محمد ابراهيم خليل ٺٽوي (1827ع-1899ع ):محمد ابراهيم ولد عبدالڪريم” خليل“ ٺٽي ۾ پيدا ٿيو. فارسي ۽ عربيءَ ۾ تحصيل ڪيائين. کيس ننڍي هوندي کان فارسي نظم ۽ نثر سان چاھہ پيدا ٿيو. پهريان ”مسڪين“ تخلص هوس ۽ ”ديوان مسڪين“ مڪمل ڪيائين، پر پوءِ دوستن خاص طرح محمد زاهد شاڪراڻيءَ جي مشوري تي پنھنجي نالي جي نسبت سان تخلص ”خليل“ اختيار ڪيائين ۽ ٻيو ”ديوان خليل“ تيار ڪيائين. انهن ٻن ديوانن کان سواءِ خطن جا مجموعا ڪٺا ڪيائين، هڪڙي جو نالو ” ڪشڪول مسڪين“ ۽ ٻئي جو نالو ” مائده خليل“ رکيائين. خليل سنڌي شاعريءَ ۾ بہ طبع آزمائي ڪندو هو ۽ تخلص ”اداسي“ استعمال ڪندو هو. غلام محمد شاھہ گدا جي ترغيب تي هندي (اردو) ۾ بہ ٿورو گهڻو لکيو. خليل جا پنھنجي دور جي شاعرن سان گهرا تعلقات هئا. ڪراچيءَ مان شايع ٿيندڙ پارسي اخبار ” مفرح القلوب“ ۾ هن جا شعر شايع ٿيندا هئا. خليل جو يادگار ڪارنامو سندس ڪتاب ”تڪمله مقالات الشعرا“ آهي. جنهن کي هن مير علي شير قانع جي ڪتاب ”مقالات الشعرا“ جي طرز تي لکيو ، ان ۾ هن پنھنجي دور جي پارسي گو شاعرن جو ذڪر ڪري کين زندھہ ڪري ڇڏيو آهي. خليل کي سنڌي شاعريءَ تي بہ اوتري مهارت حاصل هئي جيتري پارسي شاعريءَ تي. هن جي سنڌي شاعريءَ ۾ رواني ۽ سلاست هئي.
1827.00.00 عيسوي
محمد ابراهيم ولد عبدالڪريم ” خليل “ 1827ع ۾ ٺٽي ۾ پيدا ٿيو
1899.00.00 عيسوي
محمد ابراهيم خليل 1899ع ۾ وفات ڪئي