محمد محسن پاٽولي ٺٽوي: محمد محسن ولد نور محمد يعقوب ذات جو پاٽولي هو. سندس وڏا ريشم جو ڪاروبار ڪندا هئا. هي ٻارڙو جڏهن سمجهہ ڀريو ٿيو تڏهن مڪتب ۾ داخل ٿيو ، تعليم دوران شعر ۽ شاعريءَ ڏانهن سندس لاڙو وڌندو ويو ۽ اڃا ڪجهه وڏو ٿيو تہ رنگين طبيعت وارا جوهر ظاهر ڪرڻ لڳو. ٺٽي جي گورنر مير لطف علي خان رضوي بکريءَ جي صحبت ۾ رهي، سندس طبع سندس اصلي جوهر ڏيکاريا. مير صاحب پاڻ وڏو شاعر هو ۽ سندس شعر و سخن جو چرچو علم ادب جي مجلسن ۾ ٿيڻ لڳو. جنهنڪري محسن جو مزاج شگفتہ بڻجندو ويو. انهيءَ زماني ۾ آقا محمد جنهن جو تخلص اصفهاني هو، ٺٽي ۾ اچي مقيم ٿيو. هو هڪ محب اهل بيت ۽ اهل زبان شاعر هو. محسن سندس خدمت ۾ پهچي کانئس سخن جي اصلاح ڪرائيندو رهيو. آخر محسن جو درجو ايڏو بلند ٿيو، جو مير قانع لکي ٿو تہ: ”ٺٽي ۾ شاعريءَ ۾ ايڏي ڪماليت ۽ پاڪيزہ سخن ۽ لطافت ڪلام وارو شاعر پيدا ڪونه ٿيو. هندي تمثيل ۽ شاعرانه مناسبتن کي ايراني ۽ هندستاني استادن جي رنگ ۾ رواج ڏنائين. سندس حياتيءَ ۾، سندس ڪلام سموري ملڪ ۾ پکڙجي ويو. جيڪو بہ علمي ذوق وارو ٺٽي ۾ آيو ٿي ۽ سندس ڪلام کان واقف ٿيو ٿي تہ ”ديوان محسن“ کي ڏاڍي شوق سان نقل ڪرائي ويندو هو. هندستان مان جيڪي بہ ٺٽي ۾ حاڪم مقرر ٿي ايندا هئا تہ محسن جو ادب ڪندا رهندا هئا. خصوصاً ٺٽي جي بنھہ آخري حاڪم نواب صادق علي خان سان سندس گهاٽا لاڳاپا هئا ۽ سفر ۾ سندس صحبت ۾ رهندو هو ۽ ان جي شان لاءِ ڪي قصيدا بہ لکيائين.
سموري زندگي شاعراڻي وضع ۾ رهيو. سندس صحبتون فيض ۽ فائدي کان خالي نہ هونديون هيون. جڏهن 1149ھہ/1736ع ۾ دهليءَ جو قبضو سنڌ تان ختم ٿيو ۽ ٺٽو مير ميان يار محمد ڪلهوڙي جي حوالي ٿيو، تڏهن محمد محسن شاعر جو ميان صاحب سان تعلق ٿيو ۽ کيس 8 آنا روزينو مقرر ڪري ڏنو ويو. جنهن مان پنهنجو گذران ڪندو هو. محسن شاعر جي چؤطرف شاگردن جو وڏو حلقو هوندو هو. جن ۾ ڪي ايراني نوجوان، سخن سنج ۽ سخن فھم بہ هوندا هئا . آقا زڪي ڪرماني، جيڪو نادر شاھہ جي زماني ۾ سنڌ ۾ پهتو ۽ ٺٽي ۾ اچي مقيم ٿيو. ان جون ٺٽي جي شاعرن سان ملاقاتون ٿينديون هيون. ان کان پوءِ جڏهن خدا آباد اچي رهيو، تڏهن پنهنجا شعر محسن ڏانهن اصلاح لاءِ موڪليندو هو .
محسن نظم ۾ وڏا وڏا داستان لکيا آهن. سندس تصنيفن مان هيٺيان ڪتاب يادگار آهن:
br/>
(1) عقد دوازده گوهر (امامن اهلبيت جي مناقب ۾)، (2) حملہ حسيني (هن ڪتاب ۾ 12 هزار شعر آهن. ۽ هي ڪتاب حملہ حيدري جي تتبع تي لکيو ويو آهي.)، (3) ديوان محسن، (4) قصائد محسن، (5) بياض محک کمال ( جنهن ۾ ايران ۽ هندستان جي شاعرن جي ڪلام جو انتخاب آهي. تتبع ۾ سندس غزليات بہ موجود آهن)، (6) طرز دانش نظم در بيان ولادت حضرت صاحب الزمان امام مهدي عليہ السلام.
هن فارسي گو سنڌي شاعر 42 سالن جي ڄمار ۾ 20 شوال 1163ھہ/1749ع ۾ وفات ڪئي .