قاضي ڏتو سيوهاڻي

قاضي ڏتو سيوهاڻي: هيءُ بزرگ ارغون دؤر ۾ سيوهڻ جو قاضي، مفسر ۽ علمِ جفر جو ماهر ٿي گذريو آهي. قاضي ڏتي ولد قاضي شرف الدين عرف مخدوم راهوءَ جي نسبت مخدوم قاضي محمود سان وڃي ملي ٿي. سندس وڏو ڏاڏو شيخ محمود سيوستاني ۽ والد شرف الدين ناليوارا بزرگ ٿي گذريا آهن. قاضي ڏتو، مرزا شاھہ حسن پاران قاضي القضات مقرر هو. هن ڪيترن ئي فاضلن جي صحبت مان فيض پرايو. ابتدائي تعليم پنھنجي والد کان حاصل ڪري، بعد ۾ علامہ عبدالعزيز البهروي ۽ مخدوم محمود فخرپوٽي کان تعليم ورتائين. حديث جو علم حضرت مخدوم بلال وٽان حاصل ڪيائين.قاضي ڏتو سيوهاڻي'> قاضي ڏتو سيوهاڻي، فارسي، عربي زبانن کانسواءِ ترڪي زبان جو بہ وڏو ماهر هو. والد جي وصيت موجب والد جي وفات بعد حضرت مخدوم بلال جي هٿ تي بيعت ڪيائين.تحفة الڪرام ۾ ڄاڻايل آهي تہ انهيءَ زماني ۾ جڏهن ڪتاب بلڪل ناياب هوندا هئا، سندس حافظو ايترو تہ زبردست هو، جو صفحن جا صفحا ياد پڙهندو هو. کيس قرآن شريف جا ارڙهن تفسير ياد هئا. مرزا شاھہ حسن ارغون سندس علميت تي عاشق هو، جنهنڪري وٽس ڪيترو وقت پڙهيو ۽ کيس پاڻ کان گهڻو ڪري جدا نہ ڪندو هو. شاھہ حسن ارغون، قاضي ڏتي جون تقريرون پنھنجي دستخط سان لکندو ويندو هو، مير محمد معصوم بکري لکي ٿو تہ: ”مون بہ علامہ قاضي صاحب جي خدمت جو درس ورتو آهي.“ روايت آهي تہ هڪ دفعي شاھہ حسن ارغون وٽ هڪ ڪتاب سوکڙيءَ طور آيل هو، جنهن جي عبارت ۽ مطلب ڪنهن بہ عالم کي سمجهه ۾ نٿي آيو. جڏهن اهو ڪتاب قاضي ڏتي کي ڏنو ويو تہ پاڻ بنا ڪنهن رنڊڪ جي ان جي عبارت پڙهي ويو ۽ ان جو مطلب بہ ٻڌايائين. جنهن ڪري وقت جا سڀ عالم فاضل حيرت ۾ دنگ رهجي ويا. مرزا شاھہ حسن ارغون، سيد نظام الدين، امير محمد معصوم بکري وغيرہ سندس شاگرد هئا. قاضي ڏتو علم جفر ۽ ٻين مخفي علمن جو بہ وڏو عالم هو. هن 970ھہ/ 1562ع ۾ وفات ڪئي. سندس مزار باغبان، ضلعي دادوءَ ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو