سيد عبدالرشيد ٺٽوي : ٺٽوي عبدالرشيد بن عبدالغفور حسيني ٺٽوي وقت جو وڏو عالم، فاضل ۽ شاعر هو. هن شاھجھان بادشاھہ جي نالي سان منسوب هڪ عربي لغت ”منتخب اللغات“ لکي جيڪا تمام گهڻي مشھور ٿي ۽ گهڻائي دفعا شايع ٿي، ان لغت کانسواءِ فارسي لغت ”فرهنگ رشيدي“ پڻ تمام گهڻي مشھور آهي، جيڪا ويجهڙائي ۾ ايران مان پڻ شايع ٿي چڪي آهي. ان کانسواءِ علم مناظري تي ان جو هڪ رسالو عربي زبان جي نصاب ۾ داخل آهي. سيد عبدالرشيد هڪ وڏو شاعر هو. ان هڪ طويل قصيدي ۾ پنھنجي علميت ۽ علوم جي طرف اشارو ڪيو آهي، اهو قصيدو ”مقالات الشعرا“ ۾ موجود آهي. شعر و شاعري جي ميدان ۾ هن کي قطعه تاريخ جي فن ۾ وڏي مهارت حاصل هئي. شاھجھان کانپوءِ عالمگير جڏهن تخت تي ويٺو تڏهن عبدالرشيد هن آيت مان تاريخ جلوس حاصل ڪئي. ”واطيعو ﷲ واطيعو الرسول واولي الامر منڪم“ (1069ھہ)1658ع عبدالرشيد ٺٽوي عالمگير جي دؤر ۾ ٺٽي مان دهليءَ پهتو ۽ اتي وڏو مرتبو حاصل ڪيائين. هن عظيم شاعر ٻارهين صدي هجري ۾ وفات ڪئي.