سيد علي ثاني ٺٽوي : سيد علي بن سيد جلال بن سيد علي بن سيد احمد ٺٽوي شيرازي. سيد حسين شاهه، مراد جو ڀائيٽو. پنهنجي چاچي ولي ڪامل سيد حسين جي حياتيءَ ۾ پئدا ٿيو. جڏهن سندس والد پنهنجي ڀاءُ سيد صاحب کان ٻارڙي لاءِ دعا گھرائي ته هن چيو: ”او ڀائي، ڏئيس وڏي ڄمار“ يعني ته منهنجا ڀاءُ الله تعاليٰ کيس وڏي حياتي بخشيندو. سيد علي ثانيءَ ٺٽي ۾ ئي تعليم حاصل ڪئي ۽ خانداني ورد وظيفا پنهنجي چاچي ۽ والد کان حاصل ڪيائين. ان کان پوءِ ٺٽي جي مشهور مجذوب فقير آچر جو معتقد ٿي رهيو، جنهن وٽان گھڻو ڪجهه فيض حاصل ڪيائين. فقيرآچر جي وفات کان پوءِ مخدوم نوحرح جو معتقد ۽ مريد ٿي رهيو. هن ڪيترائي حج ڪيا. حرمين شريفين ۾ عرب ۽ عجم جا ڪيترا ماڻهو سندس مريد ۽ معتقد ٿيا. روايت آهي ته هن وٽان حج جي سفر ۾ ايتريون گھڻيون ڪرامتون ظاهر ٿينديون رهيون، جنهن جو شمار ڪري نه ٿو سگھجي. هو وڏو سخي مرد هو. ڪو به وٽس ايندو هو، ته بر وقت موجود سڀ ڪجهه راهه خدا ۾ ڏئي ڇڏيندو هو. ترخان گھراڻي جي راڄ جو زمانو هو. مرزا محمد صالح ولد مرزا عيسيٰ خان ترخان پنهنجي نياڻي سيد عليءَ جي فرزند سيد جلال ثانيءَ جي نڪاح ۾ ڏني هئي، جنهنڪري شاهي خاندان سان سندس رشتيداريءَ وارو تعلق پڻ هو. مرزا محمد باقيءَ جھڙو جابر بادشاهه سندس معتقد هو. مڪليءَ جي پهاڙيءَ تي شيخ ڀرڪئي مجذوب جي ڌنڌن کي ڏسي مرزا باقي سيد علي شيرازي ڏانهن رجوع ٿيو. شيخ رضائي ٺٽوي مثنوي ”زيبا و نگار“ ۾ لکيو آهي ته علي شيرازي لس ٻيلي ڏانهن سسئيءَ جي قبر ڏسڻ ۽ ڪشف جي رنگ ۾ سندس حالت جاچڻ لاءِ سفر ڪيو، جتي هن کي ٻنهي (سسئي ۽ پنهون) سان روحاني ملاقات ٿي، رضائي مثنوي ۾ ملاقات جو تفصيل به آندو آهي. سيد علي عربيءَ جو وڏو عالم هو، هن حرمين جي مريدن لاءِ عربي زبان ۾ هڪ ”رساله آداب المريدين“ لکيو ، جنهن جو سال تصنيف 954هه /1547ع آهي. مير معصوم لکي ٿو ته: ”سيد علي علم، هنر ۽ سخاوت ۾ ڪمال جو مالڪ هو. هر سال ربيع الاول جي شروع ۾ 12 ڏينهن تمام گھڻا کاڌا ۽ طعام تيار ڪرائي فقيرن ۽ درويشن کي کارائيندو هو.