زنگيجو، شاهو خان

زنگيجو، شاهو خان

شاهو خان زنگيجو

شاهو خان زنگيجو:خان زنگيجو'> شاهو خان زنگيجو ڪنڊڙيءَ ضلعي خيرپور ميرس جي مشھور صوفي شاعر روحل فقير جو وڏو فرزند هو ۽ روحل فقير مٿس پنھنجي والد شاهوءَ جو نالو رکي، اباڻي ريت پوري ڪئي. هن 1165ھہ/1748ع ۾ جنم ورتو. هن جي تعليم ۽ تربيت والد روحل فقير جي نگرانيءَ ۾ ٿي ۽ ان جي صحبت ۾ ئي تصوف جون منزلون طئي ڪري ۽ سندس هٿ تي بيعت ڪـري فـقـيـري اخـتـيار ڪيائين. شاهو فقير سنڌي، سرائيڪي ۽ هنديءَ جو سٺو شاعر هو. شاهو فقير، حليم طبع، صابر ۽ شاڪر شخص هو. سندس رهڻي ڪهڻي سادي هئي. ٽالپر حڪمران سندس عزت ڪندا هئا. هن جا پنھنجي والد روحل فقير سان تصوف جي موضوع تي ”گرو ۽ چيلي“ جي عنوان سان سوال جواب نظم ٿيل آهن، جيڪي وڏي اهميت رکن ٿا. هن جو ڪافي مقدار ۾ ڪلام موجود هو پر اهو هينئر ناپيد آهي، سندس ٿورو ڪلام فقيرن ۽ سگهڙن وٽان هٿ ڪري، نامور شاعر ۽ محقق نياز همايونيءَ ڪتاب ’آءُ ڪانگا ڪر ڳالھہ‘ فقير دريا خان ڪنڊڙيءَ واري جي ڪلام 1992ع ۾ شامل ڪري ڇپايو آهي. شاهو فقير 1230ھہ/1815ع ۾ وفات ڪئي ۽ ضلعي خيرپور جي هڪ ڳوٺ ڪنڊڙيءَ ۾ سندس مزار موجود آهي. شاهو فقير جي هندي ۽ سنڌي ڪلام جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو: پاڄايو جا پيٽ ڪي، اي سڀ پيٽ ڪي ڪاڄ شاهو پيٽ نہ هو وي، تو ڪون جي مهراڄ! (هند) پنھنجي اکئين پاڻ ۾، ليئو پاتو جن، وِهڻ تن کي وِھہ ٿئو، نڪي سُک سمهن، اٺئي پھر عجيب سان ويٺا اورن ڪن، شاهو منجهان تن، اچي بوءِ بھار جي!


هن صفحي کي شيئر ڪريو