محمد حسن جان رحه سرهندي ٽکڙائي: پير صاحبن جا سنڌ ۾ گهڻا ئي مريد خادم هئا ۽ افغانستان مان هجرت ڪرڻ کان پوءِ خواجہ عبدالرحمان کي گهڻن ئي عقيدتمندن گهڻيون ئي ميڙون منٿيون ڪيون تہ اسان وٽ رهو. ايتري تائين، جو خان عطاءُ ﷲ کين جاين جڳهن سان گڏ پنھنجي زمين مان حصو بہ ڏنو ٿي. مگر ڪنهن جو بہ عرض قبول نہ پيو ۽ اهو شرف ٽکڙ جي ڪلراٺي زمين کي ئي حاصل ٿيو، جتي خواجہ صاحب رهائش اختيار ڪئي. جڏهن وري خواجہ صاحب جن حرمين شريفين مان واپس وريا، تڏهن بہ ٽکڙ ۾ ئي سڪونت اختيار ڪيائون. هميشہ رهڻ جي ارادي سان، اتي ئي پنهنجون جايون جڳهيون تعمير ڪرايائون. سندن وفات بہ ٽکڙ ۾ ئي ٿي ۽ سندن درگاھہ بہ اتي ئي قائم ڪئي ويئي. اڃا تائين بہ ”مقامياڻي مارن جي وڃي ٿر ٿيان“ جي مصداق پير صاحبن مان جيڪڏهن ڪو بہ بزرگ، سنڌ ۾ ڪٿي بہ انتقال ڪري تہ کيس دفن وري بہ ٽکڙ واري درگاھہ ۾ ڪيو ويندو آهي. خواجہ محمد حسن جانرح حضرت صاحب خواجہ عبدالرحمان رح جو وڏو فرزند، 6 شوال 1278ھہ/ 1869ع ۾ قنڌار ۾ ڄائو. اهو فطرت جو قانون آهي تہ جڏهن ڪنهن بہ ٻار کي ننڍپڻ کان وٺي ڪامل استاد اطاليق ۽ فائق ۽ اهو استاد ٻار جي سڌارڻ لاءِ هر وقت ڪوشان رهي ٿو، تڏهن يقيناً اهو ٻار هڪ بھترين عالم ۽ فاضل شخص بڻجي وڃي ٿو. خواجہ حسن جان کي ابتدا کان وٺي نهايت لائق ۽ فائق معلم مليا، جن مان ڪن وٽان پارسي، ڪن وٽان عربي ۽ ڪن وٽان فن حديث ۽ ڪن وٽان وري فقھہ جي تحصيل ڪيائين. ان سان گڏ پنھنجي والد بزرگوار کان بہ جهجهو فيض پرايائين. سندس قرآن شريف ياد ڪرڻ جو بہ عجيب واقعو آهي. قرآن ياد ڪرڻ جو جڏهن کيس شوق جاڳيو، تڏهن لڪ ڇپ ۾، ياد ڪرڻ لڳو. کيس خيال ٿي پيو تہ متان کيس حضرت صاحب جن گهڻي ڪم ڪار هئڻ ڪري منع ڪن. ڇو تہ هڪ دفعي اڳي بہ قرآن شريف ياد ڪرڻ لاءِ کانئن موڪل گهري هئائين. مگر پاڻ کيس حافظ شيرازي جي غزل جي هڪ مصرع ”که عشق آسان نمود اول ولي افتاد مشکلها“ چئي، منع ڪري فرمائي هئي. انهيءَ ڪري لڪ ڇپ ۾ ٻاويھہ پارا ياد ڪيائين، مگر پوءِ ڳالھہ کلي پيئي. جڏهن اها خبر حضرت صاحب جن تائين پهتي، تڏهن پاڻ ڏاڍا خوش ٿيا ۽ خدا جا هزار شڪرانا بجا آندائون ۽ باقي اٺ پارا سندن روبرو ياد ڪيائين. سندس حافظو ايتري قدر تہ تيز هو، جو گهڻين مصروفيتن هوندي بہ (ڇاڪاڻ تہ مڪي مڪرمه ۾ بازارن مان سودو خريد ڪرڻ، استاد وٽ عربي ۽ حديث پڙهڻ ۽ حضرت جن جي خدمت ڪرڻ کان کيس ايڏي فرصت ڪانہ هئي) روزانو اٽڪل اڌ پارو کن ياد ڪري وٺندو هو.
حضرت خواجہ عبدالرحمان جي رحلت کانپوءِ خواجہ حسن جان سندس جاءِ نشين ٿيو. خواجہ صاحب پنھنجي زندگيءَ ۾ ڪيترن ئي راھہ کان ڀٽڪيل مسلمانن کي سڌي سنواٽي واٽ تي گامزن ڪيو. ڪيترن ئي ڪٺور دل انسانن جي قلبن ۾ سندس وسيلي سان رجوع الي ﷲ جو رنگ پيدا ٿيو. سياست ۾ جيتوڻيڪ پاڻ بھرو نہ وٺندو هو، تڏهن بہ جتي بہ پنھنجي سمجهه موجب ملت محمديه جي مفاد جي ڳالھہ ڏسندو هو، تہ پوءِ ضرور انهيءَ جماعت جي مدد ڪندو هو. پاڻ ”مسلم ليگ“ جي دل و جان سان مدد ڪيائين ۽ پنھنجي مريدن ۽ معتقدن کي ”مسلم ليگ“ جي مدد ڪرڻ لاءِ ترغيب ڏنائين. خواجہ صاحب نثر نويسي ۾ يگانہ عصر هو. ڪيترا ڪتاب لکيا هئائين.