لطف الله بدوي

لطف الله بدوي

لطف الله بدوي

لطف الله بدوي: لطف الله بدوي 4 جولاءِ 1904ع تي شڪارپور ۾ استاد امام بخش ’خادم‘ جي گهر ۾ پيدا ٿيو، سندس والد پنھنجي وقت جو مشھور اديب ۽ شاعر هو. لطف الله بدوي 1913ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول شڪارپور ۾ داخل ٿيو، جتي انگريزي پڙهڻ لڳو. 21 جنوري 1918ع تي والد جي وفات کان پوءِ تعليم ڇڏي ٽپال کاتي ۾ ٽيليگراف آفيس ۾ ملازمت ڪيائين پر ٿوري وقت کان پوءِ ملازمت ڇڏي ڏنائين. فقير غلام علي ’مسرور‘ جي صحبت ۾ تصوف ۽ ويراڳ واري واٽ وٺي، گيڙو ويس ڍڪي، يڪتارو کڻي سماع جي محفلن ۾ شريڪ ٿي ڪلام ڳائيندو رهيو. پاڻ به ’جوڳي‘ تخلص اختيار ڪري شعر چوڻ لڳو.
مائٽن جي زور ڀرڻ تي وري به تعليم لاءِ ڌيان ڏيئي، 1920ع ۾ جيڪب آباد مان فائينل جو امتحان پاس ڪيائين. ساڳئي سال پرائمري استاد مقرر ٿيو. 1921ع ۾ شڪارپور جي ٽريننگ اسڪول مان استادن جي سکيا وارو ڪورس ڪري، ٺل ۾ استاد مقرر ٿيو. ڪجهه عرصي کان پوءِ ايگريڪلچر ڪاليج لائلپور مان ڊپلوما ڪري ايگريڪلچر ماستر مقرر ٿيو، جتان اردو گشتي استاد مقرر ٿي ويو.1949ع ۾ ميونسپل اسڪولن جو اسسٽنٽ ڊپٽي ايڊيوڪيشن انسپيڪٽر مقرر ٿيو. پنجاب يونيورسٽيءَ مان بي. اي. جي امتحان پاس ڪرڻ کان علاوه ساڳي يونيورسٽيءَ مان فارسي ۽ مشرقي علوم ۾ ’منشي فاضل‘ جي سند به ورتائين. 1950ع ۾ سي. اينڊ ايس ڪاليج ۾ سنڌيءَ جو استاد مقرر ٿيو. 04 جولاءِ 1958ع تي رٽائرڊ ٿيو. رٽائر ٿيڻ کان پوءِ پنھنجو علمي ۽ ادبي ڪم جاري رکيائين. لطف الله بدويءَ جا سنڌي، اردو ۽ فارسيءَ ۾ ڪيترائي ڪتاب لکيل آهن، جن مان ڪجهه هي آهن: ’نغمئه مستانه‘ (شاعري: 1924ع)، ’گيتانجلي‘ (ترجمو: 1925ع)، ’عروس عجم‘ (ناول: 1926ع)، ’دستئه گل‘ (افسانا: 1930ع)، ’سيدنا علي المرتضيٰ‘ (1930ع)، ’رت جا ڳوڙها’ (ترجمو: 1935ع)، ’تذڪره لطفي‘ (پھريون جلد: 1943، ٻيو جلد 1946، ٽيون جلد 1936)، ’تاريخ پاڪ و هند‘ (ترجمو: 1948ع)، ’پاڪستان جي شھريت‘ (1954ع)، ’تاريخ اندلس‘ (بنو اميه: 1955ع)، ’ڪليات خادم‘ (ترتيب: 1956ع)، ’مجاهدين‘ (ناول: 1960ع)، ’چار درويش‘ (1960ع)، ’ڪنڊڙيءَ وارن جو ڪلام‘ (روحل فقير ۽ مراد فقير، ترتيب: 1960ع)، ’جھاندار شاهه آرام دل‘ (1964ع)، ’ديوان صنعت‘ (ترتيب: 1967ع)، ’احسن القصص‘ (1969ع)، ’حيات اقبال‘ (1957ع)، ’جاويد نامه‘ (ترجمو: 1959ع)، ’ارمغان حجاز‘ (ترجمو: 1962ع)، ’اسرار و رموز‘ (ترجمو: 1965ع)، ’ڇا ڪجي چئو، پوءِ اي اقوام مشرق‘ (ترجمو: 1965ع)، ’مسافر‘ (افغانستان جو سير- ترجمو: 1965ع)، ’دودو چنيسر‘ ڊرامو 1957ع، ’هير رانجهو‘، ’انگلينڊ جا شاعر‘ ۽ ’مير بھرام‘ (ڊرامو) شامل آهن.
سندس ڪيترا ئي اڻ ڇپيل ڪتاب به آهن، جيڪي سندس پونئيرن وٽ آهن. لطف الله بدوي 19 نومبر 1968ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1904.07.04  عيسوي

لطف الله بدوي 4 جولاءِ 1904ع تي شڪارپور ۾ استاد امام بخش ’خادم‘ جي گهر ۾ پيدا ٿيو.


1968.11.19  عيسوي

لطف الله بدوي 19 نومبر 1968ع تي وفات ڪئي.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

خليق مورائي
خادم حسين لاکير ڊاڪٽر
احمد سلطان کوسو
غلام رضا بيگ مرزا
بھادر ٽالپر
حاجي محمود ’خادم‘
عبدالستار بلوچ
دوارڪا پرساد روچيرام شرما
ڪشنچند جيٽلي
محمد حسين ڪروڙ پتي
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون