سيد محمد مڪي بکري

سيد محمد مڪي بکري:سيد محمد مڪي بکري'> سيد محمد مڪي بکري اهو بزرگ آهي، جنهن بکر ۽ سکر جا شھر آباد ڪيا. سندس نسب جو سلسلو هن ريت آهي: محمد سيد شجاع بن سيد ابراهيم بن سيد زيد بن سيد جعفر بن سيد حمزہ بن سيد هارون بن سيد عقيل بن سيد اسماعيل بن سيد ابو الحسن علي الفتار بن سيد جعفر بن امام علي نقي بن امام صديقي بن امام علي رضا بن امام موسيٰ ڪاظم بن امام جعفر صادق بن امام محمد باقر بن امام علي زين العابدين بن امام حسين بن حضرت علي بن ابي طالبعه. هي نسب نامو سيد محمد مڪي جي مقبري جي دروازي تي ڳاڙهي پٿر تي لکيل آهي جنهن مان ڪيترائي نالا ڊهي چڪا آهن. مقبري جي ڪتبي مان بہ خبر پوي ٿي تہ سيد محمد مڪي شھاب الدين سھروردي بغدادي جو ڏوهٽو هو. تحفة الڪرام ۾ مير علي شير قانع ٺٽوي لکيو آهي تہ: شجاع مشهد، ايران ۾ رهندو هو، اتان حرمين جي زيارت جي ارادي سان ويو. سفر دوران شيخ شھاب الدين صديقي سھروردي (وفات 632ھہ/1234ع) جي خدمت ۾ پهتو ۽ ان جو مريد ٿيو. شيخ صاحب پنھنجي ڌيءَ جو نڪاح هن سان ڪرايو ۽ کيس حج جي اجازت ڏنائين. هي پنھنجي گهر واري سان مڪي ۾ رهڻ لڳو ۽ اتي ئي سيد محمد مڪي پيدا ٿيو، سيد محمد شجاع حج مان فارغ ٿي وطن واپس آيو ۽ ڪجهہ ئي ڏينهن کانپوءِ وفات ڪري ويو. کيس حضرت امام موسيٰ رضا عليھ السلام جي مقبري وٽ دفن ڪيو ويو. ان کانپوءِ سيد محمد مڪي مشهد مان هجرت ڪري اچي سنڌ ۾ رهائش اختيار ڪئي. ان سلسلي ۾ رضوي بکري سيدن جي پراڻن ڪاغذن مان خبر پوي ٿي تہ سيد محمد جو والد سيد شجاع هڪ ڀيرو پهريان بہ سنڌ آيو هو. موجودہ سکر ۽ بکر واري هنڌن تي اچي رهيو. والد جي وفات کانپوءِ هن سنڌ جو سفر اختيار ڪيو. ان سفر جو تذڪرو هن پنھنجي تصنيف ۾ پڻ ڪيو آهي. تحفة الڪرام ۾ لکيل آهي تہ:’ بکر جو پراڻو نالو فرسته آهي. هندو راجائن جي زماني ۾ هتي ڪو بہ شھر نہ هو. اروڙ جي ويراني کانپوءِ بکر جو شھر آباد ٿيو. روايت آهي تہ جڏهن سيد محمد مڪي ان سر زمين تي پهتو تہ چيائين ’جحل بڪر تي في بقحة المبارڪه‘ يعني تعاليٰ منهنجي صبح برڪت واري جڳھہ تي ڪرائي. ان کان پوءِ بڪر عام ماڻهن جي زبان تي اچي ويو. جيڪو پوءِ تبديل ٿي بکر ٿي ويو.‘ ٻي روايت آهي تہ سيد محمد مڪي کان هن جي خادمن پڇيو تہ آرام لاءِ ڪهڙي هنڌ تي ترسجي؟ تنهن تي پاڻ چيائين جتي صبح سوير ڳئون جو آواز ٻڌو. ڳئون کي عربي ۾ ’بقرة‘ چوندا آهن ۽ ان جي ڪري ان شھر جو نالو بکر پئجي ويو. بکر ۾ ئي سيد محمد مڪي جو مقبرو آهي، يعني پراڻي ۽ نئين سکر جو وچ وارو حصو. شڪر نالي سيد محمد مڪي جو هڪ مشھور خدمتگار هو، جنهن کي ٻين خادمن سان گڏ سيد صاحب ان هنڌ تي رهڻ لاءِ چيو هو، جتي هن وقت سکر شھر جو مکيہ علائقو آهي. سيد محمد مڪي کي چوڏنهن فرزند ٿيا، جن ۾ مشھور عالم سيد بدر الدين ۽ سيد صدر الدين بہ شامل آهن. سکر ۾ درياھہ ڀرسان آبادي جو بنياد سيد صدر الدين وڌو، جيڪو اتي اچي رهيو. سيد محمد مڪي 646ھہ/1248ع ۾ 106 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو