
صديق قمبراڻي
صديق قمبراڻي: مشھور ملھہ پهلوان صديق قمبراڻي 1942ع ڌاري ڳوٺ آراڙو ڀرڳڙي، تعلقي سامارو ضلعي عمرڪوٽ ۾ پيدا ٿيو.ِ سندس والدين اتان لڏي تعلقي ڪوٽ غلام محمد ۾ رهائش پذير ٿيا. هن کي ملاکڙن ۾ پهلوانن کي ملھہ وڙهندي ڏسي ملھہ سکڻ جو شوق ٿيو. پوءِ ٻاويهن سالن جي عمر ۾ هن پنھنجي ڳوٺ جي هڪ پهلوان دودي شيديءَ کان ملھہ جي باقاعدي سکيا ورتي. مڪمل انگ سکڻ کانپوءِ کيس استاد شاگردي جو ڌاڳو ٻڌي ملاکڙن ۾ ملھہ وڙهڻ جي اجازت ڏني. هن ٽئين جوڙ ۾ ملھہ وڙهڻ جي شروعات ڪئي. مختلف ميلن ۾ ٿيندڙ ملاکڙن ۾ مسلسل ڪاميابي ماڻڻ تي جلدي ٻئين جوڙ ۾ داخل ٿيو. ٻئين جوڙ ۾ يڪي خاصخيلي کي استاد ڪيائين ۽ وٽائنس شاگردي جو ڌاڳو ٻڌايو. ٻئين جوڙ ۾ ڏهن سالن تائين وڙهيو، جنهن بعد پهرين جوڙ ۾ شامل ٿيو ۽ سڄي سنڌ جي ڳوٺن توڙي شهرن جي ملاکڙن ۾ اتر سنڌ جي پهلوانن کي شڪست ڏئي گهڻا انعام ماڻيائين ۽ چڱو نالو ڪمايائين. هو پهرين جوڙ جو بھترين پهلوان هو. هميشہ لاڙ جي پهلوانن جي طرف کان ملھہ وڙهندو هو. اتر جي تمام مشھور پهلوانن سان مقابلا ڪري شڪست ڏنائين.