مخدوم ساهڙ لنجار

مخدوم ساهڙ لنجار: مخدوم ساهڙ پُٽ مخدوم معزالدين لنجار، مخدوم بلاول شھيد جو وڏو خليفو هو، جيڪو مخدوم بلاول جي صحبت ۾ رهي، وطن دوست تحريڪ ۾ شامل رهيو. مخدوم بلاول جي شهادت کانپوءِ چيو وڃي ٿو تہ هن مخدوم نوح سرور کان فيض حاصل ڪيو. اها ڳالھہ ڪتاب ’دليل الذاڪرين‘ ۾ هن ريت ڄاڻايل آهي ته، ”پنھنجي هڪ مائٽ شيخ محمود ولد صديق فخريه کان حضرت مخدوم نوحرح جو مرتبو معلوم ڪري، حضرت شاھہ عبدالڪريم بلڙيءَ واري جي معرفت مخدوم نوح جي خدمت ۾ پهتو، تہ مخدوم نوح چيس: ”خوش آمديد مخدوم ساهڙ!“ مخدوم ساهڙ ان تي عرض ڪيو تہ: ”اوهان کي منهنجي نالي جي خبر ڪيئن پئي؟“ مخدوم نوح وراڻيو تہ: ”مون کي خبر ڏيڻ واري خبر ڏني.“ پوءِ پاڻ مجلس ۾ موجود شيخ هوٿي لاکي سان گڏجي ڪلمي جي ذڪر جي تلقين ورتائين ۽ خلافت جي درجي تي پهتو. هي وڏو عالم هو. مخدوم بلاول جي شهادت کانپوءِ بلاولي تحريڪ کي منظم ڪيائين. پاڻ 20 نومبر 14 رجب 980ھہ/ 1572ع تي وفات ڪئي. روايت موجب مخدوم ساهڙ جي جنازي جي نماز مخدوم نوح پڙهائي. کيس انڙپور ضلعي ڄام شوري ۾ هڪ ٽڪريءَ تي دفنايو ويو. مخدوم ساهڙ جو مقبرو، انڙپور شھر (تعلقي ڪوٽڙي، ضلعي ڄام شوري ۾) کان اتر اولھہ ٻن ڪلوميٽرن پنڌ تي موجود آهي. مقبرو سڌي ٽڪريءَ تي، رٿ ۾ چوڪنڊو آهي ۽ مٿان گنبذ اٿس. مقبري جو دروازو ڏکڻ طرف آهي، جنهن تي اڪر جو ڪم ٿيل آهي، مقبري ۾ ٻہ قبرون آهن، ڇٽيءَ واري قبر مخدوم ساهڙ جي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1572.11.20  عيسوي

پاڻ 20 نومبر 14 رجب 980هه/ 1572ع تي وفات ڪئي. روايت موجب مخدوم ساهڙ جي جنازي جي نماز مخدوم نوح پڙهائي. کيس انڙپور ضلعي ڄام شوري ۾ هڪ ٽڪريءَ تي دفنايو ويو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڪليم ﷲ لاشاري ڊاڪٽر
شيخ قائم خان خانبهادر
نظير احمد چارڻ ڊاڪٽر
داغ دهلوي
ستيه پال
عبدالتواب خان ڊاڪٽر
ڪشنچند خوبچنداڻي رنجايل
شوڪت حيات خان سردار
بدر ابڙو
راجا رام موهن راءِ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون