شاهاڻي 2

شاهاڻي 2 (ذات): هن ذات جي باري ۾ مختلف محققن جا مختلف رايا آهن، جيڪي هن ريت آهن: ايس صادق علي جي لکڻ موجب جسڪاڻي ڊومبڪي بلوچن جي هڪ پاڙي جو نالو ’شاهاڻي‘ آهي. اهڙيءَ ريت چانڊيا بلوچن جي ’مارفاڻي‘ قبيلي جي هڪ پاڙي جو نالو ’شاهاڻي‘ آهي، سماٽي ڀٽين جي هڪ پاڙي جو نالو ’شاهاڻي‘ آهي. سنڌ جي جتن جي هڪ پاڙي جو نالو ’شاهاڻي‘ آهي. اهڙيءَ ريت پير علي مرتضيٰ شاھہ راشديءَ جي اولاد کي ’شاهاڻي سيد‘ چون ٿا، جيڪو پير محمد راشد روضي ڌڻي جو ڀاءُ هو. هن شاخ مان پير حجت شاھہ راشدي ٻٽ سرائي هڪ وڏو بزرگ ٿي رهيو آهي. ان کان سواءِ ڪهيرين، پڙهيارن، ٽبي لنڊن جي پاڙي جو نالو بہ شاهاڻي آهي.
شاهاڻي ۽ شهاڻي، هندن جا پاڙا بہ آهن. سنڌ جو برک اديب ڏيارام گدومل بہ شاهاڻي هو. اڳوڻي وزيراعظم شھيد ذوالفقار علي ڀُٽي جو سنڌ ۾ صلاحڪار پي ڪي شاهاڻي کان سواءِ ريٽا شهاڻي، سنڌ هند جي مشھور ليکڪا ٿي گذري آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو