سيد علي ثاني ٺٽوي

سيد علي ثاني ٺٽوي : سيد علي بن سيد جلال بن سيد علي بن سيد احمد ٺٽوي شيرازي. سيد حسين شاھہ، مراد جو ڀائيٽو. پنھنجي چاچي ولي ڪامل سيد حسين جي حياتيءَ ۾ پئدا ٿيو. جڏهن سندس والد پنھنجي ڀاءُ سيد صاحب کان ٻارڙي لاءِ دعا گهرائي تہ هن چيو: ”او ڀائي، ڏئيس وڏي ڄمار“ يعني تہ منهنجا ڀاءُ تعاليٰ کيس وڏي حياتي بخشيندو. سيد علي ثانيءَ ٺٽي ۾ ئي تعليم حاصل ڪئي ۽ خانداني ورد وظيفا پنھنجي چاچي ۽ والد کان حاصل ڪيائين. ان کان پوءِ ٺٽي جي مشھور مجذوب فقير آچر جو معتقد ٿي رهيو، جنهن وٽان گهڻو ڪجهہ فيض حاصل ڪيائين. فقيرآچر جي وفات کان پوءِ مخدوم نوحرح جو معتقد ۽ مريد ٿي رهيو. هن ڪيترائي حج ڪيا. حرمين شريفين ۾ عرب ۽ عجم جا ڪيترا ماڻهو سندس مريد ۽ معتقد ٿيا. روايت آهي تہ هن وٽان حج جي سفر ۾ ايتريون گهڻيون ڪرامتون ظاهر ٿينديون رهيون، جنهن جو شمار ڪري نہ ٿو سگهجي. هو وڏو سخي مرد هو. ڪو بہ وٽس ايندو هو، تہ بر وقت موجود سڀ ڪجهہ راھہ خدا ۾ ڏئي ڇڏيندو هو. ترخان گهراڻي جي راڄ جو زمانو هو. مرزا محمد صالح ولد مرزا عيسيٰ خان ترخان پنھنجي نياڻي سيد عليءَ جي فرزند سيد جلال ثانيءَ جي نڪاح ۾ ڏني هئي، جنهنڪري شاهي خاندان سان سندس رشتيداريءَ وارو تعلق پڻ هو. مرزا محمد باقيءَ جهڙو جابر بادشاھہ سندس معتقد هو. مڪليءَ جي پهاڙيءَ تي شيخ ڀرڪئي مجذوب جي ڌنڌن کي ڏسي مرزا باقي سيد علي شيرازي ڏانهن رجوع ٿيو. شيخ رضائي ٺٽوي مثنوي ”زيبا و نگار“ ۾ لکيو آهي تہ علي شيرازي لس ٻيلي ڏانهن سسئيءَ جي قبر ڏسڻ ۽ ڪشف جي رنگ ۾ سندس حالت جاچڻ لاءِ سفر ڪيو، جتي هن کي ٻنهي (سسئي ۽ پنھون) سان روحاني ملاقات ٿي، رضائي مثنوي ۾ ملاقات جو تفصيل بہ آندو آهي. سيد علي عربيءَ جو وڏو عالم هو، هن حرمين جي مريدن لاءِ عربي زبان ۾ هڪ ”رساله آداب المريدين“ لکيو ، جنهن جو سال تصنيف 954ھہ /1547ع آهي. مير معصوم لکي ٿو تہ: ”سيد علي علم، هنر ۽ سخاوت ۾ ڪمال جو مالڪ هو. هر سال ربيع الاول جي شروع ۾ 12 ڏينهن تمام گهڻا کاڌا ۽ طعام تيار ڪرائي فقيرن ۽ درويشن کي کارائيندو هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو