محمد شفيع رضوي ٺٽوي

محمد شفيع رضوي ٺٽوي: سيد محمد شفيع رضوي بکري، سيد محمد يوسف مهدوي بکري ٺٽويءَ جي اولاد مان امير ۽ اهل قلم ٿي گذريو آهي. مغليه درٻار مان کيس پهريان لطف علي خان جو لقب حاصل ٿيو ۽ ان کان پوءِ شجاعت عليءَ جي خطاب سان سرفراز ٿيو. شروعات جي تعليم ٺٽي مان حاصل ڪري، وڏي ڪماليت جي درجي کي پهتو ۽ حڪومت ۾ پوري طرح رسوخ حاصل ڪري ورتائين. سلطان فرخ سير جي زماني ۾ جڏهن ٺٽي جو گورنر عطر خان ولد نواب سيد خان چنگيزي مقرر ٿي آيو، تڏهن ڏٺو ويو تہ حڪمرانيءَ جو اهل ثابت نہ ٿيو. درٻارشاهيءَ ۾ شڪايتون پهچڻ لڳيون، جنهن تي مير لطف علي خان (محمد شفيع رضوي) کي مقرر ڪيو ويو تہ عطر خان کان چارج وٺي، گورنريءَ جا اختيار پنھنجي قبضي ۾ آڻي، مگر عطر خان انڪار ڪيو. لطف علي (محمد شفيع رضوي) خان هڪ بھادر شخص هو، جنهن عطر خان سان جنگ جوٽي، هڪ سال اندر کيس گهيري ۾ سوگهو ڪيو هو. ان کان پوءِ عطر خان جنگ جي ميدان ۾ قتل ٿي ويو ۽ ٺٽي جي حڪومت قبضي ۾ آئي. جيتوڻيڪ مير لطف علي خان 1125ھہ/ 1731ع ۾ حڪومت جو مالڪ ٿي چڪو هو، پر 1127ھہ/1714ع ۾ عطر خان جي قتل کان پوءِ هن جو ڪوبه مقابل يا حريف باقي ڪونه بچيو. انهيءَ زماني ۾ شاهي درٻار مان کيس ” شجاعت خان“ جو خطاب عطا ٿيو هو. آخر سال 1128ھہ/ 1715ع ۾ دهلي درٻار مان کيس معزول ٿيڻ جو پروانو پهتو. ان کان پوءِ بہ سرڪار پاران وڏن وڏن عهدن تي مقرر ٿيندو رهيو ۽ عزت ڀري حياتي گذاريائين. هو ارڏو هو، ڪنهن کي مجال نہ هوندي هئي تہ سندس سامهون آڪڙ ڪري هلي. ان سان گڏ ڏاڍو متواضع، حليم ۽ بردبار طبع ۽ سليم الطبع غريب نواز هو. شاعريءَ ۾ وڏي دسترس هئس، نظم کان سواءِ نثر ۾ بہ ڪماليت جو مالڪ هو. ٺٽي جو مشھور ۽ بي مثال شاعر محمد حسن سندس شاگرد ۽ تربيت يافتہ هو ۽ سندس خدمت ۾ رهي، هن ڪماليت حاصل ڪئي هئي. شعر ۾ ’همت‘ تخلص ڪم آڻيندو هو. وڏو اولاد ڇڏي ٻڍاپڻ ۾ 1144ھہ/ 1731ع ۾ وفات ڪيائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو