مخدوم محمد عارف سيوستاني : هيءُ بزرگ ابن ڏاڏن کان حنفي مذهب جي عالم خاندان جو فرد هو، هي پاڻ بہ عالم، فاضل، عارف، علم فقہ ۽ تفسير جو وڏو ماهر ۽ بھترين خطاط هو. هن بزرگ ظاهري علم پنھنجي چاچي مخدوم عبدالواحد صغير نعمان ثاني (محمد احسان) بياض وٽ حاصل ڪيا ۽ نقشبندي مجددي طريقي ۾ بہ ساڻس بيعت ڪيائين. ڪجهه تعليم پنھنجي والد وٽان پڻ ورتائين. مخدوم عبدالواحد صغيرسيوستاني پنھنجي حياتيءَ ۾ هن کي سند ڏئي پنهنجو جان نشين مقرر ڪيو. مخدوم نعمان ثانيءَ 1124ھہ ۾ وفات ڪئي تہ هن بزرگ فتوى ۽ قضا جو ڪم پنھنجي هٿ ۾ کنيو ۽ مدرسي جو انتظام احسن طريقي سان هلندو رهيو. هن ڪيترائي ناميارا شاگرد ۽ عالم پيدا ڪيا، جن مان حاجي فضل ﷲ پاٽائي، خليفو حڪيم غلام محي الدين عباسي سيوستاني ۽ سندس فرزند ڪامل امجد سيوستاني مشھور ٿي گذريا آهن. سندس حياتيءَ ۾ هن بزرگ جا شاگرد هن جي فتوائن کي جمع ڪندا هئا، جو بياض مخدوم محمد عارف نالي سان هڪ جامع ڪتاب تيار ٿي ويو. اڄ بہ سنڌ جا عالم اهو بياض سند طور ڪتب آڻيندا رهن ٿا. علامہ غلام مصطفى قاسمي، رسالي ’الرحيم‘ جي سال 1988ع جي جنوري، فبروريءَ واري شماري جي صفحي 48-47 تي لکي ٿو ته، اسان کي مخدوم محمد مراد صديقيءَ جي ڪتب خاني (مفيد عام لائبرري) ۾ ڪي قلمي ڪتاب نظر چڙهيا، انهن تي مخدوم محمد عارف جون مختلف تحريرون ۽ خود نوشت نوٽ نظر آيا، جن مان سندس علمي ذوق جو پتو پوي ٿو. مخدوم محمد عارف سيوستانيءَ 1258ھہ/ 1842ع ۾ سيوهڻ ۾ وفات ڪئي، سندس تربت خانداني قبرستان ۾ آهي.