محمد روشن ٺٽوي: محمد روشن تخلص ’ذهين‘، ٺٽي جي حاڪم مرزا غازي بيگ وقاريءَ جو درٻاري شاعر ۽ سندس مداح هو. مٿس مرزا غازيءَ جون ايتريون مهربانيون هيون، جو جڏهن مرزا لاڏاڻو ڪيو، تڏهن هو دنيا کان دل برداشتہ ٿي فقيري اختيار ڪري بي قرار زندگي گذارڻ لڳو. ان کان پوءِ هن هميشہ سير سياحت ۾ ڪڏهن ڪٿي، ڪڏهن ڪٿي رهي، حياتيءَ جا دم پورا ڪيا. سندس وفات 1009ھہ/1600ع ۾ ٿي.