قاضي محمد يحيٰ جعفري ٺٽوي : ٺٽوي محمد يحيٰ جعفري بن قاضي محمد حسن جي خاندان جو بزرگ قاضي محمد اُچي ميرزا شاھہ حسن بيگ جي دور ۾ ٺٽي جو قاضي مقرر ٿيو . ان کانپوءِ قاضي محمد جو پٽ شيخ فريد قاضي بڻيو . شيخ فريد جي فيصلن جا نقل مخدوم محمد هاشم جي تصنيف ۾ ملن ٿا . قاضي محمد يحيٰ ٺٽوي پنھنجي والد قاضي محمد حسين جي ئي زماني ۾ قاضي جي عهدي تي فائز ٿيو ، ڇو تہ آخري عمر ۾ قاضي محمد حسين جي اکين جي بينائي ڪمزور ٿي ويئي هئي . قاضي يحيٰ شرعي فيصلن ۾ انصاف ۽ احتياط کان ڪم وٺندو هو . هي قاضي القضاة جي منصب تي عالمگير بادشاھہ جي طرفان مقرر ٿيو . ان کي عهدي ملڻ جي تاريخ عبدالباسط ٺٽويءَ جي هن فقري ” نافذالعمل “ ( 1103ھہ/1691ع ) مان نڪري ٿي . قاضي محمد يحيٰ ٺٽوي پنھنجي عهدي کي ڪاميابيءَ سان هلائيندي 1137ھہ/1724ع ۾ وفات ڪئي .