فضل ﷲ انڍڙ

فضل انڍڙ: اسڪوارڊن ليڊر فضل انڍڙ 1942ع ڌاري ۾ ڳوٺ ابراهيم انڍڙ ۾ ڄائو. عصري ۽ ديني تعليم ٺيڙهي، ملتان ۽ گهوٽڪيءَ مان حاصل ڪيائين. ’ترجمان اسلام‘ رسالي جو نائب ايڊيٽر رهيو، ڪجهہ عرصو ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج مٺياڻي ۽ حيدرآباد ۾ عربي استاد ٿي رهيو، وڪالت بہ ڪيائين. نيوي ۾ ترجمان ٿي رهيو، سکر مان ماهوار ’شريعت‘ جو اجراءُ ڪيائين، جيڪو پوءِ لڳاتار مفتي عبدالوهاب چاچڙ جي ادارت ۾ نڪرندو پيو اچي. انڍڙ'> فضل انڍڙ بعد ۾ ايئرفورس ۾ وارنٽ آفيسر ٿيو، جتان 1992ع ۾ اسڪوارڊن ليڊر طور رٽائر ڪيائين. 2003ع ۾ وفات ڪيائين، سندس ڇپيل ڪتابن ۾: (1) ’تفسير آريات رضوان‘ ۽ (2) ’الترغيب و ترميب‘ (ترجمو) شامل آهن، سندس ڪيترائي مضمون ۽ مقالا ادبي ۽ ديني رسالن ۾ شايع ٿيل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

00.00.1942  عيسوي

فضل الله انڍڙ 1942ع ڌاري ۾ ڳوٺ ابراهيم انڍڙ ۾ ڄائو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

گل آغا
ثناءالحق صديقي مولوي
اختر حميد خان
ابو زيد حسن سيرافي
امام بخش خان مير
قمر راڄپر
پير حسين شاھہ راشدي
جهمٽ مل خوبچند ڀاوناڻي
ادراڪي بيگلار
حال ﷲ ڪلهوڙو ٻيو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون