شيخ عبدالسبحان ٺٽوي: شيخ عبدالسبحان ”فائز“ٺٽي جي اهلڪارن ۽ عملدارن مان هڪ اهم شخص ٿي گذريو آهي. هو شاعر هو، جنهن جي سموري شاعري مزاحيہ ۽ هجو واري هئي، جنهنڪري ماڻهو سندس ڪلام کي ياد ئي نہ ڪندا هئا. هو في البديه شاعر ۽ مزاح نگار هو. ڪوبه ماڻهو سندس هجو گوئيءَ کان بچي نہ سگهندو هو. سندس مزاحيہ شاعريءَ لطافت جي لذت کان خالي هئي. هنديءَ ۽ فارسيءَ ۾ شعر حضرت محمد و آل محمد صلي ﷲ عليہ وسلم جي شان ۾ قصيدا ۽ مرثيا بہ چيائين، مدح ۽ مولودن ۾ بہ شھرت جو مالڪ رهيو. ٺٽي جي هجو ۾ بہ هڪ ڊگهو قصيدو لکيائين، عبدالسبحان فائز خوش طبع شخص هو ۽ شھر جي حاڪمن وٽ چڱي رسائي هئس. ٺٽي جي شيخ الاسلام ميرڪ محمد احسن هڪ وڏي عام دعوت ڪئي هئي، جنهن ۾ هڪ سيد ڪلب علي دعوت کان رهجي ويو جنهن تي عبدالسبحان جهٽ پٽ هڪ شعر چيو تہ: هـنــدو مسلـميـن ز خــوان توســير اســتخوانــي نيـافــت کــلب عــلي. شيخ الاسلام جي دستر خوان تي مسلمان ۽ هندن کائي ڍؤ ڪيو، ليڪن افسوس جو سيد ڪلب علي دعوت کان رهجي ويو. عبدالسبحان 15 رمضان سن 1171ھہ/ 1757ع ۾ وفات ڪئي.