شيخ محمد مريد سيوهاڻي

شيخ محمد مريد سيوهاڻي: شيخ محمد مريد اصل ۾ سيوهڻ جو رهاڪو هندو قانون گو، عالم ۽ عارف هو. هو مشھور وڪيل ۽ شاعر بہ هو، اورنگزيب عالمگير جي دور ۾ مسلمان ٿيو. سندس هوشياريءَ جي هاڪ دهلي درٻار تائين پهتي، عالمگير کيس حڪومت پاران سيوهڻ جو قانون گو (وڪيل) مقرر ڪيو. هن پنھنجي دور جا سرڪاري ۽ عوامي فيصلا انصاف سان ڪيا. کيس هڪ پٽ هو، جنهن جو نالو شيخ محمد محفوظ هو، سو بادشاھہ جو وڪيل ٿيو. شيخ مريد جي خاندان مان ڪيترا قانون گو اڄ تائين سيوهڻ ۾ رهن ٿا، جن مان ’رام‘ ۽ ’لڌو‘ مشھور آهن. جيڪي لعل شھباز جا مريد آهن ۽ عرس جي موقعي تي ميندي ڪڍن ٿا. هن خاندان جا مسلمان شيخ پڻ سيوهڻ ۾ رهن ٿا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو