قاضي احمد بن محمد دائودي منصوري: مشهور عالم ۽ محدث قاضي احمد بن محمد دائودي منصوري، اصل ۾ منصوره جو ويٺل هو، جنهن شروعاتي تعليم پنهنجي آزاد ڪيل غلامن کان حاصل ڪئي، پوءِ بغداد وڃي اتي جي عالمن ۽ محدثن کان حديثن جي روايت ڪيائين. اتان موٽي اچي منصوره (سنڌ) جو قاضي ٿيو. حديث جي دائودي مسلڪ جو امام هو. ڪيترن ئي عالمن کانئس حديث جي روايت ڪئي. ’احسن التقاسم‘ ۾ المقدسي ۽ ’سمحاني الانساب‘ ۾ ابو اسحاق شيرازيءَ سندس ذڪر ڪيو آهي. المقدسيءَ جو بيان آهي ته منصوره جي آبادي گهڻو ڪري اصحاب الحديث تي مشتمل هئي. ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سنڌ ۾ حديث جي علم جو ڪيڏو نه چاهه هو.قاضي احمد بن محمد دائودي ڪيترن ڪتابن جهڙوڪ: ’ڪتاب المصباح‘، ’ڪتاب الهادي‘ ۽ ’ڪتاب النير‘ وغيره جو مصنف هو. سمحانيءَ لکيو آهي ته قاضي احمد بن محمد منصوري عراق ۽ فارس ۾ سڪونت پذير رهيو. سندس ڪنيت ’ابو العباس‘ هئي، امام دائود ظاهريءَ جي مسلڪ ۾ امام جي حيثيت رکندو هو. اثرم ۽ ان جي طبقي جي حديث جي صاحبن کان حديث جي سماعت ڪيائين. هن بابت امام ابو عبدالله حاڪم جهڙي حديث جي حافظ روايت ڪئي آهي ته، ”قاضي ابو العباس احمد بن محمد بن صالح تميمي منصوري، منصوره جي رهاڪن مان هو، جن عالمن سان مون کي ملڻ جو اتفاق ٿيو. انهن کان هن کي سڀنيءَ کان وڌيڪ شائسته، سلجهيل ذهن ۽ فڪر وارو ڏٺم. هن فارس ۾ ابو العباس بن اثر ۽ بصري ۾ ابو روق هزانيءَ کان حديث جي سماعت جو شرف حاصل ڪيو.“ ان مان معلوم ٿئي ٿو ته هن فارس ۾ ابو العباس بن الاثرم کان ۽ بصري ۾ احمد الخزانيءَ کان حديث جي تعليم حاصل ڪئي، جيڪو ابو روق جي نالي سان مشهور هو. هي بخارا به ويو، جتي ابو الحاڪم کانئس حديث جو علم ورتو.