مخدوم ضياءُالدين ٺٽوي

مخدوم ضياءُالدين ٺٽوي: مخدوم ضياءُ الدين جو شجرو هن ريت آهي. مخدوم ضياءُ الدين ولد مخدوم ابراهيم ولد مخدوم هارون ولد مخدوم عمائب ولد مخدوم الياس. مخدوم صاحب نسب ۾ عراق جي مشھور صوفي عالم شيخ شھاب الدين سھروردي صديقيءَ (وفات 632ھہ/ 1234ع) سان وڃي ملي ٿو. مخدوم ضياءُالدين جا وڏا ورياھہ تعلقي جوڻ ۾ رهندا هئا، جتان مخدوم الياس جو پوٽو مخدوم هارون لڏي اچي ٺٽي ۾ ويٺو. اُتي کيس فرزند ابراهيم پيدا ٿيو، جو هڪ وڏو عالم ۽ صوفي صالح هو. ابراهيم کي سن 1091ھہ/ 1680ع ۾ ضياءُ الدين تولد ٿيو. مخدوم ضياءُالدين ٺٽي جي وڏي عالم مخدوم عنايت کان علم حاصل ڪيو ۽ انهيءَ ساڳي بزرگ وٽان علامہ محمد معين ٺٽويءَ بہ ظاهري علمن جو فيض پرايو هو ۽ آخري وقت مخدوم محمد هاشم بہ وٽس پڙهيو هو. ايڏي وڏي عالم جو شاگرد مخدوم ضياءُالدين خود بہ هڪ وڏو نامور ۽ فاضل عالم ٿيو، جنهن علمي تحصيل کان پوءِ پنهنجو جدا مدرسو قائم ڪيو، جنهن مان سوين ماڻهو فيضياب ٿيا، انهن ۾ مخدوم نعمت ولد عبدالجليل سندس ڏوهٽو، مخدوم محمد هاشم ۽ ميان محمد ولد مخدوم احمد ٺٽوي شامل آهن. مخدوم ضياءُ الدين عام ماڻهن جي سهولت لاءِ نماز روزي، زڪوات ۽ حج جا مسئلا سنڌي ڏوهيڙن ۾ ڪتابي صورت ۾ لکيا، جن کي مخدوم ”ضياءُ الدين جي سنڌي“ سڏيو وڃي ٿو. مخدوم ضياءُالدين جو اهو رسالو اڳتي هلي بمبئيءَ مان ڇپيو، جيڪو ’مخدوم ابوالحسن جي سنڌيءَ‘ کان پوءِ ابتدائي فقهي مسئلن سکڻ لاءِ ڏاڍو ڪارآمد آهي. مخدوم ضياءُ الدين 80 سالن جي ڄمار ۾ سن 1171ھہ/1757ع ۾ هن دنيا فاني مان لاڏاڻو ڪيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو