مخدوم امير احمد

مخدوم امير احمد

مخدوم امير احمد

مخدوم امير احمد : نامور عالم مخدوم امير احمد پٽ مخدوم احمد 1901ع ڌاري خيرپور رياست ۾ کهڙن جي شهر ۾ جنم ورتو. سندس تعلق کهڙن جي مشهور مخدوم خاندان سان هو، جنهن سنڌ ۾ اسلاميشريعت کي رائج ڪرڻ لاءِ قربانيون ڏنيون. هن خاندان جو نسب نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جي سوٽ حضرت عبدالله بن عباس سان ملي ٿو. مخدوم امير احمد، 1912ع ۾ کهڙن جي اسڪول مان سنڌي چوٿون درجو پاس ڪيو. انهن ڏينهن ۾ سردار محمد ابراهيم شيخ کي ناز هاءِ اسڪول خيرپور کي زور وٺائڻ جو وڏو شوق هو، تنهنڪري سندس حڪم هو ته جتي به هوشيار شاگرد هجي، ان کي زوري وٺي اچي ناز هاءِ اسڪول ۾ داخل ڪيو وڃي، سندس سمورو خرچ کاڌو پيتو، رهائش، ڪتابن ۽ ذاتي خرچ برداشت ڪيو ويندو. مخدوم امير احمد نهايت محنتي ۽ هوشيار هوندو هو کيس به شيخ صاحب جي حڪم تحت ناز هاءِ اسڪول ۾ داخل ڪيو ويو هو. ان اسڪول ۾ فقط هڪ هفتي تائين پڙهيو، بعد ۾ والدين جي مرضي نه هئڻ ڪري اتان ڪڍايو ويو ۽ والدين کيس کهڙن ۾ حافظ محمد سليمان وٽ قرآن مجيد پڙهڻ لاءِ ويهاريو. قرآن مجيد جا ٻه سيپاره پڙهڻ کان پوءِ کيس اتان ڪڍائي، کهڙن جي ٻئي مدرسي ۾ مولوي بخش علي ٽنڊي شهبازي، دادوءَ واري وٽ ويهاريو ويو. جتي 3 مهينا پڙهيو ته سندس استاد وفات ڪري ويو، بعد ۾ کيس ساڳئي استاد حافظ سليمان وٽ موڪليو ويو. جنهن وٽ ڪجهه فارسيءَ جا ڪتاب پڙهيائين. ڪجهه عرصي بعد مولوي بخش عليءَ جي جاءِ تي مولانا محمد هاشم انصاري ڦلجيءَ واري کي مقرر ڪيو ويو، تڏهن هي وري ان مدرسي ۾ پڙهڻ ويو، جتي فارسي جو مروج نصاب اٺن مهينن ۾، ۽ عربيءَ جو سمورو نصاب چئن سالن ۾ پڙهي پورو ڪيائين. فارغ التحصيل ٿيڻ کانپوءِ ٻن سالن تائين ڳوٺ ۾ رهيو ۽ بعد ۾ مخدوم صاحبن جي مدرسي ۾ درس تدريس جو ڪم شروع ڪيائين. سندس محنت سبب پري پري کان ڪيترا شاگرد اچي مدرسي ۾ داخل ٿيا. 1926ع ڌاري مائٽن سان ناسازيءَ سبب شهر ڇڏي نوشهري فيروز ۾ حڪيم قاضي ميان احمديءَ جي تعاون سان قاضين جي مسجد ۾ مدرسو قائم ڪيائين. لاڳيتو ڇهن سالن تائين انهيءَ مدرسي ۾ پڙهائيندو رهيو، وٽائنس ڪيترا شاگرد پڙهي وقت جا وڏا عالم ثابت ٿيا، جن ۾ پير فضل احمد سرهندي، حڪيم قاضي عبدالهادي نوشهرائي ۽ مولوي محمد صادق ٻرڙو شامل آهن، جڏهن ته مولوي عبدالحق شڪارپوري ۽ مولوي دائود ٻگهيو کهڙن جي مدرسي ۾ وٽس پڙهيا. مخدوم صاحب نوشهري جي مدرسي ۾ پڙهائڻ دوران قرآن مجيد حفظ پڻ ڪري ورتو. ان کانپوءِ ٻارهين مئي 1932ع تي پاڻ نوشهري فيروز جي مدرسي هاءِ اسڪول ۾ پهريون عربي استاد مقرر ٿيو. هن اسڪول ۾ چوٿين درجي کان عربي پڙهائي ويندي هئي. 1938ع ۾ نوابشاهه جي لوڪل بورڊ هاءِ اسڪول جي هيڊ ماستر، حاجي مهر علي خواجه جي ڪوشش سان نوشهري مدرسي کي ڇڏي، نوابشاهه لوڪل بورڊ اي. وي اسڪول ۾ اچي عربي استاد مقرر ٿيو، جتي کيس عربي استاد هئڻ سان گڏ بورڊنگ هائوس جي چارج پڻ ڏني وئي. هن اسڪول کي هاءِ اسڪول جو درجو ملڻ کانپوءِ پهريون باغ به مخدوم صاحب جي ڪوشش سان رکرايو ويو. سال 1944ع ۾ حيدرآباد ۾ جامع عربيه/عربي يونيورسٽي قائم ڪرڻ لاءِ ڪانفرنس ٿي، جنهن ۾ هن نوابشاهه لوڪل بورڊ هاءِ اسڪول جي نمائندگي ڪندي، عربي جي مروج نصاب ۾ ترميم ڪرڻ لاءِ موثر ۽ مدلل تقرير ڪئي. جنهن ڪري 1945ع ۾ کيس جامع عربيه جي عربي ڊپارٽمينٽ جو سربراهه مقرر ڪيو ويو. 1946ع ۾ جامع عربيه جو پهريون پرنسپال مقرر ٿيو ۽ انهي ئي سال کيس سنڌ يونيورسٽيءَ جي سينيٽ جو ميمبر نامزد ڪيو ويو. هن 1952ع ۾ حرمين شريف جي زيارت جو شرف حاصل ڪيو ۽ ساڳئي سال ’سنڌ اوريئنٽل ڪاليج‘ جو پهريون پرنسپال مقرر ٿيو. 1951ع کان 1953ع تائين کيس ’مسلم گرلس ڪاليج‘ ۾ پارٽ ٽائيم استاد جي حيثيت سان بي. اي آنرس جي ڪلاسن ۾ عربي پڙهڻ لاءِ مقرر ڪيو ويو. سندس ڪوششن سان 1955ع ۾ اسلاميه ماڊرن هاءِ اسڪول قائم ٿيو، جنهن جو پاڻ جنرل سيڪريٽري ٿيو. ان کانسواءِ حمايت الاسلام هاءِ اسڪول حيدرآباد جي قيام لاءِ سندس ڪوششون وسارڻ جوڳيون نه آهن. پاڻ حمايت الاسلام ائسوسيئيشن سنڌ طبيه ڪاليج جي مجلس عامله ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ جي سينيٽ توڙي سينڊيڪيٽ جو ميمبر رهيو. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ پنهنجي هڪ مقالي ۾ لکيو آهي ته ’مخدوم صاحب سنڌ جي چوٽيءَ جي عالمن ۽ اديبن مان آهي. عربي لغت توڙي ادب ۾ ڪافي دسترس اٿس ۽ شايد ئي ڪو ٻيو سنڌي عالم اهڙي اهليت جو مالڪ هجي.‘ مخدوم صاحب جو سنڌي ادب ڏانهن شروع کان لاڙو هو. نوشهري مدرسي توڙي نوابشاهه هاءِ اسڪول ۾ ’بزم مشاعره‘ قائم ڪيائين، جنهن جو پاڻ صدر ٿيو. حيدرآباد ۾ نوڪري دوران مخدوم صاحب سنڌي ادب جي اڪثر حلقن ۾ حصو ورتو. سندس مضمون شاهه عبداللطيف يادگار مخزن توڙي ٻين رسالن ۾ شايع ٿيندا رهيا. اوريئنٽل ڪاليج مخزن سندس رهنمائيءَ هيٺ شايع ٿيندو هو. هن سنڌي ادبي بورڊ سنڌ جي ٽن مشهور تاريخي ڪتابن ’فتحنامه‘، ’تاريخ معصومي‘ ۽ ’تحفة الڪرام‘ کانئس جو سليس زبان ۾ ترجمو ڪرايو، جيڪو سندس ادبي ۽ تحقيقي ڪم جو ساکي آهي. مخدوم امير محمد جون ’سنڌي زبان سوسائٽيءَ‘ جي قيام ۽ جدوجهد جي ڏس ۾ به خدمتون وسارڻ جوڳيون نه آهن. 1958ع ۾ جنرل ايوب خان، ملڪ ۾ مارشل لا لاڳو ڪرڻ بعد هڪ ’قومي تعليمي ڪميشن‘ ان وقت جي مرڪزي سيڪريٽري محمد شريف جي نگرانيءَ ۾ مقرر ڪئي، جنهن کي ’شريف ڪميشن‘ سڏيو ويو، 1959ع ۾ جي هڪ رپورٽ ۾، پاڪستان جي جوڙ جڪ ۾ شامل قومي ٻولين (خاص ڪري سنڌي ٻوليءَ) جي تعليم کي ٽئين درجي تائين محدود ڪري، ثانوي ۽ اعليٰ ثانوي تعليم اردوءَ ۾ لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. ان آمرانه ۽ بي انصافيءَ تي ٻڌل رپورٽ/ فيصلي خلاف سنڌ جي استادن ۽ اديبن گڏجي، سنڌي زبان جي تحفظ لاءِ ’سنڌي زبان سوسائٽي‘ قائم ڪري جدوجهد هلائي. ان ۾ مخدوم امير احمد جو نمايان ڪردار رهيو. هن سوسائٽيءَ هڪ عرضداشت (Memorandum) مرتب ڪري، ان وقت جي مرڪزي وزير ذوالفقار علي ڀٽي جي معرفت، جنرل ايوب خان کي پيش ڪئي وئي. ان ڏس ۾ سوسائٽيءَ جو هڪ وفد، ’سنڌي زبان سوسائٽيءَ‘ جي صدر مخدوم امير احمد جي سربراهيءَ ۾، مرڪزي وزير تعليم، حبيب الرحمان سان، حيدرآباد ريلوي اسٽيشن تي مليو، جنهن وفد ۾ محمد ميمڻ (وڪيل)، سردار علي شاهه ’ذاڪر‘ (ايڊيٽر مهراڻ)، مولانا غلام محمد گرامي (ايڊيٽر مهراڻ)، حفيظ قريشي (وڪيل)، غلام علي الانا (ليڪچرر سنڌ يونيورسٽي ۽ سيڪريٽري سنڌي زبان سوسائٽي) شامل هئا. اڳتي هلي استادن، شاگردن، اديبن، قومي سياستدانن ۽ سنڌي ادبي سنگت جي احتجاجن ۽ جدوجهد بعد آڪٽوبر 1962ع ۾ ايوب خان کي پنهنجو فيصلو واپس وٺڻو پيو. مخدوم امير احمد، ان طرح پاڻ کي هن جدوجهد ۾ شامل ڪري، سنڌي زبان ۽ سنڌ جو سچو سڄڻ ثابت ڪيو. مخدوم امير احمد، 26 فيبروري 1971ع ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو