
امروٽي محمد شاهه
محمد شاھہ امروٽي : مشھور عالم بزرگ سيد محمد شاھہ ولد ميان نظام الدين شاھہ امروٽي، 9 مئي 1929ع تي ڳوٺ ’ديواني‘ لڳ پريالوءِ، ضلعي خيرپور ميرس ۾ جنم ورتو. مولانا محمد شاھہ امروٽيءَ جو والد نظام الدين شاھہ، نامور عالم مولانا تاج محمود امروٽيءَ جو ڀائيٽو هو، جيڪو مولانا تاج محمود جي وفات بعد امروٽ شريف ضلعي شڪارپور ۾ رهائش پذير ٿيو ۽ درگاھہ جي خدمت ۽ سار سنڀال ڪرڻ لڳو. سيد محمد شاھہ امروٽي قرآن مجيد جي تعليم ۽ سنڌي ڇھہ درجا امروٽ شريف ۾ پڙهيو. ان کانپوءِ ديني تعليم مختلف مدرسن ۾مختلف عالمن کان حاصل ڪيائين، باقي تعليم تاج المدراس امروٽ ۾ مڪمل ڪري دستار ٻڌائين. تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ ديني ڪتابن جي مطالعي ۾ مشغول رهيو. والد جي وفات بعد درگاھہ امروٽ شريف جو ٽيون سجادہ نشين ٿيو، جنهن کانپوءِ سمورو وقت مريدن جي ذڪر اذڪار ۽ درگاھہ جي انتظام سنڀالڻ ۾ گذارڻ لڳو. پاڪستان جي قيام بعد جڏهن ’جمعيت العلماءَ اسلام‘ نالي هڪ سياسي جماعت قائم ٿي تہ محمد شاھہ ان جماعت ۾ شامل ٿيو، ون يونٽ بعد جمعيت العلماءَ اسلام سنڌ جو امير (صدر) چونڊيو ويو ۽ آخر تائين ان عهدي تي رهيو. ان کان علاوہ مرڪزي مجلس شوريٰ جو رڪن ۽ ڪجهہ وقت لاءِ جمعيت جو مرڪزي سيڪريٽري جنرل بہ رهيو . 1977ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت خلاف پاڪستان قومي اتحاد تحريڪ هلي تہ ان ۾ بہ امروٽي ڀرپور حصو ورتو، ان تحريڪ دوران محمد شاھہ ڪيترو وقت سينٽرل جيل سکر ۾ قيد بہ رهيو. 1983ع ۾ ايم. آر. ڊي ۾ بہ حصو ورتائين. مولانا کي طب ۾ بہ سٺي مهارت هئي. هو سٺو ليکڪ ۽ شاعر بہ هو. هن ٽي ڪتاب لکيا، جن مان هڪ ڪتاب ’ڇا ڏٺو آهي تو؟‘ جيڪو سائين جي ايم سيد جي ڪتاب ’جيئن ڏٺو آهي مون‘ جي رد ۾ لکيل هو، پر اهو شايع ٿي نہ سگهيو. باقي سندس ٻہ ڪتاب ’رساله جهاد‘ ۽ ’ملن جو مرشد‘ شايع ٿيل آهن. اهي ٻئي ڪتاب دارالااشاعت امروٽ طرفان 53-1952ع ۾ شايع ٿيا. مولانا محمد شاھہ امروٽيءَ، 13 نومبر 1987ع تي سول اسپتال سکر ۾ وفات ڪئي.
09.05.1929 عيسوي
مشهور عالم بزرگ سيد محمد شاهه ولد ميان نظام الدين شاهه امروٽي ، 9 مئي 1929ع تي ڳوٺ ’ ديواني ‘ لڳ پريالوءِ ، ضلعي خيرپور ميرس ۾ جنم ورتو .
13.11.1987 عيسوي
مولانا محمد شاهه امروٽيءَ ، 13 نومبر 1987ع تي سول اسپتال سکر ۾ وفات ڪئي .