شيخ حسين صفائي ٺٽوي : عارف ، ڪامل ، تارڪ دنيا ، شيخ حسين ٺٽوي ، سيد حسين شاھہ مراد جي خادمن ۽ خليفن مان هو . هن جي والدہ سيد صاحب جي حويليءَ تي ڪم ڪار ڪندي هئي ۽ هي ننڍڙو ماءُ سان گڏ هوندو هو . هڪ دفعي سندس ماءُ سيد صاحب کي عرض ڪيو تہ منهنجي پٽ کي پنھنجي ڪوزي مان پاڻيءَ ڍڪ پياريو ۽ دعا ڪريوس تہ صالحن مان ٿئي . پاڻ کيس پاڻي پياري دعا ڪيائين . ان بعد سموري ڄمار سيد صاحب جي نماز ۽ وضوءَ لاءِ ڪوزو ۽ مصلو سنڀاليندو رهيو ، جڏهن مصلو پراڻو ٿيندو هو تہ اُن جون ٽوپيون ٺاهي پائيندو هو . سيد صاحب سان ايڏي محبت هئس جو هڪ دفعي چيائين تہ حسين فقير هن جھان ۽ ٻئي جھان ۾ اسان سان گڏ هوندو . هڪ دفعي احمدآباد جي هڪ درويش کيس هڪ پارس پٿر يا اڪسير آڻي ڏنو تہ هن مان گذر سفر ڪندو رهي ، جڏهن 16 مهينن بعد ساڳيو درويش ، ٺٽي موٽي آيو تہ حسين فقير اهو پٿر کيس واپس اچي ڏنو ۽ چيائين تہ مون لاءِ ﷲ ۽ سندس رسول صلي ﷲ عليہ وسلم ۽ سندس آلڪافي آهن . هنن شين جي مون کي ڪا ضرورت ڪانہ آهي . هيءَ پنھنجي امانت واپس ورائي وٺو . هو ايڏو لاطمع ڪامل هو ، جو چون ٿا تہ هڪ دفعي مرزا شاھہ حسين ارغون سنڌ جو حاڪم بہ سندس ملاقات لاءِ لنگهي آيو ۽ فيض پرائي واپس ويو . هن ڪامل درويش سن 931ھہ / 1524ع ۾ وفات ڪئي .