لال ڪرشن آڏواڻي

لال ڪرشن آڏواڻي

لال ڪرشن آڏواڻي

لال ڪرشن آڏواڻي: سنڌ ڄائو ايل . ڪي. آڏواڻي. ڀارت جي اڳوڻي ڊپٽي وزيراعظم جو جنم 8 آگسٽ 1927ع تي ڪراچي ۾ ٿيو. سندس پيءُ جو نالو ڪشنچند ڌرم داس هو ۽ ماءُ جو نالو گياني ديوي . شروعاتي تعليم سينٽ پيٽرڪس هاءِ اسڪول ڪراچيءَ مان حاصل ڪيائين، پوءِ ڊي جي نيشنل ڪاليج حيدرآباد (سنڌ) مان پڙهي گورنمينٽ لا ڪاليج ممبئيءَ ۾ داخلا ورتائين. سندس شادي ڪملا جڳتياڻيءَ سان ٿي جنهن مان کيس هڪ پٽ جينت ۽ ڌيءَ پراتڀا آهي. ايل . ڪي آڏواڻي 1973ع کان 1977 تائين ”ڀارتيه جن سنگهہ“ جو صدر رهيو، پوءِ 1977ع ۾ بي جي پي جو جنرل سيڪريٽري ٿيو. 1977 کان 1979ع تائين انڊيا جي اطلاعات ۽ نشريات کاتي جو وزير رهيو. گذريل ٽن ڏهاڪن ۾ ڀارتي سياست ۾ کيس هيٺيون ذميواريون مليون. - هائوس ليڊر راجيه سڀا (79-1977) - اپوزيشن ليڊر – راجيه سڀا (81-1979) - جنرل سيڪريٽري – بي جي پي (86-1980) - صدر بي جي پي (91-1986) - نائين، ڏهين ۽ يارهين لوڪ سڀ لاءِ منتخب ٿيو (1991-1989) - گهرو معاملن بابت ڪئبنٽ منسٽر (2004-1999) - ڊپٽي وزيراعظم ڀارت (2004-2002 جون) ايل. ڪي. آڏواڻي پهريون سنڌي آهي جنهن ڀارتي سياست ۾ ايتري اهميت حاصل ڪئي آهي. ڀارت ۾ رهندڙ سنڌين سان سندس سٺو تعلق آهي ۽ سنڌي ٻولي بابت هڪ انٽرويو ۾ چيو هئائين تہ ”اسان کي پنھنجي ٻارن سان سنڌيءَ ۾ ڳالهائڻ گهرجي ۽ سندن سنڌي ڳالهائڻ لاءِ همت افزائي پڻ ڪرڻ گهرجي. سندس آتم ڪٿا تي ٻڌل ڪتاب (My Country My Life) پڻ ڇپيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1927.08.08  عيسوي

ڀارت جي اڳوڻي ڊپٽي وزيراعظم لال ڪرشن آڏواڻي جو جنم 8 آگسٽ 1927ع تي ڪراچي ۾ ٿيو.



سياستدان - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

آغا سراج خان دراني
بشير خان قريشي
امير بخش ڀٽو
اندرا گانڌي
اياز سومرو
آچاريه ڪرپالاڻي
اسفند يار ولي
امجد حسين شاھہ جيلاني
ارباب ذڪاءُ ﷲ
الھہ بخش سومرو شھيد
سياستدان ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون