
انڙ محمد ملوڪ
محمد ملوڪ انڙ : نامور ليکڪ، سماج سڌارڪ محمد ملوڪ ولد فتح محمد انڙ 23 آگسٽ 1946ع تي ڳوٺ راهب شاھہ تعلقي سڪرنڊ ضلعي بينظير آباد (نوابشاھہ) ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم 1951ع ۾ پرائمري اسڪول ڳوٺ راهب شاھہ مان ورتائين. ساڳئي اسڪول مان قرآن مجيد، انگريزيءَ جا ٽي درجا ۽ 1960ع ۾ سنڌي فائنل پاس ڪيائين. کيس ننڍي هوندي کان ئي لکڻ، پڙهڻ ۽ ڪتاب گڏ ڪرڻ جو شوق هوندو هو. 1965ع ۾ پنھنجي ڳوٺ ۾ ’طارق لائبريري‘ قائم ڪيائين، جنهن ۾ اٽڪل 12 هزار ڪتاب، اخبارون، رسالا، قلمي نسخا، ناياب تصويرون، ثقافت ۽ آرٽ جون مختلف شيون ۽ نوادرات پڻ موجود آهن. هن لکڻ جي شروعات 1980ع کان ڪئي. مخدوم بلاول شھيد ويلفيئر ائسوسيشن جو باني چيئرمئن، هيومن رائٽس ڪميشن آف پاڪستان جو ميمبر، سنڌي ادبي سنگت شاخ قاضي احمد جو ميمبر ۽ ڪيترين ادبي ۽ سماجي تنظيمن سان وابستہ آهي. کيس مڃتا طور ڪيترائي اوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ ملي چڪا آهن، جن ۾ پاڪستان سوشل ايسوسيئيشن طرفان ٻہ ڀيرا ستارہ سماج گولڊ ميڊل، قائد اعظم محمد علي جناح اوارڊ، صحافي محرم ڀٽي اوارڊ، شڪيل پٺاڻ اوارڊ، قاضي سرفراز اوارڊ شامل آهن. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: (1) منهنجي يادن جون ريکائون (مضمون)، (2) سنيها سرير ۾ (خط) شامل آهن.
23.08.1946 عيسوي
نامور ليکڪ ، سماج سڌارڪ محمد ملوڪ ولد فتح محمد انڙ 23 آگسٽ 1946ع تي ڳوٺ راهب شاهه تعلقي سڪرنڊ ضلعي بينظير آباد ( نوابشاهه ) ۾ جنم ورتو .