جي رياستن ڏانهن هليا ويا، ڪيترائي شهر ويران ٿي ويا. انهن حالتن ۾ محمد بن قاسم، سنڌ کي فتح ڪيو ۽ راجا ڏاهر وطن جي بچاءَ جي جنگ وڙهندي مارجي ويو. تاريخ عرب فاتح کي معاف نه ڪيو ۽ پوءِ هو خود به آقائن جي عتاب هيٺ اچي، واسط جي جيل ۾ ڪَٺن ڏينهن ڪاٽي مري ويو. وڌيڪ ڏسو : سنڌ ۾ عرب دور حڪومت


هن صفحي کي شيئر ڪريو