قاضي دائود:قاضي دائود'> قاضي دائود فتح پور جو رهواسي هو، جيڪو سيويءَ جي پسگردائيءَ ۾ آهي. سلطان محمود خان جي حڪومت ۾ بکر شھر جي قضا جو عهدو قبول ڪري، شرعي ڪيسن جا فيصلا ڪندو هو. پاڻ دينداري، پرهيزگاري ۽ درويشيءَ جو مالڪ هو. شرعي فيصلن ۾ ڪنهن سان ڪا رعايت نہ ڪيائين. هن بزرگ 981 ھہ/ 1573ع ڌاري بکر ۾ وفات ڪئي.