محمد حسن جان رحه سرهندي ٽکڙائي: پير صاحبن جا سنڌ ۾ گھڻا ئي مريد خادم هئا ۽ افغانستان مان هجرت ڪرڻ کان پوءِ خواجه عبدالرحمان کي گھڻن ئي عقيدتمندن گھڻيون ئي ميڙون منٿيون ڪيون ته اسان وٽ رهو. ايتري تائين، جو خان عطاءُ الله کين جاين جڳهن سان گڏ پنهنجي زمين مان حصو به ڏنو ٿي. مگر ڪنهن جو به عرض قبول نه پيو ۽ اهو شرف ٽکڙ جي ڪلراٺي زمين کي ئي حاصل ٿيو، جتي خواجه صاحب رهائش اختيار ڪئي. جڏهن وري خواجه صاحب جن حرمين شريفين مان واپس وريا، تڏهن به ٽکڙ ۾ ئي سڪونت اختيار ڪيائون. هميشه رهڻ جي ارادي سان، اتي ئي پنهنجون جايون جڳهيون تعمير ڪرايائون. سندن وفات به ٽکڙ ۾ ئي ٿي ۽ سندن درگاهه به اتي ئي قائم ڪئي ويئي. اڃا تائين به ”مقامياڻي مارن جي وڃي ٿر ٿيان“ جي مصداق پير صاحبن مان جيڪڏهن ڪو به بزرگ، سنڌ ۾ ڪٿي به انتقال ڪري ته کيس دفن وري به ٽکڙ واري درگاهه ۾ ڪيو ويندو آهي. خواجه محمد حسن جانرح حضرت صاحب خواجه عبدالرحمان رح جو وڏو فرزند، 6 شوال 1278هه/ 1869ع ۾ قنڌار ۾ ڄائو. اهو فطرت جو قانون آهي ته جڏهن ڪنهن به ٻار کي ننڍپڻ کان وٺي ڪامل استاد اطاليق ۽ فائق ۽ اهو استاد ٻار جي سڌارڻ لاءِ هر وقت ڪوشان رهي ٿو، تڏهن يقيناً اهو ٻار هڪ بهترين عالم ۽ فاضل شخص بڻجي وڃي ٿو. خواجه حسن جان کي ابتدا کان وٺي نهايت لائق ۽ فائق معلم مليا، جن مان ڪن وٽان پارسي، ڪن وٽان عربي ۽ ڪن وٽان فن حديث ۽ ڪن وٽان وري فقهه جي تحصيل ڪيائين. ان سان گڏ پنهنجي والد بزرگوار کان به جھجھو فيض پرايائين. سندس قرآن شريف ياد ڪرڻ جو به عجيب واقعو آهي. قرآن ياد ڪرڻ جو جڏهن کيس شوق جاڳيو، تڏهن لڪ ڇپ ۾، ياد ڪرڻ لڳو. کيس خيال ٿي پيو ته متان کيس حضرت صاحب جن گھڻي ڪم ڪار هئڻ ڪري منع ڪن. ڇو ته هڪ دفعي اڳي به قرآن شريف ياد ڪرڻ لاءِ کانئن موڪل گھري هئائين. مگر پاڻ کيس حافظ شيرازي جي غزل جي هڪ مصرع ”که عشق آسان نمود اول ولي افتاد مشکلها“ چئي، منع ڪري فرمائي هئي. انهيءَ ڪري لڪ ڇپ ۾ ٻاويهه پارا ياد ڪيائين، مگر پوءِ ڳالهه کلي پيئي. جڏهن اها خبر حضرت صاحب جن تائين پهتي، تڏهن پاڻ ڏاڍا خوش ٿيا ۽ خدا جا هزار شڪرانا بجا آندائون ۽ باقي اٺ پارا سندن روبرو ياد ڪيائين. سندس حافظو ايتري قدر ته تيز هو، جو گهڻين مصروفيتن هوندي به (ڇاڪاڻ ته مڪي مڪرمه ۾ بازارن مان سودو خريد ڪرڻ، استاد وٽ عربي ۽ حديث پڙهڻ ۽ حضرت جن جي خدمت ڪرڻ کان کيس ايڏي فرصت ڪانه هئي) روزانو اٽڪل اڌ پارو کن ياد ڪري وٺندو هو.
حضرت خواجه عبدالرحمان جي رحلت کانپوءِ خواجه حسن جان سندس جاءِ نشين ٿيو. خواجه صاحب پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪيترن ئي راهه کان ڀٽڪيل مسلمانن کي سڌي سنواٽي واٽ تي گامزن ڪيو. ڪيترن ئي ڪٺور دل انسانن جي قلبن ۾ سندس وسيلي سان رجوع الي الله جو رنگ پيدا ٿيو. سياست ۾ جيتوڻيڪ پاڻ بهرو نه وٺندو هو، تڏهن به جتي به پنهنجي سمجھه موجب ملت محمديه جي مفاد جي ڳالهه ڏسندو هو، ته پوءِ ضرور انهيءَ جماعت جي مدد ڪندو هو. پاڻ ”مسلم ليگ“ جي دل و جان سان مدد ڪيائين ۽ پنهنجي مريدن ۽ معتقدن کي ”مسلم ليگ“ جي مدد ڪرڻ لاءِ ترغيب ڏنائين. خواجه صاحب نثر نويسي ۾ يگانه عصر هو. ڪيترا ڪتاب لکيا هئائين.