سيال لطف

سيال لطف

لطف سيال

لطف سيال : شاعر لطف سيال جو پورو نالو لطف ولد گل حسن سيال آهي. سندس جنم 2 فيبروري 1975ع تي، ضلعي نوشهري فيروز جـي ڳــوٺ حـسيـن بخـش سيال ۾ ٿيو. هن مڪينيڪل انجنيئرنگ، ايل. ايل. بي، ايم. اي (سنڌي) ۽ ايم. اي (سوشيالاجيءَ) جون ڊگريون حاصل ڪيون آهن ۽ وڪالت جي شعبي سان وابستہ آهي. هن شاعريءَ جي شروعات هاءِ اسڪول ۾ پڙهڻ دوران ڪئي. سندس شاعري سنڌ جي اڪثر رسالن ۾ ڇپجندي رهي آهي. هن ڪهاڻيون بہ لکيون آهن، اخبارن ۾ ڪالم بہ لکيا آهن. لطف سيال قائدعوام يونيورسٽي نوابشاھہ مان نڪرندڙ رسالي ’يونيورسٽي مخزن‘ جو ايگزيڪيوٽو ايڊيٽر، پير وسڻ مان نڪرندڙ رسالي ’ڏيئو‘ جو سب ايڊيٽر بہ رهي چڪو آهي. ڪافي عرصو صحافت سان بہ وابستہ رهيو ۽ ڪاوش گروپ جي انگريزي اخبار ’دي مرر‘، روزاني ’شام‘ جو رپورٽر، روزاني ’هلچل‘ اخبار جو ضلعي رپورٽر ۽ انگريزي رسالي ’انڊس‘ جو ضلعي رپورٽر رهي چڪو آهي. لطف سيال جي شاعريءَ جو مجموعو ’چنڊ، صنم ۽ شاعري‘ جي نالي سان 2001ع ۾ ڇپجي چڪو آهي. لطف سيال سنڌي ادبي سنگت شاخ قائد عوام يونيورسٽي نوابشاھه جو بنيادي ميمبر ۽ سيڪريٽري بہ رهي چڪو آهي.


لفظ لطف سيالھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1975.02.02  عيسوي

شاعر لطف سيال جو پورو نالو لطف الله ولد گل حسن سيال آهي. سندس جنم 2 فيبروري 1975ع تي، ضلعي نوشهري فيروز جـي ڳــوٺ حـسيـن بخـش سيال ۾ ٿيو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

امداد جتوئي
حڪيم محمد صادق طالب
ٻڍل فقير
پريم پرڪاش ڊاڪٽر
’دردي صاحب خان جروار
سترامداس ڪيولرام ڀڳواناڻي
مير حسين علي خان حسين ٽالپر
عنصري
رسول حمزہ توف
ايوب کوسو
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون