
سولنگي، لونگ فقير
لونگ فقير سولنگي: شاھہ جو پارکو، لطيف شناس ۽ رسالي جو مرتب لونگ فقير ولد جمعو فقير سولنگي 1305ھہ ۾ ڳوٺ حسين سهتي ضلعي بدين ۾ ڄائو. سندس والد بہ لطيفي رمز سان واڳيل هو، جيڪو روز صبح جو اسر وقت اٿي سُر ڌناسري سر سان پڙهندو هو. لونگ فقير تي بہ ان جو گهرو اثر ويٺو ۽ وقت گذرڻ سان گڏ شاھہ لطيف جي مطالعي مان خوب علم حاصل ڪيائين ۽ شاھہ جو پارکو ٿيو. لونگ فقير کي سندس والد ڇھن ورهين جي ڄمار ۾ مير محمد حضوريءَ وٽ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ويهاريو، جتي هن قرآن شريف جي تعليم حاصل ڪئي ۽ سڪندرنامي تائين پڙهيو. سومار شيخ ’بدين ضلعي جو مطالعو‘ ڪتاب ۾ سندس زباني ڳالھہ نقل ڪئي آهي تہ: ”منهنجي عمر 15 ورهيہ هئي، پنھنجي اصلي ڳوٺ حسين سهتي ۾ آرامي هئس، خواب ٿو ڏسان تہ هڪ قاصد ڊوڙندو اچي، چي فقير اُٿ، توکي ڀٽ ڌڻي پاڻ سڏايو آهي.“ آءٌ ڊوڙندو مسجد ۾ آيس، اتي اولياءُ سڳورو ويٺو هو، پنھنجي هٿن مبارڪن سان مون کي رسالو ڏنو، ان وقت کان وٺي مون کي رسالي جو شوق ٿيو.“ اهڙيءَ ريت لونگ فقير پندرهن سالن جي ڄمار ۾ رسالي جي ترتيب جو ڪم هٿ ۾ کنيو. ڪڇ وڃي رسالي جا ٻہ ٽي نسخا هٿ ڪيائين. موليڏني سومري کان ڪجهہ بيت ۽ ڪجهہ بيت لاڙ پٽ جي وٿاڻن ووڙڻ سان ڪٺا ڪيائين. هيءُ نهايت جفاڪش ماڻهو هو. شاھہ جي رسالي سان سندس اهڙي لنؤ لڳي، جو جتي بہ لطيف جا ڪي بيت سُجهندا هئس، اوڏانهن وڃي نڪرندو هو. ڀٽ تي بہ ويو ۽ بيت هٿ ڪيائين. اهڙيءَ طرح هن شاھہ جو رسالو ترتيب ڏنو، جنهن ۾ تيرهن هزار بيت قلمبند ڪيائين. سندس چوڻ موجب هن اهو رسالو سيد عالي شاھہ معرفت ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي کي ڏنو، جنهن ان جي آڌار تي تحقيق ۽ تنقيد ڪئي. ڪجهہ وقت بعد ان رسالي جو قلمي نسخو پير شفيع محمد شاھہ کان شاھہ اولياءَ ٽنڊي باگي وارو کڻي ويو، جنهن کيس واپس نہ ڪيو، کيس رسالي جي ائين وڃائجڻ جو ڏک تاحيات رهيو. هن شاھہ جي رسالي جي ترتيب جي ڪم سان گڏوگڏ درس ۽ تدريس جو ڪم بہ ڪيو ۽ ست سؤ کان مٿي شاگردن کي قرآن پاڪ جي تعليم ڏني. عمر جي پڇاڙيءَ ۾ ٽنڊي گامونءَ ۾ رهيو. سندس علمي خدمتن عيوض ضلعي ڪائونسل بدين کيس مالي مدد بہ ڪئي. لونگ فقير شاعر بہ هو اڪثر ڪافيون ۽ بيت لکيائين. شاھہ جي هن ڄاڻوءَ 1400ھہ/1980ع ڌاري وفات ڪئي.