مخدوم آدم نقشبندي ٺٽوي

مخدوم آدم نقشبندي ٺٽوي: مخدوم آدم ٺٽي جو وڏو ولي ۽ نقشبندي طريقي کي سنڌ ۾ مروج ڪندڙ هو. سندس شجرو هن ريت آهي: مخدوم آدم ولد عبدالاحد ولد عبدالرحمان ولد عبدالباقي ولد محمد ولد احمد ولد آدم ولد عبدالهادي صديقي يمني مالڪي. ڪتاب ’مرغوب الاحباب‘ جي مصنف جو چوڻ آهي تہ سندن نسبي سلسلو سيدنا صديق اڪبررضه سان وڃي ملي ٿو. سندس وڏا يمن جا رهاڪو هئا. سندن وڏو ڏاڏو عبدالباري سن 417ھہ/1026ع ۾ ڪاٺياواڙ پهتو. انهي زماني ۾ سلطان محمود غزنويءَ ڪاٺياواڙ تي ڪاهون ڪيون هيون. عبدالباريءَ جي ننڍي ڀاءُ عبدالخالق سلطان غزنويءَ سان ملي وڏو مرتبو ۽ مان حاصل ڪيو. سندس فرزند عبدالهادي اول ڪاٺياواڙ مان ڪڇ (ڀڄ) ۾ پهتو. ان کان پوءِ سندس خاندان مان ڪي بزرگ ٺٽي ۾ پهتا، جن ۾ مخدوم آدم بہ هو. يارهين صديءَ جي آخر ٻارهينءَ صدي جي اوائل جو وڏو عالم ۽ بزرگ ٿي گذريو آهي. هن بزرگ جي بيعت جناب خواجہ عروة الوثقيٰ محمد معصوم ولد نصرت امام رباني مجدد الف ثاني سان ٿيل آهي، جو اورنگزيب جو مرشد ۽ وقت جي وڏن ڪامل مرشدن مان ٿي گذريو آهي. مخدوم آدم، جيڪو ظاهري علم جو هڪ وڏو عالم هو، تنهن جو باطني طريقہ تصوف ڏانهن ڪو بہ ڌيان نہ هو. آخر ڪجهہ مدت کان پوءِ ارادت جو معاملو استوار ڪري، سلوڪ جو سبق وٺي ذڪر فڪر ۾ لڳي ويو ۽ خواجہ صاحب جي توجھہ جو مٿس ايڏو اثر پيو، جو ماسواءِ کان منقطع ٿي، حقيقت جي جذبي ۾ جذب ٿي رهيو. 7 سال پنھنجي مرشد ڪامل جي خدمت ۾ رهي پوري استغراق سان سلوڪ جون منزلون طئي ڪيائين. جڏهن ڪماليت جي درجي تي پهتو، تڏهن حضرت خواجہ عروة الوثقيٰ کيس خلافت جي خلعت ڍڪائي، وطن واپسيءَ جي اجازت ڏني تہ جيئن ٺٽي ۾ خانقاھہ قائم ڪري نقشبندي طريقي کي وڃي مروج ڪري. مخدوم صاحب کين عرض ڪيو تہ سنڌ ديس ۾ اڳ ۾ ئي تمام گهڻا مشائخ ۽ اولياءَ آهن، انهن جي هوندي مون ڏانهن ڪير رجوع ڪندو؟ پر خواجہ صاحب جي حڪم تي جڏهن مخدوم صاحب وطن واپس آيو، تڏهن ماڻهن جا وٽس ميڙا مچي ويا. شيخ ابوالقاسم ٺٽوي، جيڪو وقت جو وڏو بزرگ هو، سو مخدوم آدم جو فيض يافتہ آهي. شيخ ابراهيم لوهرائي، سيد فتح محمد، شيخ انيس ۽ مخدوم صابر ولهاري ۽ ٻيا وڏا وڏا اولياءَ مخدوم آدم جي فيض سان سرشار ٿيل آهن. مخدوم صاحب جي وفات جو سال معلوم ٿي نہ سگهيو آهي، پر تاريخن مان معلوم ٿئي ٿو تہ هن بزرگ ٻارهين صديءَ جي اوائل ۾ وفات ڪئي. سندن مقبرو مڪليءَ ۾ عيدگاھہ جي اتر کان آهي. پنھنجي حياتيءَ ۾ فرمايو هئائين تہ منهنجي قبر بھشت جي طبقن مان هڪ طبقو آهي. خواجہ محمد زمان لنواري واري جو ارشاد آهي تہ سموريءَ مڪليءَ جي قبرستان ۾ مخدوم آدم جي مدفن جهڙو ٻيو ڪو متبرڪ مدفن نہ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو