مخدوم عبدالواحد سيوستاني : مخدوم عبدالواحد سيوستانيءَ جو جنم 1150هه/ 1737ع ڌاري مخدوم دين محمد جي گهر ۾ سيوهڻ ۾ٿيو. هيءُ نه صرف ظاهري علمن جو ماهر هو، بلڪ تصوف سان پڻ شغف هئس، فقھ حنفيءَ ۾ مهارت رکڻ سبب امام ابو حنيفهرح جي نسبت سان نعمان ثاني به سڏجڻ لڳو. هو فن تحرير ۽ فقه ۾ پنهنجو مثال پاڻ سمجهيو ويندو هو. مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ کانپوءِ عوام جو رجوع مخدوم صاحب ڏانهن ئي نظر اچي ٿو. درس ۽ تدريس سان نهايت دلچسپي هئس، مذهب جا ڪيترائي مسئلا حنفي قانون کي سامهون رکي پنهنجي اجتهاد سان حل ڪيائين. ان وقت جا وڏا عالم سندس فيصلن کي مڃڻ کي ترجيح ڏيندا هئا. سندس فتويٰ نويسي وسيع پيماني تي جاري ٿيندي هئي. سندس شاگرد مولانا محمد افضل انهن فتوائن کي گڏ ڪندو هو، جنهن ڪيترن جلدن تي مشتمل هڪ ڪتاب تيار ڪيو ۽ ان جي بابن کي ٽن جلدن ۾ ورهايو. هن ڪتاب کي عام طرح ’بياض واحدي‘ يا ’فتويٰ واحدي‘جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو. حالانڪ ان جو نالو ’جمع المسائل اعليٰ حسب النوازل‘ آهي. فتويٰ واحديءَ جا نسخا اڄ به سنڌ ۽ سنڌ کان ٻاهر هندستان، ڪشمير، افغانستان تائين اهل ذوق جي ڪتب خانن ۾ نظر اچن ٿا. بياض واحديءَ ۾ عربي ۽ فارسيءَ کانسواءِ سنڌي لفظن جو استعمال پڻ ملي ٿو. بياض واحديءَ کانسواءِ مخدوم صاحب جا مختلف موضوعن تي ڪيترا ننڍا وڏا رسالا موجود آهن. بياض واحدي ۽ رسالن جو سنڌي ترجمو مخدوم سليم الله صديقيءَ تازو شايع ڪرايا آهن. رسالن جا نالا هي آهن: (1) اربعون حديثاً، (2) احسن الفهم والعقل في جمع الڪسب والتوڪل، (3) ارشاد الصواب لمن وقع في بغض الاصحاب، (4) تهدير الغافر علي تعذيب الڪافر، (5) ڪشف الڪامن في علم الباطن، (6) تيسير القدير في اضحية الفقير، (7) طريق السداد في وجوب الاعتدا، (8) السبيل الوسطيٰ في اعفاءِ اللحيٰ، (9) ايضاح العاقبة في سوال العافية، (10) بسط المقال في حل الاشڪال، (11) انوار الفيوضات الباطنية في امتياز اهل الباطن والباطينة، (12) ازالة الا شتباه في قطع همزه يالله، (13) القول الجلي في تذڪير البغي، (14) جبر السڪين في ڪسر التنوين، (15) تسهيل الصعب في ابيات ڪعب، (16) امداد النبي في استمداد الولي، (17) اربعون حديثا في باب الجهاد، (18) لطف اللطيف في اعطاءُ الرغيف، (19) اربعين في رشد الطالبين، (20) رسالھ في العيد، (21) رش الانوار حاشيه در المختار، (22) حاشيه الاشباه والنظائر، (23) نص السارب في قطع الشارب، (24) رساله در عدالت امير معاويه، (25) رساله در حرمت دخان،(26) ديوان واحدي، (27) انشاء واحدي، (28) قلندر نامه، (29) اصدق التصديق با صلية الصدق، (30) الازهار المتناثره في الاخبار المتواتره، (31) مراة الحليھ، (32) غاية الصراحة في تحريم النياحة، (33) جودة الطب في ڪثرة السبح، (34) البراهين الغر في منع بيغ الحر، (35) فضائل ربيع،(36) سبيل الواسلين، (37) الاسڌاک للدراک، (38) اربعين بروايت سراج المسلمين، (39) السير المطلوب في زيارة اڪبر محبوب. وقت جي فقيهه ۽ عالم امام مخدوم عبدالواحد مير غلام علي خان جي عهد ۾ 14 رمضان المبارڪ 1224هه مطابق 23 آڪٽوبر 1909ع تي وفات ڪئي. هڪ شعر مان ابجد جي حساب سان سندس تاريخ وفات نڪري ٿي: رحلت مخدوم عبدالواحد از دنيا نمود، سهروردي گفت هاتف ختم العلماءِ بود. مخدوم صاحب جي مزار سيوهڻ ۾ ڇٽي امراڻيءَ جي ڀرسان خانداني قبرستان ۾ پنهنجي والد مخدوم دين محمد ۽ ڏاڏي مخدوم عبدالواحد ڪبير پاٽائيءَ سان گڏوگڏ آهي.