قاضي عبدالمجيد عابد

قاضي عبدالمجيد عابد

قاضـي عـبـدالمجـيـد عـابـد

قاضي عـبـدالمجـيـد عـابـد: عبدالمجيد عابد ولد قاضي عبدالقيوم، 2 مارچ 1915ع تي سيوهڻ، ضلعي دادو (هاڻوڪي ضلعي ڄام شوري) ۾ پيدا ٿيو. سندس والد سرگرم سياسي شخص هو، جنھن ريشمي رومال تحريڪ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. عبدالمجيد عابد پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ 1958ع ۾ ’عبرت‘ اخبار حيدرآباد مان جاري ڪئي. قاضي عبدالمجيد آل پاڪستان نيوز پيپر سوسائٽي ۽ سي. پي. اين. اي جو عھديدار رهيو. سياست جي شروعات 1979ع کان ڪيائين، ۽ ميونسپل ڪارپوريشن جو ڪائونسلر بڻيو. 1980ع ۾ سنڌ جي صوبائي ڪائونسل جو رڪن بڻيو ۽ ڪجهہ عرصي بعد صوبائي وزير بڻيو. 1985ع ۾ غير جماعتي چونڊن ۾ قومي اسيمبليءَ جو ميمبر ۽ پوءِ ڪابينا ۾ خوراڪ واري بڻيو. ان بعد سُڌ سماءُ وارو وزير بڻيو. 1988ع ۾ محمد خان جوڻيجي جي حڪومت جي خاتمي بعد هن پيپلز پارٽيءَ ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ هڪ ڀيرو ٻيھر 88 وارين چونڊن ۾ قومي اسيمبليءَ جو رڪن بڻيو. قاضي عبدالمجيد عابد 27 آگسٽ 1996ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1915.03.02  عيسوي

عبدالمجيد عابد ولد قاضي عبدالقيوم، 2 مارچ 1915ع تي سيوهڻ، ضلعي دادو (هاڻوڪي ضلعي ڄام شوري) ۾ پيدا ٿيو.


1996.08.27  عيسوي

قاضي عبدالمجيد عابد 27 آگسٽ 1996ع تي وفات ڪئي.



صحافي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

آفتاب احمد خانزاده
اشفاق آذر
عبدالرحمان قاضي1
اعظم ڀٽي
عبدالرحيم صابر
دين محمد وفائي مولانا
اخلاق جوکيو
جعفر ميمڻ
اعجاز عليم عقيلي
زيڊ اي شيخ
صحافي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون