فتح محمد شاھہ شيرازي : هي اصل ٺٽي جي شيرازي خاندان مان هو ۽ هن جا وڏا شيراز جا هئا، جتان لڏي اچي سنڌ ۾ آباد ٿيا هئا. سيد علي ثاني شيرازيءَ جي اولاد مان سيد جمال شاھہ شيرازي نالي هڪ بزرگ ٻارهين صدي هجريءَ/ ارڙهين صدي عيسويءَ ڌاري ٺٽي مان لڏي وڃي روهڙيءَ ۾ سڪونت اختيار ڪئي. جنهن جي اولاد مان سيد فتح محمد شاھہ شيرازي ٿيو. سندس نسب جو سلسلو هن ريت آهي: “سيد فتح محمد شاھہ بن سيد حاجي شاھہ بن سيد ﷲ بخش بن سيد پيرل شاھہ بن سيد محمد منور شاھہ بن سيد جمال شاھہ شيرازي.” سيد فتح محمد شاھہ شيرازي، پنھنجي دَور جو بھترين ڪاتب هو. هن جي ڪتابت ڪيل قلمي نسخن مان 1876ع ۾ لکيل هڪ ناياب قلمي نسخو روهڙيءَ ۾ محفوظ آهي. اهو ڪتاب ‘مجموعهء رقعات’ جي قلمي نسخي تان 27 جمادي الاول 1293ھہ/ 2 جون 1876ع ۾ نقل ڪري محفوظ ڪيائين، پر قلمي نسخي جي سار سنڀال نہ هجڻ ڪري ان جي شروعاتي سئو صفحن جي هيٺين حصي کي اڏوهي کائي ڇڏيو آهي، جنهن ڪري مواد اڻپورو ٿي چڪو آهي. اهو قلمي نسخو روهڙيءَ جي ‘شھيد ڊاڪٽر علي شريعتي لائبرري’ ۾ محفوظ آهي. سيد فتح محمد شاھہ شيرازيءَ جا ٻيا بہ ڪيترائي ڪتاب نقل ٿيل هوندا، پر انهن مان هڪ جو بہ پتو نہ ٿو پوي.