سڪندري عبدالرحيم مفتي

سڪندري عبدالرحيم مفتي

عبدالرحيم مفتي سڪندري

عبدالرحيم مفتي سڪندري، : سنڌ جي مايہ ناز ۽ برک عالم دين عـلامه مفتـي عبـدالـرحيم سڪـندري ولد الحاج فقير محراب خـان شـر، 27 رمضان المبارڪ 1365ھہ مطابق پهرين سيپٽمبر 1944ع تي ڳوٺ سيباڻي خان شر لڳ کرڙي تعلقو ٺري ميرواھہ، ضلعي خيرپورميرس ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم ڳوٺ مولابخش شر مان حاصل ڪرڻ کان پوءِ ڇهون ۽ ستون انگريزي رسول پور هاءِ اسڪول ۾ پڙهيو. ناظره قرآن شريف 1955ع ڌاري حافظ غلام قادر وٽ پڙهيو، جنهن بعد 1957ع ۾ کيس سندس ڏاڏي الحاج فقير قادر داد شر جامعہ راشديه درگاھہ شريف حضرت پير سائين پاڳارا پير ڳوٺ ۾ داخل ڪرايو. 1966ع ڌاري جامعہ راشديه مان فارغ التحصيل ٿي دستاربند ٿيو ۽ سيد سڪندر علي شاھہ عرف سيد شاھہ مردان شاھہ (ثاني) ستين پير پاڳاري سان روحاني نسبت سبب ’سڪندري‘ سڏجي ٿو، سندس استاد سنڌ جا برک عالم ۽ بزرگ هئا، جن پنھنجي علمي ۽ روحاني سند جي کيس اجازت ڏني. مفتي صاحب جي سند جو سلسلو ڳڙهي ياسينوي بزرگن کان ٿيندو همايوني ۽ شهدادڪوٽي بزرگن ذريعي شيخ الهند عبدالحق محدث دهلويءَ سان وڃي ملي ٿو. سندس استادن ۾: مفتي محمد صاحبداد خان جمالي، حضرت فقير مفتي محمد صالح مهر، سيد حسين امام اختر، علامہ تقدس علي خان قادري بريلوي، علامہ ڪريم بخش دايو ۽ حضرت علامہ مولانا عبدالصمد ميتلو شامل آهن. عبدالرحيم سڪندريءَ کي 1966ع ۾ درگاھہ شريف پيرڳوٺ جي حڪم موجب سندس استاد مفتي محمد صالح مھر شاهپور چاڪر ضلعي سانگهڙ جي غوثيه مسجد ۾ پيش امام مقرر ڪيو. 1967ع ۾ ’صبغة الهديٰ‘ جي نالي سان مفتي صاحب هڪ ديني درسگاھہ جو بنياد وڌو، جيڪا ٿوري عرصي ۾ سنڌ جي مشھور ديني درسگاهن ۾ ڳڻجڻ لڳي، جتان ڪيترائي قرآن، حديث، فقه، تفسير ۽ تصوف جي تعليم پرائي. حافظ ۽ عالم تيار ٿي نڪتا. مفتي صاحب هن وقت بہ لڳاتار ڇائيتاليهن سالن کان مدرسہ ’صبغة الهديٰ‘ ۽ ’غوثيه مسجد شاهپور چاڪر‘ ۾ درس و تدريس، وعظ، تصنيف تاليف ۽ فتويٰ نويسيءَ جون ديني خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. 2009ع ۾ جامعہ الازهر قاهره جي عالم ڊاڪٽر محمد خالد ثابت پنھنجي ڪتاب ’تاريخ الاحتفال بمولد النبي و مظاهره في العالم‘ ۾ دنيا جي 50 ملڪن جي عالمن جي ديني خدمتن ۽ سيرت پاڪ تي ڪيل ڪم تي روشني وڌي آهي، جن ۾ پاڪستان مان صرف هڪ مفتي عبدالرحيم سڪندريءَ جو نالو ۽ سندس زندگيءَ جو احوال شامل ٿيل آهي ۽ هي ڪتاب قاهره جي دارالمقطم شايع ڪيو آهي. 2011ع ۾ جامعہ الازهر قاهره مصر مفتي عبدالرحيم سڪندريءَ جي مدرسي صبغة الهديٰ کي الحاق ڏنو آهي. اهڙيءَ ريت هي مدرسو سنڌ جي اها پهرين ديني درسگاھہ آهي، جنهن کي جامعہ ازهر مڃتا ڏني آهي. 2012ع ۾ جامعہ الازهر جي استاد ڊاڪٽر مصطفيٰ ابو زيد الازهري المالڪيءَ ’الاوائل الازهريه‘ نالي ڪتاب ۾ دنيا جي مشھور حديث جي سَنَدَ واري سلسلي سان مسلم، بخاري ۽ حديث جي ٻين مشھور ڪتابن جي روايت ۾ مفتي عبدالرحيم سڪندريءَ جو نالو ڄاڻيو آهي. مفتي صاحب جي تصنيفن ۾: (1) تفسير ڪوثر شاھہ مردان شاھہ (تصحيح ۽ تحقيق)، (2) عيد ميلاد النبي صلي عليہ وسلم، (3) سيف سڪندري، (4) سد سڪندري، (5) سيف يزداني، (6) تحفة المومنين، (7) صحبت سپيرين جي، (8) الفتح المبين، (9) اهلسنت جا عقيدا ۽ حضرت روضي ڌڻي جو مسلڪ شامل آهن. هن وقت فتاويٰ سڪندريه، افضليت صديق اڪبر ۽ صحيح بخاريءَ جي سنڌيءَ ۾ جامع شرح لکي رهيو آهي. مفتي صاحب ’سلطان الواعظين‘ ۽ ’مناظر اسلام‘ جي لقب سان سنڌ ۾ مشھور آهي. هي لقب کين سنڌ جي روحاني مشائخن ۽ گادي نشينن ڏنا آهن. مفتي عبدالرحيم سڪندري عربي ڪتابن جو وسيع مطالعو رکي ٿو، جنهن جو مظهر سندس عظيم الشان لائبرري آهي، جنهن ۾ ٽيھہ هزار عربيءَ جا ڪتاب موجود آهن. سندس لائبرريءَ ۾ سئو قلمي نسخا پڻ موجود آهن، جن مان وڏو تعداد سنڌ جي عالمن جي تصنيفن جو آهي. ان کان سواءِ عربي، فارسي، سنڌي ۽ اردو ٻولين ۾ قرآن مجيد جا پنجهتر تفسير سندس ڪتبخاني جي زينت آهن. مفتي عبدالرحيم سڪندريءَ جي هڪ نياڻي حافظ قرآن آهي ۽ ٻہ فرزند عالم دين آهن، جن مان مفتي نور نبي نعميي سڪندري بھترين عالم ۽ مدرس آهي ۽ ٻيو مفتي حق نبي سڪندري ازهري ’جامعہ ازهر‘ مصر جو فارغ التحصيل آهي ۽ علم حديث ۾ پي. ايڇ. ڊي ڪري رهيو آهي. مفتي عبدالرحيم سڪندري 29 مارچ 2018 تي دل جو دورو پوڻ سبب ڪراچي جي لياقت نيشنل اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1944.09.01  عيسوي

سنڌ جي مايه ناز ۽ برک عالم دين عـلامه مفتـي عبـدالـرحيم سڪـندري ولد الحاج فقير محراب خـان شـر، 27 رمضان المبارڪ 1365هه مطابق پهرين سيپٽمبر 1944ع تي ڳوٺ سيباڻي خان شر لڳ کرڙي تعلقو ٺري ميرواهه، ضلعي خيرپورميرس ۾ جنم ورتو.



عالم - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شيخ محمد مريد سيوهاڻي
عبدالجبار صديقي مخدوم
مولانا عبدالصمد هاليجوي
علي شيرازي
شيخ عبدالشڪور
عبدالواحد مخدوم
خير محمد خضري مولانا
حسين بن دلدار علي علامہ
سيد شير شاھہ بخاري
عبدالقيوم ميراڻي پروفيسر ڊاڪٽر
عالم ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون