محمد ابراهيم خليل ٺٽوي (1827ع-1899ع ):محمد ابراهيم ولد عبدالڪريم” خليل“ ٺٽي ۾ پيدا ٿيو. فارسي ۽ عربيءَ ۾ تحصيل ڪيائين. کيس ننڍي هوندي کان فارسي نظم ۽ نثر سان چاهه پيدا ٿيو. پهريان ”مسڪين“ تخلص هوس ۽ ”ديوان مسڪين“ مڪمل ڪيائين، پر پوءِ دوستن خاص طرح محمد زاهد شاڪراڻيءَ جي مشوري تي پنهنجي نالي جي نسبت سان تخلص ”خليل“ اختيار ڪيائين ۽ ٻيو ”ديوان خليل“ تيار ڪيائين. انهن ٻن ديوانن کان سواءِ خطن جا مجموعا ڪٺا ڪيائين، هڪڙي جو نالو ” ڪشڪول مسڪين“ ۽ ٻئي جو نالو ” مائده خليل“ رکيائين. خليل سنڌي شاعريءَ ۾ به طبع آزمائي ڪندو هو ۽ تخلص ”اداسي“ استعمال ڪندو هو. غلام محمد شاهه گدا جي ترغيب تي هندي (اردو) ۾ به ٿورو گھڻو لکيو. خليل جا پنهنجي دور جي شاعرن سان گھرا تعلقات هئا. ڪراچيءَ مان شايع ٿيندڙ پارسي اخبار ” مفرح القلوب“ ۾ هن جا شعر شايع ٿيندا هئا. خليل جو يادگار ڪارنامو سندس ڪتاب ”تڪمله مقالات الشعرا“ آهي. جنهن کي هن مير علي شير قانع جي ڪتاب ”مقالات الشعرا“ جي طرز تي لکيو ، ان ۾ هن پنهنجي دور جي پارسي گو شاعرن جو ذڪر ڪري کين زندهه ڪري ڇڏيو آهي. خليل کي سنڌي شاعريءَ تي به اوتري مهارت حاصل هئي جيتري پارسي شاعريءَ تي. هن جي سنڌي شاعريءَ ۾ رواني ۽ سلاست هئي.
1827.00.00 عيسوي
محمد ابراهيم ولد عبدالڪريم ” خليل “ 1827ع ۾ ٺٽي ۾ پيدا ٿيو
1899.00.00 عيسوي
محمد ابراهيم خليل 1899ع ۾ وفات ڪئي