
فياض چنڊ ڪليري
فياض ’چنڊ‘ ڪليري:چنڊ ڪليري'> فياض چنڊ ڪليري 29 مئي 1974ع تي نوابشاھہ ۾ غلام مصطفيٰ خان ڪليريءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. پرائمري کان انٽر تائين تعليم نوابشاھہ ۽ بي. اي (آنرس اڪنامڪ) سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري ۽ بي. ايڊ پائلٽ اسڪول نوابشاھہ مان حاصل ڪيائين. هي 1985ع کان شاعريءَ سان گڏ ڪھاڻيون، مضمون، ڪالم وغيرہ لکندو رهيو آهي. 1990ع ڌاري روزاني ڪاوش حيدرآباد ۾ سب ايڊيٽر طور صحافت جي شروعات ڪيائين، بعد ۾ مختلف سنڌي اخبارن ۾ سب ايڊيٽر، نيوز ايڊيٽر ۽ رپورٽر طور ڪم ڪيائين. سندس شاعريءَ جو مجموعو ’نہ اُڀريو ڪو چنڊ دل تي‘ 2010ع ڇپجي چڪو آھي. هي ھن وقت نوابشاھہ ۾ رھائش پذير آھي.
1974.05.29 عيسوي
فياض چنڊ ڪليري 29 مئي 1974ع تي نوابشاهه ۾ غلام مصطفيٰ خان ڪليريءَ جي گهر ۾ جنم ورتو.