سولنگي، لونگ فقير

سولنگي، لونگ فقير

لونگ فقير سولنگي

لونگ فقير سولنگي: شاهه جو پارکو، لطيف شناس ۽ رسالي جو مرتب لونگ فقير ولد جمعو فقير سولنگي 1305هه ۾ ڳوٺ حسين سهتي ضلعي بدين ۾ ڄائو. سندس والد به لطيفي رمز سان واڳيل هو، جيڪو روز صبح جو اسر وقت اٿي سُر ڌناسري سر سان پڙهندو هو. لونگ فقير تي به ان جو گھرو اثر ويٺو ۽ وقت گذرڻ سان گڏ شاهه لطيف جي مطالعي مان خوب علم حاصل ڪيائين ۽ شاهه جو پارکو ٿيو. لونگ فقير کي سندس والد ڇهن ورهين جي ڄمار ۾ مير محمد حضوريءَ وٽ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ويهاريو، جتي هن قرآن شريف جي تعليم حاصل ڪئي ۽ سڪندرنامي تائين پڙهيو. سومار شيخبدين ضلعي جو مطالعو‘ ڪتاب ۾ سندس زباني ڳالهه نقل ڪئي آهي ته: ”منهنجي عمر 15 ورهيه هئي، پنهنجي اصلي ڳوٺ حسين سهتي ۾ آرامي هئس، خواب ٿو ڏسان ته هڪ قاصد ڊوڙندو اچي، چي فقير اُٿ، توکي ڀٽ ڌڻي پاڻ سڏايو آهي.“ آءٌ ڊوڙندو مسجد ۾ آيس، اتي اولياءُ سڳورو ويٺو هو، پنهنجي هٿن مبارڪن سان مون کي رسالو ڏنو، ان وقت کان وٺي مون کي رسالي جو شوق ٿيو.“ اهڙيءَ ريت لونگ فقير پندرهن سالن جي ڄمار ۾ رسالي جي ترتيب جو ڪم هٿ ۾ کنيو. ڪڇ وڃي رسالي جا ٻه ٽي نسخا هٿ ڪيائين. موليڏني سومري کان ڪجهه بيت ۽ ڪجهه بيت لاڙ پٽ جي وٿاڻن ووڙڻ سان ڪٺا ڪيائين. هيءُ نهايت جفاڪش ماڻهو هو. شاهه جي رسالي سان سندس اهڙي لنؤ لڳي، جو جتي به لطيف جا ڪي بيت سُجھندا هئس، اوڏانهن وڃي نڪرندو هو. ڀٽ تي به ويو ۽ بيت هٿ ڪيائين. اهڙيءَ طرح هن شاهه جو رسالو ترتيب ڏنو، جنهن ۾ تيرهن هزار بيت قلمبند ڪيائين. سندس چوڻ موجب هن اهو رسالو سيد عالي شاهه معرفت ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي کي ڏنو، جنهن ان جي آڌار تي تحقيق ۽ تنقيد ڪئي. ڪجهه وقت بعد ان رسالي جو قلمي نسخو پير شفيع محمد شاهه کان شاهه اولياءَ ٽنڊي باگي وارو کڻي ويو، جنهن کيس واپس نه ڪيو، کيس رسالي جي ائين وڃائجڻ جو ڏک تاحيات رهيو. هن شاهه جي رسالي جي ترتيب جي ڪم سان گڏوگڏ درس ۽ تدريس جو ڪم به ڪيو ۽ ست سؤ کان مٿي شاگردن کي قرآن پاڪ جي تعليم ڏني. عمر جي پڇاڙيءَ ۾ ٽنڊي گامونءَ ۾ رهيو. سندس علمي خدمتن عيوض ضلعي ڪائونسل بدين کيس مالي مدد به ڪئي. لونگ فقير شاعر به هو اڪثر ڪافيون ۽ بيت لکيائين. شاهه جي هن ڄاڻوءَ 1400هه/1980ع ڌاري وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو