شيخ حسين صفائي ٺٽوي : عارف ، ڪامل ، تارڪ دنيا ، شيخ حسين ٺٽوي ، سيد حسين شاهه مراد جي خادمن ۽ خليفن مان هو . هن جي والده سيد صاحب جي حويليءَ تي ڪم ڪار ڪندي هئي ۽ هي ننڍڙو ماءُ سان گڏ هوندو هو . هڪ دفعي سندس ماءُ سيد صاحب کي عرض ڪيو ته منهنجي پٽ کي پنهنجي ڪوزي مان پاڻيءَ ڍڪ پياريو ۽ دعا ڪريوس ته صالحن مان ٿئي . پاڻ کيس پاڻي پياري دعا ڪيائين . ان بعد سموري ڄمار سيد صاحب جي نماز ۽ وضوءَ لاءِ ڪوزو ۽ مصلو سنڀاليندو رهيو ، جڏهن مصلو پراڻو ٿيندو هو ته اُن جون ٽوپيون ٺاهي پائيندو هو . سيد صاحب سان ايڏي محبت هئس جو هڪ دفعي چيائين ته حسين فقير هن جهان ۽ ٻئي جهان ۾ اسان سان گڏ هوندو . هڪ دفعي احمدآباد جي هڪ درويش کيس هڪ پارس پٿر يا اڪسير آڻي ڏنو ته هن مان گذر سفر ڪندو رهي ، جڏهن 16 مهينن بعد ساڳيو درويش ، ٺٽي موٽي آيو ته حسين فقير اهو پٿر کيس واپس اچي ڏنو ۽ چيائين ته مون لاءِ الله ۽ سندس رسول صلي الله عليه وسلم ۽ سندس آلڪافي آهن . هنن شين جي مون کي ڪا ضرورت ڪانه آهي . هيءَ پنهنجي امانت واپس ورائي وٺو . هو ايڏو لاطمع ڪامل هو ، جو چون ٿا ته هڪ دفعي مرزا شاهه حسين ارغون سنڌ جو حاڪم به سندس ملاقات لاءِ لنگھي آيو ۽ فيض پرائي واپس ويو . هن ڪامل درويش سن 931هه / 1524ع ۾ وفات ڪئي .