قاضي سيف الدين

قاضي سيف الدين:قاضي سيف الدين'> قاضي سيف الدين جو جنم 1948ع ۾ مٽياريءَ ۾ ٿيو. زرعي ترقياتي بئنڪ ۾ آفيسر رهيو آهي. سندس بنيادي شھرت اداڪار جي حيثيت سان آهي. اداڪاريءَ جي شروعات مٽياريءَ ۾ ٿيندڙ مختلف اسٽيج ڊرامن کان سيد يار محمد شاھہ سان گڏ ڪيائين ۽ بعد ۾ پي. ٽي. وي (P.T.V) جي سنڌي پروگرامن ۾ حصو وٺڻ لڳو. هونئن تہ گهڻن سنڌي پروگرامن ۾ پنھنجي فن عيوض مڃتا حاصل ڪيائين، پر مزاحيہ خاڪن تي مبني مشھور پروگرام ’چهچٽو‘ ۾ بھترين مزاحيہ اداڪاريءَ سبب سڄي سنڌ ۾ مقبوليت ماڻي چڪو آهي. ان پروگرام ۾ سندس ٻہ مڪالما ’ماڻهو آهين يا مڇر‘ ۽ ’دل جيرا مغز بڪيون، مون کي آهن سڄڻ مڪيون‘ گهڻي عرصي تائين عوام ۾ مقبول رهيا. ان کان سواءِ هڪ ٻيو مزاحيہ خاڪن تي مشتمل پروگرام ’رس چس‘ سندس مشهوريءَ ۾ واڌاري جو سبب بڻيو. مزاحيہ اداڪاريءَ سان گڏ هن سنجيدہ ڪردارن ۾ بہ پاڻ ملهايو، ان ڏس ۾ پاڪستاني فوج پاران ڌاڙيلن جي خاتمي جي سلسلي ۾ ڪيل ڪوششن تي اردو زبان ۾ هڪ ڊرامو ’اجالي سي پهلي‘ ٺاهيو ويو، جنهن ۾ پاڻ مغوي واپاريءَ جو ڪردار بهتر نموني ادا ڪيائين. ان کان اڳ نورالهديٰ شاھہ جي مشھور اردو ڊرامه سيريل ’جنگل‘ ۾ بہ مختصر ڪردار پيش ڪيائين. پاڻ پنھنجي ملازمت ۽ نجي مصروفيتن سبب گهڻو وقت اداڪاري کي نہ ڏئي سگهيو آهي، تنهن هوندي بہ سندس ڪيل مختصر ڪم ۽ مزاحيہ ڪردارن کيس ڏسندڙن ۾ هر دلعزيز فنڪار جي درجي تي پھچايو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو