قمر ڀٽي

قمر ڀٽي

قمر ڀٽي

قمر ڀٽي: اديب، شاعر ۽ قومپرست اڳواڻ قمرالدين ڀٽي ولد حاجي محمد سليمان ڀٽي، 21 جنوري 1958ع تي ڳوٺ فيض محمد کوکر لڳ باڊهه شھر، تعلقي ڏوڪري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو. پرائمري تعليم پراڻي باڊهه مان 1969ع ۾، جڏهن ته مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول باڊهه مان 1973ع ۾، انٽر ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان 1975ع ۾، بي. اي سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان 1982ع ۾ ايم. اي (معاشيات) سنڌ يونيورسٽيءَ مان 1987ع ۾ ۽ ايل. ايل. بي لا ڪاليج لاڙڪاڻي مان 1993ع ۾ پاس ڪئي. شاگرديءَ جي زماني کان سائين جي. ايم. سيد جي نظريي، سوچ ۽ شخصيت کان متاثر رهيو. شاگرد تنظيم جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو سال 1984ع ۾ مرڪزي صدر رهيو ۽ 1990ع کان آخر تائين ”جيئي سنڌ قومپرست پارٽي“ جو چيئرمئن رهيو. هن شاگرديءَ ۽ سياست دوران 13 سال قيد ڀوڳيو، 30 ڦٽڪا کاڌا ۽ 3 سالن لاءِ ريسٽيڪيٽ پڻ ٿيو. قمر ڀٽي هندستان، هانگ ڪانگ، افغانستان ۽ انگلينڊ سميت ڪيترن ئي ملڪن جا دؤرا پڻ ڪيا. سياستدان جي حيثيت ۾ ”جيئي سنڌ قومپرست پارٽيءَ“ جو صدر رهيو ۽ ڪيترو ئي وقت هن وڪالت پڻ ڪئي. پاڻ سوڀ ايجوڪيشنل ويلفيئر سوسائٽي سنڌ جو بانيڪار، ورلڊ نالج پبلڪ هاءِ اسڪول باڊهه جو بانيڪار، جيئي سنڌ ٻارڙا سنگت سنڌ جو بانيڪار رهيو.قمر ڀٽيءَ جي ڇپيل ڪتابن ۾ (1) گيت منھنجا گوليون (1984ع)، (2) هند ۾ جلاوطن سنڌي (1987ع)، (3) ڦٽڪن لڳڻ وارو ڏينھن (1981ع)، (4) سنڌ جا تعليمي ادارا يا جيل (5) محڪوم ملزم، حاڪم جج 1982ع، (6) ايم. آر. ڊي تحريڪ (1983ع)، (7) سڀاش چندر بوس (1984ع)، (8) مھاجرن جو مستقبل (1983ع)، (9) دارالاصلاح (جيل ڊائري: 1980ع)، (10) سنڌ ڪيئن آزاد ٿيندي (1991ع)، (11) سائين جي ايم سيد جي سياسي ۽ ذاتي زندگي (1991ع)، (12) سياست ۽ سازشون، (13) ڀُٽي ۽ سندس پارٽي جي مخالفت ڇو ۽ ڇالاءِ؟، (14) باغي نذرالاسلام (سوانح عمري)، (15) اندرا گانڌي (سوانح عمري)، (16) ڀارت ياترا (سفرنامو)، (16) خان غفار کان جي. ايم سيد تائين (سياست)، (17) جي. ايم سيد ني ڪھا (اردو)، (18) سنڌيون پر ستم ڪب تڪ (اردو) شامل آهن. ان کانسواءِ سياست ۽ ادب تي سندس ڪيترائي ڪالم مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيل آهن. قمر ڀٽي ”عوامي سوڀ“ جو ايڊيٽر به رهيو. 24 مارچ 2018ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1958.01.21  عيسوي

قمرالدين ڀٽي 21 جنوري 1958ع تي ڳوٺ فيض محمد کوکر لڳ باڊهه شهر ، تعلقي ڏوڪري ، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جهمٽ مل واڌواڻي
محمد اڪرم سمو
درويش راڄو ستيو دل
خالد وسير
جالوت
پرمانند ڏيپچند هندوجا
جوڻيجو غياث الدين
پاڻيڻي
جان ڪيٽس
پير پٺو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون