شاھہ غلام يٰسين شيخ

شاھہ غلام يٰسين شيخ: هي برهانپور جي نامور عالم، فاضل ۽ حافظ قرآن شيخ شھاب الدين جو ٽيون نمبر پٽ هو. هن جي ولادت ۽ وفات توڙي احوال بابت ڪا بہ معلومات نہ ٿي ملي. بس هي شيخ شھاب الدين جو پٽ ۽ بابا فتح محمد جو پوٽو ۽ پنھنجي دور جو عالم ۽ فاضل هو. سندس مڪمل نالو شاھہ غلام يــٰسين عين وارثِ رسول هو. هن جي هڪ ناياب تصنيفشرح آيات سليمانيه’ آهي. هن تصنيف ۾ قرآن مجيد جون اهي سموريون آيتون، جن ۾ حضرت سليمان عليہ السلام جو ذڪر آهي، هڪ هنڌ جمع ڪري انهن جو ترجمو ۽ شرح فارسي ٻوليءَ ۾ لکي وئي آهي. هي ڪتاب ‘برهانپور ڪي سندهي اولياء’ جي مصنف سيد مطيع راشد برهانپوريءَ وٽ محفوظ هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو