
قاضي عبدالمجيد عابد
قاضي عـبـدالمجـيـد عـابـد: عبدالمجيد عابد ولد قاضي عبدالقيوم، 2 مارچ 1915ع تي سيوهڻ، ضلعي دادو (هاڻوڪي ضلعي ڄام شوري) ۾ پيدا ٿيو. سندس والد سرگرم سياسي شخص هو، جنھن ريشمي رومال تحريڪ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. عبدالمجيد عابد پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ 1958ع ۾ ’عبرت‘ اخبار حيدرآباد مان جاري ڪئي. قاضي عبدالمجيد آل پاڪستان نيوز پيپر سوسائٽي ۽ سي. پي. اين. اي جو عھديدار رهيو. سياست جي شروعات 1979ع کان ڪيائين، ۽ ميونسپل ڪارپوريشن جو ڪائونسلر بڻيو. 1980ع ۾ سنڌ جي صوبائي ڪائونسل جو رڪن بڻيو ۽ ڪجهہ عرصي بعد صوبائي وزير بڻيو. 1985ع ۾ غير جماعتي چونڊن ۾ قومي اسيمبليءَ جو ميمبر ۽ پوءِ ڪابينا ۾ خوراڪ واري بڻيو. ان بعد سُڌ سماءُ وارو وزير بڻيو. 1988ع ۾ محمد خان جوڻيجي جي حڪومت جي خاتمي بعد هن پيپلز پارٽيءَ ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ هڪ ڀيرو ٻيھر 88 وارين چونڊن ۾ قومي اسيمبليءَ جو رڪن بڻيو. قاضي عبدالمجيد عابد 27 آگسٽ 1996ع تي وفات ڪئي.
1915.03.02 عيسوي
عبدالمجيد عابد ولد قاضي عبدالقيوم، 2 مارچ 1915ع تي سيوهڻ، ضلعي دادو (هاڻوڪي ضلعي ڄام شوري) ۾ پيدا ٿيو.
1996.08.27 عيسوي
قاضي عبدالمجيد عابد 27 آگسٽ 1996ع تي وفات ڪئي.