فضل محمد حـڪـيم

فضل محمد، حڪيم: مولانا فضل محمد 1268ھہ/1851ع ڌاري محمد اسماعيل ميمڻ جي گهر نوشھري فيروز ۾جنم ورتو. ابتدائي ۽ ديني تعليم پنھنجي شھر اندر ’قاضين جي محلي‘ واري مدرسي مان حاصل ڪئي. وڌيڪ علم ڳوٺ فيض محمد آگري، تعلقي ميھڙ جي مشھور عالم مولانا محمد آگري کان پرايو. فارغ التحصيل ٿيڻ کان پوءِ نوشھري فيروز موٽي اچي، ’قاضي مداحين‘ کان طب جو عِلم سکيو. ان کان پوءِ پنھنجي محلي ۾ موجود قديم مسجد کي آباد ڪري ۽ ان جي حجري ۾ پنھنجو مدرسو قائم ڪري درس و تدريس ڏيڻ لڳو، جيڪو سندن وفات تائين جاري رهيو. مولانا فضل محمد پڙهائڻ سان گڏ حڪمت جو ڌنڌو پڻ ڪندو هو. ساڳئي وقت خلافت تحريڪ ۾ شامل ٿي عملي سياست ۾ داخل ٿيو. پوري ساهتي پرڳڻي ۾ انگريزن جي خلاف تحريڪ کي زور وٺائي ۽ جلسا منعقد ڪرايائين. انگريزن جي خلاف جيڪي فتوائون نڪتيون، تن تي هن جي بہ صحي آهي. هن 1343ھہ/ 1924ع ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو