قاضي اسد عابد

قاضي اسد عابد

قاضي اسد عابد

قاضي اسد عابد: نامور صحافي ۽ سياستدان قاضي اسد عابد حيدرآباد جي مشھور قاضي خاندان ۾ برک صحافي ۽ سياستدان قاضي عبدالمجيد ’عابد‘ جي گهر 20 سيپٽمبر 1955ع تي جنم ورتو. هن انگلنڊ مان B.B.A جي ڊگري حاصل ڪئي. پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تان حيدرآباد واري تڪ اين. اي 169، حيدرآباد 3 تان قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو. اخبارن جي مالڪن جي تنظيم ”آل پاڪستان نيوز پيپرز سوسائٽيءَ“ جو 9 ڀيرا جنرل سيڪريٽري چونڊيو ويو. ’عبرت گروپ آف پبليڪيشن‘ جو ايگزيڪيوٽو ايڊيٽر آهي. هن گروپ ۾ روزاني عبرت، روزاني سنڌو، پندرهن روزه عبرت مئگزين، هفتيوار سنڌو، ماهوار هزار داستان شامل آهن. جڏهن ته هن کان اڳ عورتن جو رسالو ماهوار ”بختاور“، ٻارن جا رسالا: ”ارچڪ مرچڪ“، ”ششر“ ۽ ”عبرت بڪ ڪلب“ به هن گروپ ۾ شامل هئا. صحافتي خدمتن جي مڃتا طور کيس 23 مارچ 2007ع تي پاڪستان جي اعليٰ سول اعزاز ”ستاره امتياز“ سان نوازيو ويو.


لفظ قاضي اسد عابدھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1955.09.20  عيسوي

نامور صحافي ۽ سياستدان قاضي اسد عابد حيدرآباد جي مشھور قاضي خاندان ۾ برک صحافي ۽ سياستدان قاضي عبدالمجيد ’عابد‘ جي گهر 20 سيپٽمبر 1955ع تي جنم ورتو.



صحافي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اي بي راجپوت
اشرف جروار
اعجاز عليم عقيلي
جان محمد مھر
اعجاز حسين مهر
خٽڪ عبدالجبار
حميد هارون
طارق عزيز شيخ
ڏيپلائي محمد عثمان
سيد غلام رسول شاهه
صحافي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون