سيال محمد خان مسرور

سيال محمد خان مسرور

محمد خان مسرور سيال

محمد خان مسرور سيال: ناميارو شاعر ۽ سگهڙ محمد خان ’مسرور‘ سيال ولد جمال الدين سيال ڳوٺ گلو سيال، تعلقي گنبٽ ۾ جنم ورتو. هن پرائمري تعليم گنبٽ مان حاصل ڪئي، جنهن بعد روزي روزگار جي تلاش ۾ نئين ديري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ درزڪو ڪم سکڻ آيو ۽ اتي ئي پنھنجي عملي زندگيءَ جي شروعات ڪيائين، اهڙيءَ طرح هيءُ مستقل طور نئين ديري ۾ سڪونت پذير ٿيو ۽ اڳتي هلي نئين ديري شھر ۾ پنهنجو ڪپڙي جو دڪان کولي اڄ ڏينهن تائين روزگار ڪندو رهي ٿو.خان مسرور سيال'> محمد خان مسرور سيال پنھنجي دور جي هڪ نامياري سگهڙ حاجي آچر منگيءَ جي رهنمائيءَ ۾ سگهڙائپ جي فن جي شروعات ڪئي ۽ تمام ٿوري عرصي ۾ لوڪ ادب جي ڪيترين ئي صنفن ۾ ڪلام چوڻ جو ڏانءُ حاصل ڪري ورتائين. محمد خان ’مسرور‘ سيال عروضي شاعري پڻ ڪئي. نئين ديري شھر ۾ سندس ڪپڙي جو دڪان روزي روزگار سان گڏ شاعرن ۽ سگهڙن جو مرڪز پڻ رهيو آهي، جنهنڪري هيءُ هڪ عملي طور تي تنظيمي حوالي سان متحرڪ شگهر پڻ رهيو آهي. (حوالو: نئون ديرو: نوان پراڻا ورق)


هن صفحي کي شيئر ڪريو